سجاد علي شاهه جسٽس

سجاد علي شاهه جسٽس

سجاد علي شاھہ جسٽس

سجاد علي شاھہ، جسٽس: قانوني ماهر ۽ پاڪستان سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس (رٽائرڊ) سيد سجاد علي شاھہ، 17 فبروري 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق ڪراچيءَ جي قديم وستي لياريءَ سان آهي. 1951ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1956ع ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. 1959ع ۾ دنيا جي اعلى تعليمي اداري لنڪنن اِن، لنڊن مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1960ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ جي حيثيت سان عملي زندگيءَ ۾ پير پاتائين، 1963ع ۾ ئي سندس مقرري ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور ڪراچيءَ ۾ ٿي. 1967ع ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿيو. ون يونٽ دوران سندس نوڪري پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ رهي، جڏهن ون يونٽ ختم ٿيو، تڏهن سنڌ ۾ آيو. 1974ع ۾ وفاقي قانون واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽريءَ واري عهدي تي فائز رهيو. 1977ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ رجسٽرار مقرر ٿيو. 1978ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو. سجاد علي شاھہ جج هجڻ سان گڏوگڏ چيئرمئن اليڪشن اٿارٽيءَ جي اضافي چارج بہ ورتي، جڏهن تہ چيئرمئن اسپيشل ڪورٽس ۽ چيئرمئن اپيليئيٽ ڪورٽس (ڪمشنر) جا عهدا بہ کيس ڏنا ويا. هو مهراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ ڄامشوري جي سينڊيڪيٽ ۽ سينيٽ جو ميمبر ۽ آغا خان يونيورسٽيءَ جي بورڊ جو ميمبر آف ٽرسٽيز بہ رهيو. سجاد علي شاھہ، 1989ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس رهڻ کانپوءِ ساڳئي ئي سال انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو ويو. 1992ع ۾ سپريم ڪورٽ جو جج بڻيو ۽ 1994ع ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جو عهدو ماڻيائين. سجاد علي شاھہ، پاڪستان لا ڪميشن جو سربراھہ، پاڪستان جوڊيشنل اڪيڊميءَ جو چيئرمئن ۽ سپريم ڪورٽ جوڊيشنل ڪائونسل جو چيئرمئن بہ رهيو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. سجاد علي شاھہ 07 مارچ 2017ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.02.17  عيسوي

انوني ماهر ۽ پاڪستان سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس (رٽائرڊ) سيد سجاد علي شاهه، 17 فبروري 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.


2017.03.07  عيسوي

سجاد علي شاهه 07 مارچ 2017ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏاهري غلام محمد
ايوب کوسو 2
هنود
بلاول شاھہ حسيني
ابن الهيثم
ڪمار ٿڌاڻي
قمر جھان مرزا ڊاڪٽر
آغا وقار پٺاڻ
عبدالباقي صديقي بکري
بھادر خان کوکر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون