سجاد حسين ڀٽي

سجاد حسين ڀٽي: نامياري زرعي ۽ تعليمي ماهر سجاد حسين ڀٽي، 14 جولاءِ 1939ع تي پنجاب جي ڳوٺ گليانا ۾ عنايت علي حسين ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ان وقت سنڌ جي ٻيلي کاتي ۾ آفيسر هو، جنهن جي نوڪري سبب سندس ٻالڪپڻ جو ڳچ حصو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريو. اهڙيءَ طرح جيئن هن هوش سنڀاليو تہ پاڻ کي سنڌ ڄائو سمجهڻ لڳو. سجاد حسين پرائمري تعليم ڪنڌڪوٽ ۽ ڪنڊياري مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوابشاھہ مان پاس ڪرڻ بعد زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄا۾ ۾ داخل ٿيو، جتان هن پلانٽ پئٿالاجي ۾ ڊگري ورتي ۽ اتي ئي پهريان ڊمانسٽريٽر طور ملازمت اختيار ڪئي. سجاد حسين ڀٽي بطور شاگرد ڪاليج جي سماجي سرگرمين جو روح روان هو. ان دوران هن ڪاليج ۾ ڪافي اسٽيج ڊرامن ۾ بہ ڪم ڪيو. هن ڪجهہ عرصو زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ نوڪري ڪئي، بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي زرعي تربيتي اداري سڪرنڊ ۾ ان وقت جي ڪلاس ٽو ڪيڊر ۾ سينئر انسٽرڪٽر طور ڀرتي ٿيو، جتي پاڻ وائيس پرنسپال ۽ پوءِ پرنسپال بہ رهيو. سجاد حسين ڪاليج کي جديد تعليم ڏانهن وٺي ويو، جتي هن پهريون ڀيرو ڇوڪرين لاءِ الڳ اڪيڊمڪ بلاڪ ۽ هاسٽل منظور ڪرائي انهن لاءِ زرعي تعليم جو بنياد وڌو. سکيا وٺندڙ شاگردن ۽ آفيسرن لاءِ الڳ الڳ ميل- فيميل هاسٽلون ٺهرايون، عملي جي رهائش لاءِ جديد ڪالوني تعمير ڪرائي، اداري ۾ هڪ وڏو آڊيٽوريم هال ۽ شاگردن جي عملي سکيا لاءِ ليبارٽريون قائم ڪرايون. هن بطور سينئر انسٽرڪٽر ۽ پرنسپال جي هزارين شاگرد منظرعام تي آندا. هن هڪ زرعي ماهر جي حيثيت ۾ آمريڪا، برطانيا، اٽلي، فرانس، بئنڪاڪ، فلپائن، جي مختلف ادارن مان سکيا حاصل ڪري زرعي تربيتي اداري سڪرنڊ ۽ آبادگارن سان رابطي وارن پروگرامن کي اڳتي وڌايو. هن اتر سنڌ جي شاگردن لاءِ جيڪب آباد لڳ الڳ زرعي تربيتي ادارو قائم ڪرايو. ان کان سواءِ هن زرعي توسيعي کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر کان سواءِ آئل سيڊ ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور بہ خدمتون سرانجام ڏنيون. ان بعد کيس ترقي ڏئي ڊائريڪٽر ٽريننگ مقرر ڪيو ويو. ان دوران هن کاتي جي نوجوان آفيسرن ۽ هارين جي حوصلا افزائي ڪرڻ خاطر عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، برٽش ڪائونسل ۽ ٻين عالمي ادارن سان رابطا ڪري کين پرڏيھہ سکيا لاءِ موڪليو. سندس دؤر ۾ وڌ کان وڌ آفيسر ٻاهران سکيا وٺي موٽيا، جيڪي اڄ زرعي شعبي ۾ پنھنجي جدا سڃاڻپ قائم ڪري چڪا آهن. هن ڊائريڪٽر ٽريننگ جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيو، پر رٽائرمنٽ کانپوءِ بہ زرعي تربيتي اداري سڪرنڊ ۾ رضاڪارانه طور نوجوانن کي ليڪچر ڏيندو رهيو. هي پنھنجي شعبي سان نهايت ئي سچو رهيو. سجاد حسين ڀٽيءَ 13 مئي 2011ع تي وفات ڪئي.


لفظ سجاد حسين ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.07.14  عيسوي

نامياري زرعي ۽ تعليمي ماهر سجاد حسين ڀٽي، 14 جولاءِ 1939ع تي پنجاب جي ڳوٺ گليانا ۾ عنايت علي حسين ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2011.05.13  عيسوي

سجاد حسين ڀٽيءَ 13 مئي 2011ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شھاب الدين حڪيم
آهوجا ميول نيوند رام
چارلي چپلن (Charlie Chiplin)
عبدالعزيز ميمڻ مولانا
طفيل علي عبدالرحمان
شيخ عزت ﷲ ٺٽوي
احسان بدوي
پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
خالد محمود سومرو ڊاڪٽر
محمد ڪريم اصفهاني ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون