
ست نارائڻ مندر
ست نارائڻ مندر: هي مندر مٺي در، ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. 1999ع ۾ هي مندر ايويڪيو پراپرٽيءَ پاران هڪ ٺيڪيدار حبيب کي 30 سالن جي ليز تي ڏنو ويو هو، جنهن تي اقليتي ماڻهن احتجاج ڪيو. مندر جو گهڻو حصو بلڊر مافيا تباھہ ڪري ڇڏيو آهي. مندر مان مورتيون هٽايون ويون آهن ۽ سنڀاليندڙ پوڄاريءَ کي چون ٿا تہ ڀڄايو ويو آهي. هي مندر کجور بازار قواري مندر جي نالي سان بہ مشھور آهي. هن مندر جي حفاظت ضروري آهي.