ستياوادي پکشڪ (اخبار): هيءَ پندرهن روزہ سنڌي اخبار، 1931ع کان تاراچند گاجرا جي ادارت ۾ سوراج پريس شڪارپور مان ڇپجي پڌري ٿي. ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رام مئگزين ۾ هن رسالي تي سمالوچنا پيش ڪندي رام موٽواڻيءَ لکيو هو ته، ”شڪارپور، سنڌ مان ٻہ دفعا مهيني ۾، نڪرندڙ ’آريا سماج‘ جي سڌانت پٺيان هلندڙ اخبار آهي. هر هڪ دفعي ڊيمي سائيز ۾ چڱن پنن تي اٺن صفحن جو پرچو نڪري ٿو، جنهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن جو واءُ سواءُ، ٽيڪاٽپڻي، ويچار ۽ واقفيت ڏئي وڃي ٿي. هن وقت ۾ جيڪي پرچا نڪتا آهن، تن سان ڪو نہ ڪو پستڪ (ڪتاب) بہ ساڻ ڏنو وڃي ٿو. هن اخبار جو چندو سال لاءِ ٽي روپيا آهي.