ستيئڙو مندر

ستيئڙو مندر

ستيئڙو مندر

ستيئڙو مندر (Sutiaro Temple): هيءُ مندر تعلقي ٺري ميرواھہ، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. هيءُ مندر نهايت آڳاٽي وقت کان قائم آهي، جنهن جي ڪيترا ڀيرا مرمت بہ ٿي آهي. مندر جي موجودہ عمارت نئين سري 1942ع ڌاري ٺاهي وئي هئي، جنهن ۾ بہ مرمتي ڪم دوران ڪيتريون تبديليون آنديون ويون. مندر جي سامهون ساڳئي نالي سان هڪ قديم مسجد بہ موجود آهي. مندر جي ڀر ۾ هڪ ستيئڙو نالي دڙو موجود آهي، جنهن جي کوٽائي نہ ٿي آهي. مندر تي هن دڙي تان ئي نالو پيل ٿو ڏسجي. مندر جي ڀر ۾ قائم ڳوٺ ۾ ڪٻر ذات جا ماڻهو اڪثريت سان رهائش پذير آهن ۽ هن وقت عبدالخالق ڪٻر نالي سان سڏجي ٿو. مندر جي موجودہ عمارت نئين دور جي تعمير آهي، جنهن کي چوڌاري ڇھن کان ستن فوٽن جي ڀت ڏنل آهي، وشال اڱڻ ۾ پڪيون سرون هڻي فرش ٻَڌو ويو آهي، جڏهن تہ اڱڻ ۾ نم جا وڻ موجود آهن.
مندر جي عمارت ٽن ڪمرن ۽ ورانڊي تي مشتمل آهي، مکيہ عمارت جي اتر ۾ مسافرن جي رهائش لاءِ لانڍي ٺاهي وئي آهي. مکيہ عمارت جي مهاڙيءَ ۾ اڱڻ اندر ئي ننڍي ڀت ڏئي ڪجهہ مٿڀرو سيمينٽ جو فرش ٻڌي وڏو ٿلهو ٺاهيو ويو آهي. عمارت جي ورانڊي ۾ اٺ لنگهہ آهن، مٿان اڍائي فوٽن جو ڇڄو ٻاهر نڪتل آهي. ڇڄي مٿان هوا جي لنگهہ لاءِ سيمنيٽ جون ڄاريون هنيون ويون آهن. مندر جي مهاڙي ۽ ٻنهي پاسن کان ٻاهرئين طرف ڳاڙهو رنگ ڪيل آهي، جڏهن تہ لنگهہ، ڇڄو ۽ ڄاريون چُن سان لتل آهن. ٻيڙٻنو ڇت کان مٿي ڪري اولو ٺاهيو ويو آهي. مندر ۾ ٽي ڪمرا آهن، جن مان ڏکڻ طرف واري ڪمري جون دريون کلن ٿيون، باقي ڪمرن کي دريون آهن، جيڪي ورانڊي ۾ کلن ٿيون. اتر واري پاسي کان ڇت تي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ بہ ٺاهي وئي آهي. مندر جي عمارت پڪي ۽ سيمنيٽ سان تعمير ٿيل ۽ آئل پينٽ ڪيل آهي. هن مندر تي هر سال ميلو لڳي ٿو ۽ ياتري اچن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو