
سترام داس سنت
سترام داس، سنت: سنڌ- هند جي مشھور ڀڳت، سنت سترام داس جو جنم، 25 آڪٽوبر 1866ع تي، ڀڳت کوتارام جي گهر، ڳوٺ رهڙڪي صاحب، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. ايشور ڀڳتي، سخاوت، هوشياري ۽ سماجي ڀلائيءَ سبب هنڌين ماڳين سندس هاڪ هئي. ’سچي سترامداس‘ جي نالي سان مشھور هي غريب پرور ڀڳت ۽ سنت جتي بہ ڀڳتي وجهڻ لاءِ ڪوٺيو ويندو هو، اتي کيس نذراني طور ملندڙ هزارين روپيا انهيءَ ئي ڳوٺ يا شھر جي غريبن ۽ يتيمن ۾ ورهائيندو هو يا اتي سکيا گهر، پاٺشالا، ڌرم ڀونگي (مسافرخانا)، اسڪول يا اسپتال ٺهرائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيندو هو. کيس ملندڙ نذرانو مسڪينن لاءِ هو. هندو توڙي مسلمان وٽس دعا لاءِ ايندا هئا. هڪ دفعي روهڙيءَ ۾ ڀڳتي ڪندي درگاھہ وسڻ گهوٽ جي گادي نشين امرداس کيس عرض ڪيو تہ سائين! اولاد نہ ٿو ٿئي، دعا ڪريو. سنت سترامداس کيس چيو تہ: ”ايشور ڀڳتيءَ ويلي سوال ڪر ۽ مالڪ جي تعريف ۾ سلوڪ چئہ“. چون ٿا تہ هن ٽي سلوڪ چيا ۽ کيس هڪٻئي پٺيان ٽي پٽ ڄاوا. ڪي غريب وٽس نياڻين جي شاديءَ لاءِ سوال کڻي ايندا هئا تہ کين پيسا ڏئي سندن ڏاج ۾ مدد ڪندو هو. ڪن کي ڪاروبار لاءِ رقم ڏيندو هو تہ جيئن ڪنهن جي آڏو هٿ نہ ڦهلائين. سنت سترامداس کي ڪوئيٽا، قلات، ملتان، جيڪب آباد، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، شڪارپور سميت ڪيترن علائقن ۾ ڀڳتيءَ ۽ دعا لاءِ دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو ۽ سندس وڃڻ کانپوءِ اتي فلاحي ڪم شروع ٿي ويندا هئا. وڏا وڏا سردار بہ کيس ڀڳتيءَ لاءِ گهرائيندا هئا ۽ کانئن مليل نذرانو ۽ سوغاتون غريبن جي حوالي ڪندو هو. سنڌ جو مشھور ڀڳت ڪنوررام سندس خاص شاگرد هو ۽ اڳتي هلي ڪنوررام پڻ سندس نقش قدم تي هليو. چون ٿا تہ سنت سترام داس جڏهن ڀڳتيءَ ۾ ڇير، جامو ۽ پڳ پائي آلاپ ڪندو هو تہ وجد ۾ اچي ويندو هو ۽ ٻڌندڙ سحر ۾ سمائجي ويندا هئا. سندس عقيدتمندن جو چوڻ آهي تہ هو ڏڪار سٽيل علائقن ۾ وڃي سارنگ راڳ آلاپيندو هو تہ مالڪ جي ڪرم سان مينهن ڪڻيون پونديون هيون. ائين سورٺ راڳڻيءَ جا بہ سُر آلاپيندو هو.
سنت سترامداس 25 جنوري 1910ع تي جڏهن هيءُ سنسار ڇڏيو پئي تہ ٻاهران پهتل مختلف ڀڳت، پئنچائتي، گاديسر، شيواداري ۽ رشتيدار ڀائي ڪنوررام سميت ڏاڍا ڏکارا هئا، پر آخري گهڙين ۾ بہ سنت سترامداس مرڪندي چيو تہ : ”ڪنور! مون توکي ايترو ڪجهه ڏنو آهي، جو هاڻي توکي ڪنهن جي رهبريءَ جي ضرورت درپيش نہ ايندي، بس ماڻهن کي گهرجي تہ پنهنجون خوشيون وساري، آسپاس جي بي سهارن جو سهارو بڻجن.“
سنت سترامداس ڌام آسٿان، رهڙڪيءَ ۾ اڄ بہ هزارين عقيدتمند سندس جنم ڏينهن تي ٿيندڙ ميلي ۾، هر سال حاضري ڀرين ٿا. سندس ڏيوريءَ جي چرنن ۾ ڀڳت ڪنوررام بہ آرامي آهي.
1866.10.25 عيسوي
سنڌ- هند جي مشهور ڀڳت، سنت سترام داس جو جنم، 25 آڪٽوبر 1866ع تي، ڀڳت کوتارام جي گھر، ڳوٺ رهڙڪي صاحب، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ ٿيو.
1910.01.25 عيسوي
سنت سترامداس 25 جنوري 1910ع تي جڏهن هيءُ سنسار ڇڏيو