ستار پيرزادو

ستار پيرزادو

ستار پيرزادو

ستار پيرزادو: ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ مترجم ستار پيزادي جو پورو نالو عبدالستار ولد دوست علي پيرزادو آهي. سندس جنم 29 جنوري 1950ع تي ٻلهڙيجيءَ ڀرسان ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم 1962ع ۾ ڳوٺ اجي سڪول مان ورتي، مئٽرڪ 1968ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان ڪيائين ۽ بي. اي 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين.
ستار پيرزادي، ملازمت جو آغاز 1968ع ۾ لئب اسسٽنٽ طور ڪيو. ستار صحافت جو آغاز روزاني ’عوامي آواز‘ کان ڪيو، ان جي
هفتيوار ادبي صفحي ’تخليق‘ جو اڍائي سالن تائين انچارج رهيو.
ستار پيرزادو، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ جي پليٽفارم تان هن وقت تائين 40 کن ڪتاب ڇپائي چڪو آهي.
سندس طبعزاد ڪتابن ۾: (1) ’سيئي جوڀن ڏينهن‘ (ڪهاڻيون: 2008ع)، (2) ’سورن سانباهو‘ (شاعري : 2010ع) شامل آهن، جڏهن تہ ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ ’پيغامبر‘ (ترجمو: 1985ع)، ’مون کي محبت آهي‘
(1996ع)، ’تيرهون سج‘ (1999ع)، ’سرمد شھيد‘ (2002ع)، ’آوارہ‘ (شيخ اياز جي ڪهاڻين جو اردو ترجمو: 2009ع)، ’شاھہ جي شرح‘ (يار محمد فقير: 1998ع) شامل آهن.
ستار پيرزادو، هن وقت ’پيرزادا اينڊ ڪمپني‘ ڪراچيءَ ۾ پراڊڪٽ اسپيشلسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.01.29  عيسوي

ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ مترجم ستار پيزادي جو پورو نالو عبدالستار ولد دوست علي پيرزادو آهي. سندس جنم 29 جنوري 1950ع تي ٻلهڙيجيءَ ڀرسان ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقير خير محمد صوفي
’دردي صاحب خان جروار
رضوي همت علي شاھہ
کيئلداس فاني
فقيرعبدالرحيم عبد مڱريو
فقيرعبدالغني ڀٽي اياز
احمد فقير لغاري
ادراڪي بيگلاري
احسان علي
احمد رضا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون