سبڪتگين ۽ جئپال (عرف عيد جو چنڊ): هن ڪتاب ۾ پنجاب جي راجا سبڪتگين تي اڳرائي ۽ جوابي جنگين جو احوال آيل آهي. پنجاب جي راجا جئپال سن 77ع ۾ ڪابل تي قبضي ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو، جنهن کي روڪڻ لاءِ سلطان سبڪتگين پنهنجون فوجون لمغان تائين آڻي ساڻس مقابلو ڪري، کيس شڪست ڏني. 36 صفحن تي مشتمل هن ناول جي قيمت 0-6-0 هئي ۽ هاشمي پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو. هي ڪتاب سال 1945ع ۾ هاشمي اليڪٽرڪ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو.