سبزل ڪوٽ: سبزل ڪوٽ وارو علائقو پهريائين بھاولپور جي نواب محمد صادق جي هٿ هيٺ هو، جنهن جي دٻاءُ سبب مير غلام علي خان (1802ع-1812ع) سندس خلاف لشڪر چاڙهي موڪليو ۽ نواب جي فوج کي شڪست آئي. ان بعد صلح جي عھد نامي موجب سبزل ڪوٽ وارو علائقو مير صاحب کي مليو. سبزل ڪوٽ يا ڪوٽ سبزل اوٻاوڙي کان اٽڪل ڏھہ ٻارنهن ميل اوڀر طرف ملتان ڏانهن ويندڙ پڪي شاهراھہ تي هيئنر هڪ وسندڙ ڳوٺ آهي، جتي ڪچي مٽيءَ جو جهونو ڪوٽ خستہ حالت ۾ اڃا تائين موجود آهي. (حوالو: ’ڪليات حمل‘)