ساک

ساک: لغت موجب ’ساک‘ لفظ جي معنيٰ ’قسمي ڳالھہ، سچائيءَ جي ثابتي يا اکين ڏٺي احوال جي گواهي‘ آهي. ويساھہ يا اعتبار کي سنڌيءَ ۾ ’ساک‘ چوندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن تي ڪنهن جي قتل، چوريءَ، ڦر يا ٻئي ڪنهن ڏوھہ جو شڪ هوندو آهي، تہ دستور موجب شڪي جوابدار قرآن پاڪ تي هٿ رکي گواهن اڳيان پاڻ کي ڏوھہ کان آجو قرار ڏيارڻ لاءِ ’ساک‘ ڏيندو آهي. سنڌ ۾ قرآن شريف کي ’ڀلو سونهارو‘ چوندا آهن. عام طور چئبو آهي تہ فلاڻي ماڻهوءَ ڀلي سڳوري تي هٿ رکي ساک ڏني آهي تہ هن اهو ڏوھہ ناهي ڪيو. ساک وٺڻ جو ٻيو طريقو ڪن هنڌن تي وڏن الزامن هيٺ ٿيندڙ فيصلن ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ’چرڀيلي‘ چوندا آهن. هڪ ڊگهي کڏ يا چر کوٽي ان ۾ ٽانڊا وڌا ويندا آهن ۽ شڪي جوابدار پنھنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ ٽانڊن تان گذرندو آهي ۽ ٽانڊن تان اُڪرڻ بعد سندس پير ڍور جي رت سان ڀريل ٿانوَ ۾ وڌا ويندا آهن. جيڪڏهن سندس پيرن ۾ ڦلوڪڻا نہ ٿيا تہ کيس بيڏوهي سمجهيو ويندو آهي. هي جهنگلي دور جي وهمي قسم جي روايت آهي، جنهن تي ضعيف الاعتقاد ماڻهو ويساھہ ڪندا آهن.
هڪ روايت موجب باھہ تي ساک جو حوالو عمر مارئيءَ جي قصي ۾ بہ ملي ٿو. جڏهن عمر، مارئيءَ جي عظمت آڏو جهڪي، کيس ڳوٺ ڇڏڻ ويو تہ مارئيءَ جي ڳوٺاڻن کي مارئيءَ جي حرمت جي يقين ڏيارڻ لاءِ هو باھہ مان گذريو هو ۽ مارئي ستي ثابت ٿي هئي.


لفظ ساکھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو