ساڌٻيلو

ساڌٻيلو

ساڌٻيلو

ساڌٻيلو

ساڌٻيلو

ساڌٻيلو (تيرٿ آسٿان): مشھور تيرٿ آسٿان، ساڌٻيلو، بکر جي ڏکڻ ۾، سکر شھر جي اڀرندي ڪناري سنڌو نديءَ جي ٻيٽ تي موجود آهي. ڀائي گيان سنگهہ گياني پنھنجي ڪتاب ’تاريخ خالصا‘ ٻيو ڇاپو: 1897ع، ص: 258 تي ۽ ڀائي ٺاڪر سنگهہ گيانيءَ پنھنجي ڪتاب ’گردواري درشن‘ (ڊسمبر 1923ع، ص: 702) تي ڄاڻايو آهي تہ ساڌٻيلو بابا گرونانڪ جو آسٿان هو، پر ٻئي ڪنهن بہ نيم ڌرمي ۽ نيم تاريخي ڪتاب ۾ ان بيان جي پٺڀرائي نظر نٿي اچي. هن آسٿان کي خواجہ خضر يا زندھہ پير جو آسٿان بہ سڏيو ويندو آهي. سمورا هندو ڌرمي ڪتاب ۽ ليکڪ ان ڳالھہ تي متفق آهن تہ هن تيرٿ آسٿان (ساڌٻيلي) جو پايو وڪرمي سنبت 1880ع مطابق 1823ع ۾ سوامي بابا بنکنڊيءَ اُداسين وڌو هو ۽ اهو واقعو گرونانڪ جي دؤر کان گهڻو پوءِ جو آهي. سوامي بنکنڊي 1823ع ڌاري 60 سالن جي ڄمار ۾ نيپال کان هتي آيو هو ۽ 1863ع ۾ لاڏاڻو ڪيو هئائين. سندس اصل نالو ٻالچند ھو، پر جيئن تہ ھن نون سالن جي عمر ۾ گهر ڇڏيو هو ۽ بن وسايو هو، تنھنڪري گروءَ سندس نالو بنکنڊي رکيو. ھو اداسين پنٿ سان واسطو رکندو هو، جنهن پنٿ جا پوئلڳ سڄي عمر شادي نہ ڪندا هئا. بنکنڊيءَ جو گرو پٽيالا جو ھو. بنکنڊي آشرم/ ساڌٻيلو آسٿان، ان سنڌو نديءَ جي گود ۾ آهي، جنهن جي پوترتا ۽ مهانتا جو ذڪر قديم اتهاس ۽ ويدن ۾ موجود آهي. قديم تاريخ جا مڙئي ماهر ان راءِ تي سهمت آهن، تہ سناتن ڌرم جا باني سڀ کان اڳ هن ديس ۾ ئي آيا، جنهن کي اُن وقت سپت سنڌو سڏيو ويندو هو. سوامي هرنامداس اُداسين، ساڌٻيلي تيرٿ آسٿان جي 108 گادي نشين پنھنجي ڪتاب ’شري سنڌو سپت سنڌ‘ ۾ لکيو آهي تہ ڪنهن زماني ۾ سنڌو نديءَ تي ڪُنڀ جو ميلو لڳندو هو، جيڪو ٻُڌ حڪومت برپا ٿيڻ کانپوءِ بند ڪرايو ويو. ٻُڌ حڪومت جي گادي اروڙ هئي، جيڪا ساڌٻيلي تيرٿ کي ويجهو هئي. سوامي بنکنڊي مختلف هنڌن جي ياترا ڪندو بمبئي آيو، جتان گرنار ۽ گرنار کان دوارڪا پهتو. دوارڪا مان ڪوچ ڪري مانڊوي، نارائڻ سر ۽ مغرڀين مان ٿيندو سنڌ جي مٽيءَ تي اچي پير گهمايائين. وڪرمي سنبت 1878 (1821ع) ۾ سنڌ جي ٺٽي شھر ۾ پير پاتائين، جتي سريچند جي ڌوڻيءَ تي مٿو ٽيڪي ٻيڙيءَ رستي ڪوٽڙيءَ کان ٿيندو حيدرآباد پهتو. حيدرآباد ۾ هڪ سال تائين ديرو ڄمائي ڪافي ناماچاري حاصل ڪيائين، اتان ڪُوچ ڪري اُتر سنڌ ڏانهن اسهيو ۽ هفتو خيرپور ۾ رهڻ کانپوءِ روهڙيءَ پهتو. هتي ٻن ڀائرن سيٺ گهمڻ مل ۽ ريجهو مل سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، جن وٽ ڪجهہ وقت مهمان ٿي رهيو. اُتي تلسي رام نالي شخص سندس چيلو ٿيو، اهو سن 1822ع (وڪرمي سنبت 1879) هو. ان وقت اتر سنڌ ۾ ٽالپر حڪمرانن جي راڄڌاني بکر جي قلعي ۾ هئي. هڪ ڀيري سوامي مهراج اهو قلعو گهمڻ ويو، جتي قلعي جي ڪوٽوال/ سِک مختيار دلپت سنگهہ سندس گهڻي خدمت ڪئي، جنهن کان خوش ٿي بنکنڊيءَ کيس دعا ڪئي تہ هو قلعي ۾ وزير ٿيندو. 14 ڏينهن کانپوءِ مير صاحبن دلپت سنگهہ کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو. هي اهو ئي دلپت سنگهہ آهي، جيڪو ميرن جي صاحبيءَ کانپوءِ بنکنڊي مهراج جو چيلو اچي ٿيو. مير سھراب خان اڪثر سوامي بنکنڊيءَ سان ساڌٻيلي ۾ ملڻ ويندو ھو. هن هتي بڙ جا ٽي وڻ پوکايا هئا، جن کي اڳتي هلي ’برھما، وشنو ۽ مهيش‘ جا نالا ڏنا ويا. ميرن جا ھندو وزير ۽ شھر جا ٻيا ھندو هتي اچي تمام گهڻو دان ڏيندا ھئا. ڪجهہ وقت کانپوءِ سيٺ گهمڻ مل ۽ ريجهو مل جي ٽئين ڀاءُ هاسانند جي پٽ ديانند جو ڪرم سنسڪار ٿيڻ وارو هو. سوامي بنکنڊيءَ سيٺين کي چيو تہ هي ڪرياڪرم سنڌوءَ جي پيٽ ۾ جيڪا ٻيٽاري آهي، اُن تي ٿيڻ گهرجي. اُن حڪم موجب سڀئي سوامي بنکنڊيءَ کي ساڻ ڪري هڪ ٻيڙيءَ رستي وچ ڌارا واري ان ٽڪريءَ تي آيا، جيڪا بکر قلعي جي اولھہ ۾ هڪ ٻيٽاريءَ وانگر هئي. ٻيا ماڻهو تہ ڪرم سنسڪار کانپوءِ پنھنجي گهرن ڏانهن موٽي ويا، پر سوامي بنکنڊي مهراج پنھنجي پياري چيلي تلسي رام سان اتي رهجي ويو، هو اتي ڌوڻي هڻي آسڻ لڳائي ويهي رهيو، نون ڏينهن جي تپسيا ۽ پوڄا کانپوءِ چون ٿا تہ ديويءَ کيس درشن ڏنو. گرو بنکنڊيءَ کي ساڌن سان گهڻو پيار هوندو هو، ان ڪري 1823ع (سنبت 1880) ۾ برپا ڪيل هن آسٿان جو نالو ’ساڌٻيلو‘ رکيائين. سوامي هن تيرٿ ۾ ڪيترا گهاٽ ٺهرايا، جن تي ڌار ڌار نالا رکيائين، جھڙوڪ: راجا گهاٽ، ورڻ گهاٽ، گئو گهاٽ، هردوار گهاٽ، گڻيش گهاٽ، ديوي گهاٽ، ڪرشڻ گهاٽ، رام گهاٽ، سرسوتي گهاٽ، سورج گهاٽ، وشنو گهاٽ، شو گهاٽ، برهما گهاٽ، دک ڀڄني گهاٽ، ترويڻي گهاٽ، جمنا گهاٽ، ڀيروَ گهاٽ، يم گهاٽ وغيرہ وغيرہ. سوامي بنکنڊيءَ هتي هڪ مندر بہ ٺهرايو، جنهن ۾ ’ڌرم گرنٿ‘ (اُداسين جي واڻي) جو ورد ٿيندو هو. هنن گهاٽن تي وهنجڻ ۽ مندرن جي درشن کي ٻين تيرٿن وانگر پوتر سمجهيو ويو. 1843ع ۾ انگريزن، سنڌ تي قبضو ڪيو تہ سکر جو حاڪم ڪيپٽن پينَڪ ويلس ٿيو، سندس دِل ٿي تہ ساڌٻيلي واري وڻندڙ آسٿان تي پنهنجو بنگلو ٺهرائي. هن ٽي ڀيرا هندو، مسلم ۽ گورن ڪاريگرن رستي ڪم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري سندس ڪم چوپٽ ٿي ويندو هو. نيٺ اُن انگريز مهراج بنکنڊيءَ آڏو آڻ مڃي ۽ کيس مندر ٺهرائڻ جي اجازت ڏني. ان سال ئي دلپت سنگهہ، ميرن جو وزير سوامي بنکنڊيءَ جو اچي چيلو ٿيو. هندو سناتن ڌرم جي شيوا لاءِ مهاراجا ٻيٽ تي ديوي مهاديه، گڻيش، هنومان، ست نارائڻ، اُداسين آچاريه جڳت گرو سري چندر ڀڳوان جون مورتيون رکائي، جُدا جدا مندر ٺهرايا. هن تيرٿ تي اچڻ لاءِ سکر ۽ روهڙيءَ کان ٻيڙيون هلڻ لڳيون. بنکنڊي مهراج جي تپسيا ۽ معجزن هن تيرٿ کي مشھور ڪري ڇڏيو ۽ ترت ئي هند سنڌ ۾ ساڌٻيلو هڪ ناميارو تيرٿ آسٿان بڻجي ويو. سوامي مهراج بنکنڊيءَ وڪرمي سنبت 1920 (1863ع) جي آکاڙ مهيني جي ٻي تاريخ، اڱاري جي ڏينهن پرڀات ويلي لاڏاڻو ڪيو. ان کانپوءِ هن آسٿان وڏي ترقي ڪئي. سنگ مرمر جا سھڻا مندر ٺهيا. سرسبز باغ باغيچا لڳا، سھڻا چبوترا ۽ دالان ٺهيا، ڀنڊاري لاءِ شاهي هال، لائبرري، اڀياس گهر، ساڌن لاءِ ڪوٺيون ۽ زنانا مردانا گهاٽ تيار ٿيا. سڄو ڏينهن ٻيڙين رستي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي. باغن جي سوڀيا کي مورن ۽ ٻين سهڻن پکين سان سنواريو ويو ۽ اهڙيءَ ريت چند سالن ۾ جهنگل ۾ منگل مچي ويو. سنگ مرمر تي اُڪر جو ڪم خاص ڪري قديم چٽساليءَ ذريعي ڪيو ويو، جيڪو سرڳ (جنت) ۽ نرڳ (دوزخ) جو نظارو پيش ڪري ٿو. آسٿان کي ڌار بجلي گهر ڏنو ويو. هتان جا ساڌو برهمچاري رهيا ۽ روحاني سگهہ وڌائڻ لاءِ سڄو ڏينهن عبادت ۾ مشغول رهندا هئا. هن آشرم جي گادي نشين 1889ع ۾ سکر شھر ۽ مياڻي روڊ جي الهندي روڊ جي ڇيڙي تي (بئريج ڪالونيءَ وٽ) هڪ سُڪو ساڌٻيلو بہ ٺهرايو هو، جيڪو اڄ پنهنجو وجود وڃائي چڪو آهي. ساڌٻيلي آسٿان تي شوراتڙيءَ جو ميلو ويساکي/ چيٽي چنڊ ۽ هر سهائو جمعو بہ ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ سڄو ڏينهن ڪيرتن ٿيندو هو ۽ شام جو بھراڻو صاحب کنيو ويندو هو. ساڌٻيلي تيرٿ تي بعد ۾ اها رونق ۽ جهلڪ قائم نہ رهي، جيڪا ورهاڱي کان اڳ موجود هئي. سوامي بنکنڊيءَ جي وفات کانپوءِ، ساڌٻيلي تيرٿ آسٿان جي گديسرن/ گادي نشينن جو 1949ع تائين تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: سوامي هري پرساد (1863- 1864ع)، سوامي موهن داس (1864- 1868)، سوامي سنتداس (1868- 1872)، سوامي هري گراساد (1872- 1883)، سوامي اچل پرساد (1883- 1886)، سوامي جئرامداس (1886- 1893)، سوامي هري نامداس (1893- 1949)، گهنشام داس (1949). هن آسٿان تي ساڌٻيلا لائبرري بہ قائم هئي، جنهن جو بنياد سوامي هرنامداس وڌو هو ۽ سندس هندستان وڃڻ کانپوءِ لائبرري ڪافي عرصو بند رهي، جنهن کانپوءِ بابا هنومان شيوا منڊلي سکر جي ڪارڪنن لائبرريءَ کي ٻيهر سنواري ٺاهيو ۽ ڪتابن کي ٻولين مطابق الڳ الڳ ڪيو ويو. هن لائبرريءَ ۾ 11000 کن ڪتاب موجود هئا، جن ۾ املھہ هٿ جا لکيل ڪتاب، گرو گرنٿ صاحب، رامائڻ، شريمد ڀاڳوت گيتا، گرٻاڻيءَ جا ڪتاب، ويد، اپنشد وغيرہ موجود هوندا هئا. ان کانسواءِ پراڻيون تصويرون ۽ خط بہ موجود هوندا هئا. 1984ع ۾ سوامي بنکنڊي مهراج جي ورسيءَ جي موقعي تي لائبرريءَ جو افتتاح ڀائي وشنداس ٻٻرلوءِ واري ڪيو. 1982ع ۾ سنڌ جي گورنر جنرل ايس. ايم. عباسيءَ ساڌٻيلي تيرٿ ۽ لائبرريءَ جو معائنو ڪيو هو، اپريل 1983ع ۾ پاڪستان جو فوجي صدر جنرل ضياءِ الحق بہ هي تيرٿ گهمڻ آيو هو. فبروري 1984ع ۾ اڳوڻي مشير ايم. پي. ڀنڊارا، ساڌٻيلي تيرٿ جو دورو ڪيو هو، جولاءِ 1984ع ۾ پاڪستان ۾ هندستان جي ڪائونسليٽ جرنل پارٿا سارٿي بہ ساڌٻيلي تيرٿ ۽ لائبرريءَ جو معائنو ڪيو هو. ساڳئي مهيني ۾ هندستان جي اطلاعات ۽ نشريات جي وزير ايڇ. ڪي. ايل. ڀڳت پڻ ساڌٻيلي تيرٿ جو دورو ڪيو هو. ان کانسواءِ ڪيترا ٻاهريان ياتري ۽ سياح ساڌٻيلي جو درشن ڪرڻ ايندا آهن. هندستان جي بمبئي شھر ۾ ڊيسائي روڊ تي ساڌٻيلو تيرٿ آشرم قائم آهي، جنهن پاران ڪيترا ڌرمي ادارا، پاٺشالائون، لائبرريون قائم ڪيون ويون آهن، جھڙوڪ: ساڌٻيلو آشرم هردوار، پئنچائتي آشرم ساڌٻيلو هردوار، ساڌٻيلو ديراڦليلي پٽيالا، ساڌٻيلا ايجوڪيشن سوسائٽي بمبئي، شري بنکنڊي چيريٽيبل ٽرسٽ بمبئي، ساڌٻيلا ميڊيڪل بئنڪ ڊسپينسري بمبئي، ساڌٻيلا سنسڪرت مهاوديالا ورڻاسي، ساڌٻيلا پرڀو آشرم دهلي، ساڌٻيلا هري نارائڻ اسپتال هردوار، ساڌٻيلا آشرم سول ڊرائيو ليگ سٽي آمريڪا وغيرہ. گذريل عوامي حڪومت ساڌٻيلي جي مرمت ۽ آرائش لاءِ ڪافي بجيٽ مقرر ڪئي هئي ۽ ان جو تعميراتي ڪم ڪرايو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو