ساوڙي ڍنڍ

ساوڙي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ نوشهري فيروز ضلعي، تعلقي موري جي ڳوٺ ساوڙيءَ ويجهو آهي، جيڪا ايراضيءَ ۾ چورس چئن ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. ڍنڍ جي ڀرسان بھرام شاھہ جو تاريخي قبرستان بہ آهي. هيءَ ڍنڍ، تپي ۽ سرڪل ساوڙيءَ جي حدن ۾ آهي.
هيءَ ڍنڍ سھڻي ڍوري (سھڻي درياھہ، جنهن کي ڪي محقق ’هاڪڙو‘ بہ لکن ٿا) جي ڦٽڻ کانپوءِ وجود ۾ آئي آهي. هي ڍورو ساوڙيءَ کان ڏکڻ ۾ آهي. هن ڍنڍ جي ويجهو ٻيا بہ ڍورا آهن، جھڙوڪ: جارجاڻي، سن، هرٻيجي، آمڙجي ۽ ساوڙي آهن. ساوڙي ڍنڍ کي ڪتابن ۾ ’سانوري‘، ’ساوتري‘ ۽ ’ساوندري‘ بہ لکيو ويو آهي. هتي هڪ مشھور پتڻ بہ هو، جنهن کي اڃا بہ ماڻهو ’ميهار جي پتڻ‘ سان ياد ڪندا آهن. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي جام ٿيندا آهن.


لفظ ساوڙي ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو