ساهو مل موتي رام نگاڻي

ساهو مل موتي رام نگاڻي

ساهو مل موتي رام نگاڻي

ساهو مل موتي رام نگاڻي: ٿرپارڪر جو مشھور استاد ساهو مل نگاڻي، ڳوٺ ڪانڪيي، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾، 8 اپريل 1924ع تي، هڪ غريب مينگهواڙ گهراڻي ۾ جنم ورتو. ساهو مل جا پرائمريءَ دوران گل محمد رند ۽ شير محمد رند استاد رهيا. هن 1942ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيو. سندس پهرين مقرري 25 آڪٽوبر 1943ع تي پرائمري ماسترياڻيءَ طور گورنمينٽ پرائمري اسڪول کاڻ، تعلقي ميرپورخاص ۾ ٿي، جتي پاڻ ۽ سندس گهر واري دادي لالي ٻائي گڏجي ڪجهہ وقت لاءِ ٻارن کي تعليم ڏني. ان کانپوءِ مختلف اسڪولن ۾ پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان بجا آڻيندي، ماستر ساهو مل نگاڻي، 20 سيپٽمبر 1956ع تي ٽنڊي محمد خان جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ دخلڪار ٿيو، جتي لڳاتار 24 سالن تائين تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. هن مينگهواڙن ۽ ٻين پٺتي پيل ذاتين جي هزارين نوجوانن ۽ نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراستہ ڪيو. ڪجهہ وقت لاءِ ٽنڊي جان محمد جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جو هيڊماستر پڻ ٿي رهيو. 22 ڊسمبر 1980ع تي رضاڪارانه طور رٽائر ڪيائين. سندس شمار ٿرپارڪر ضلعي جي ايماندار، فرض شناس، ذهين ۽ محنتي استادن ۾ ٿئي ٿو. اڄ بہ اعليٰ عهدن تي پهتل سندس شاگرد کيس وساري نہ سگهيا آهن.
ٿرپارڪر ضلعي جي هن محنتي استاد ساهو مل نگاڻيءَ، 6 مئي 2009ع تي وفات ڪئي ۽ چيلهار ۾، پنھنجي گهر واريءَ جي ڀر ۾ ابدي آرامي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.04.08  عيسوي

ٿرپارڪر جو مشهور استاد ساهو مل نگاڻي، ڳوٺ ڪانڪيي، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾، 8 اپريل 1924ع تي، هڪ غريب مينگهواڙ گهراڻي ۾ جنم


2009.05.06  عيسوي

ساهو مل نگاڻيءَ، 6 مئي 2009ع تي وفات ڪئي ۽ چيلهار ۾، پنهنجي گهر واريءَ جي ڀر ۾ ابدي آرامي آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عارف سنائي مخدوم
روچيرام گجو مل
قادرداد خان پٺاڻ
علامي محمد ٺٽوي
گل هيسباڻي
حاجي شاھہ محمد بلوچ
راجا رفيق پنهور
شوڪت حيات خان سردار
ذهين شاھہ تاجي
تلوڪ تلسياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون