سانول جمالي

سانول جمالي

سانول جمالي

سانول جمالي: شاعر ۽ اديب سانول ولد زاهد گل جمالي پھرين آگسٽ 2002ع تي ڳوٺ لونگ جمالي، ڏيئي،تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ، ڏيئي ۽ ٽنڊي باگي مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي آهي. سندس والد بہ شاعر، اديب ۽ مترجم آهي، جنھن جي صحبت ۾ رهندي 2011ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. سنڌي ادبي سنگت، شاخ ڏيئي سان وابستہ آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘خالي مزار’ (نثري نظم- 2022ع) ۽ ‘گونگو ويراڳ’ (ناول، 2023ع) شامل آهن. سندس ناول تي ‘روح رهاڻ’، حيدرآباد پاران 2023ع ۾ ايوارڊ ملي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2002.08.01  عيسوي

شاعر ۽ اديب سانول ولد زاهد گل جمالي پھرين آگسٽ 2002ع تي ڳوٺ لونگ جمالي، ڏيئي،تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اويس ڀٽو
رسول بخش تميمي
عشرت علي خان
سرور سيف
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
زاهده تاج ابڙو
طارق اشرف
چرن داس گُر سھاڻي
سيد محمود شاھہ بخاري ڊاڪٽر
رشمي راماڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون