
سانِسو نمبر 2

سانِسو نمبر 3

سانِسو نمبر 4

سانِسو نمبر 5
سانِسو ڍنڍ (Saneso Dhandh) (قديم ماڳ): خيرپور ميرس ضلعي جو تعلقو ميرواھہ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصو ننڍين ٽڪرين تي مشتمل آهي، جيڪي ’روهڙيءَ وارين ٽڪرين‘ جو حصو آهن ۽ ٻيو ميداني علائقو، جيڪو ڪنهن وقت درياھہ جي اُٿل تي آباد ٿيندو هو ۽ هاڻي ڪئنالن جي ٺھڻ سبب ’بئراجي‘ علائقو سڏجي ٿو. ٻنهي علائقن ۾ انسان جي اوائلي ڪارگذاريءَ جا آثار ملن ٿا. روهڙيءَ جون ٽڪريون 73 ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ اتر کان ڏکڻ ۾ پکڙيل آهن. هتان پوئين دور کان وٺي 2000 ق. م تائين جا ماڳ مليا آهن. هي ماڳ گهڻي ڀاڱي سم ۽ ڍنڍن جي آسپاس آهن. سانسو ڍنڍ جي اوسي پاسي ڪل 6 قديم ماڳ آهن، جيڪي گهڻو ڪري واريءَ جي دڙن ۽ لاها نـديـن تي آهن. هي ماڳ گهڻو ڪري پـٿـر جــي وچـئيــن/ مـيـزولٿڪ دور جا آهــن. سنڌ ۾ هــي دور 10000 ق. م کان 5000 ق. م تـائيــن هـلـيـو هـونـدو. هـنـن ڇھن ئي ماڳن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو: (1) سانِسو ڍنڍ نمبر 1: هي ماڳ 68040 50 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 27040 50 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي، سانسو ڍنڍ وٽ، هڪ ڊٻ جي لاهيءَ وٽ آهي. هن ماڳ تي ثقافتي ڪٽي وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. ماڳ جي مٿاڇري تان سادو ۽ چٽيل ٺڪراٺو مليو آهي. ٺڪر جي مطالعي کانپوءِ پتو پوي ٿو تہ هي ٺڪر تاريخي دؤر (Historic Period) سان واسطو رکي ٿو. هتان پٿر جا ننڍڙا اوزار بہ مليا آهن، جن ۾ تيرن جون اڻيون، پتا، ڪورون ۽ چوڙيون وغيرہ شامل آهن. تحقيق مطابق هنن اوزارن جو واسطو ميزولٿڪ دور سان آهي. ڍنڍ جي اتر طرف ٿوري پنڌ تي هڪ لاهيءَ تي شيشي جا ٽڪرا بہ مليا آهن، جڏهن تہ شيشي سان ٺڪراٺي جو بہ گهاٽو تھہ موجود آهي. (2) سانِسو نمبر 2: سانسو ڍنڍ جي اڀرندي ڪناري 27004 32 ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68041 09 ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ تي بہ هڪ قديم ماڳ موجود آهي. هتان ڪجهه ثقافتي وٿون مليون آهن، جن ۾ سادي ۽ چٽيل ٺڪر کانسواءِ پٿر جا گليلا، ننڍا پٿري اوزار ۽ هڪ چلھہ جا نشان مليا آهن، جنهن ۾ خاڪ بہ موجود آهي، جنهن مان ڄاڻ پوي ٿي تہ هيءَ جاءِ انساني رهائش جي استعمال هيٺ رهي هوندي. هي ماڳ بہ ميسولٿڪ کان 2000 ق. م تائين جو ليکيو وڃي ٿو. هن ماڳ مٿان هاڻي قبرستان قائم ٿي چڪو آهي. (3) سانسو نمبر 3: هي ماڳ بہ سانسو ڍنڍ کان اتر طرف اڌ ڪلوميٽر جي پنڌ تي 41011.3 68 ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ گهائي ڦاڪ ۽ 27004 24.8 ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي تعلقي ميرواھہ ۾ موجود آهي. هي ماڳ هڪ ننڍي ڊرينهن تي آهي، جنهن تي هاڻي قبرستان ٺھي ويو آهي. دڙي جي مٿاڇري تي وڏي ايراضيءَ تي ثقافتي ڪُٽو پکڙيل آهي. ثقافتي شين ۾ پٿر جي اوزارن جا ٽڪرا، چٽيل ۽ سادو ٺڪر ملي ٿو. ٺڪر جي ڪنن ۽ ڍڪڻن جو وڏو تعداد پکڙيل آهي. انهيءَ دڙي جي اولھہ طرف ٿورڙي پنڌ تي هڪ ٻي ڀيڻيءَ جا نشان مليا آهن. ٿي سگهي ٿو تہ اها ڀيڻي سانسو- 3 سان ئي لاڳاپيل هجي يا ان جو ڪو حصو هجي. اتي بہ ٺڪراٺو جهجهي تعداد ۾ پکڙيل مليو آهي. هن جاءِ تي قديم انسان پاران چقمقي پٿرن مان اوزارن ٺاهڻ جي ڪارگذاريءَ جا چٽا آثار ملن ٿا. هٿي پٿر جي پرزن ۽ ڪورن جو ايترو گهڻو تعداد مليو آهي، جو لڳي ٿو تہ هتي ڪا اوزارن ٺاهڻ جي صنعت هئي. هي ماڳ بہ ميزولٿڪ دور کان 2000 ق. م تائين آباد ٿيل ٿو ڏسجي. (4) سانِسو نمبر 4: هي قديمي ماڳ سانسو ڍنڍ جي ڏاکڻي ڪناري هڪ وڏي ڊرينهن تي 68040 57.3 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 27004 06 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. انهيءَ ڊرينهن تي ثقافتي ڪٽي ملي آهي ۽ ان جي سطح سڌي آهي. ثقافتي شين ۾ پٿري پُڙد (Chert Flake) وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل ملن ٿا. هن ماڳ تان تيرن جون اڻيون ۽ چوڙين جا ڀڳل ٽوٽا بہ گهڻي تعداد ۾ مليا آهن. هن ماڳ کي آڳاٽي دور ۾ هنري هنڌ جو درجو حاصل هو. هي ماڳ ميزولٿڪ دور جو ليکجي ٿو. (5) سانِسو نمبر 5: هي ماڳ سانسو ڍنڍ جي ڏکڻ ۾ موجود هڪ قبرستان وٽ، واريءَ جي دڙي جي لاهيءَ وٽ، 68040 53.9 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 27004 31.3 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. ثقافتي ڪٽي چڱي ايراضيءَ تي پکڙيل ملي ٿي. هتان ملندڙ وٿن ۾ سادو ۽ چٽيل ٺڪر عام ملي ٿو. جڏهن تہ ننڍڙن پٿر جي اوزارن جا ٽڪرا ڏس ڏين ٿا تہ هي قديم ماڻهن جو پٿر مان اوزارن ٺاهڻ جو هنري هنڌ هو. هن ماڳ تي اڃا تحقيق جي ضرورت آهي. (6) سانِسو نمبر 6: هي تاريخي ماڳ سانسو ڍنڍ جي ڀرسان 68040 31.9 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 27004 31.9 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هن ماڳ تي ثقافتي ڪٽي چڱي انداز ۾ ٽڙيل، پکڙيل ملي ٿي، مٿاڇري تي ڪن جانورن جا هڏا مليا آهن، جيڪي نامعلوم سبب جي ڪري مئا هئا. هتان ڪنڊيءَ جي لوڙهن جا نشان بہ مليا آهن. هن ماڳ تي ڪنڊيءَ جا وڻ اهڙيءَ ريت پوکيل هئا، جو ظاهري طور لوڙهو ٺھي پيو هو. انهن وڻن جي وچ تي پاڻي پيئڻ جي کُٻن جو چڱو خاصو تعداد ملي ٿو. ان کانسواءِ هڪ جستي گلاس ۽ ڪجهه چقمقي پٿر جا سنها ٽڪرا مليا آهن، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو تہ هيءَ ڪا مذهبي جاءِ هئي. هتان ڪجهه چلهن جون ٽوپيون، شيشي جون چوڙيون، لوھہ جو ٽڪر ۽ ٻيون شيون بہ مليون آهن. هن ماڳ تي وڌيڪ تحقيق جاري آهي، جو قديم سان گڏ جديد دور جون شيون آئينو وغيرہ مليا آهن. جڏهن شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي آرڪيالاجي شعبي جي پروفيسر قاصد حسين ملاح، دٻي ۽ ميرواھہ ۾ ڍنڍن جي آسپاس قديم ماڳن جي سروي پئي ڪئي تہ کيس هي ماڳ 1996ع ۾ هٿ آيا ۽ هن هڪ رپورٽ ذريعي منظرعام تي آندا. هن ايراضيءَ تان مجموعي طور 46 قديم ماڳ مليا هئا، جن جي کوٽائي نہ ٿي هئي، صرف مٿاڇري تان وٿون گڏ ڪري، سرسري تحقيق ڪري، ماڳن جي عمر ڪٿي وئي آهي. هنن مان ڪيترا ماڳ اوائلي پٿر جي دور جا چيا وڃن ٿا، پر جيستائين انهن ماڳن تي جامع انداز سان تحقيق ۽ باقاعدي کوٽائي نہ ٿي ٿئي، تيستائين سنَد سان ڪجهه بہ نہ ٿو چئي سگهجي. سانسو ۾ قديم قبرستان بہ آهن ۽ واريءَ جي دڙن تي ڪيترن ئي بزرگن جا سفيد روضا پڻ ٺهيل آهن.