سام مرزا: ايران جي نامور عالم، فاضل، شاعر ۽ اديب سام مرزا پنھنجي هڪ تصنيف ’تحفه سامي‘ ۾ سنڌ جي شاعرن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
سام مرزا، شاھہ اسماعيل صفوي اول جو پٽ هو، هي 923 ھہ/ 1517ع ۾ پيدا ٿيو. 938 ھہ/ 1531ع ۾ جڏهن شھر هرات ازبڪن جي گهيري مان آزاد ٿيو تہ شاھہ اسماعيل پنھنجي پٽ سام مرزا کي دورمش خان جي اتاليقيءَ ۾ هرات جو حاڪم مقرر ڪيو. شاھہ اسماعيل اول جي وفات کانپوءِ تخت تي شاھہ اسماعيل اول جو پٽ شاھہ طهماسپ اول ويٺو. سام مرزا 969 ھہ/ 1561ع ۾ پنھنجي ڀاءُ شاھہ طهماسپ اول خلاف بغاوت ڪئي، ان ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ سام ميرزا کي قيد ڪيو ويو ۽ شاھہ طهماسپ جي وفات کانپوءِ شاھہ اسماعيل ثانيءَ جي تخت نشينيءَ جي موقعي تي 984 ھہ/ 1576ع ۾ سام مرزا کي قتل ڪيو ويو. هن جو فارسي ديوان موجود آهي. ان کانسواءِ هي ’تحفه سامي‘ جهڙي مستند تذڪري جو مولف آهي، هي تذڪرو ’تذڪره دولت شاھہ‘ جو تڪملو آهي ۽ هن 957ھہ/1550ع ۾ تاليف ڪيو هو.