
ساميءَ جي هڪ خيالي تصوير
سامي چئنراءِ لُنڊ: سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتيءَ جي عظيم شاعرن ۾ شاھہ لطيف ۽ سچل سرمست کانپوءِ ٽيون نالو ’سامي‘ (ڀائي چئنراءِ لُنڊ) جو اچي ٿو. شاھہ، سچل ۽ سامي، سنڌ جي تاريخ ۾ هڪڙي ئي سماجي ۽ سياسي دؤر (1689- 1850) جا، ذري گهٽ هڪٻئي جا همعصر ۽ سهيوڳي شاعر آهن. سچل ۽ سامي، ٻاروتڻ لنگهي، بلوغت جي منزل تي پهچڻ وارا هئا تہ شاھہ صاحب هن دنيا مان رحلت ڪئي. سچل، سامي ۽ کانئن پوءِ جي شاعرن تي شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو اثر موجود آهي، ان ڪري سنڌي شاعريءَ جي روايت ۾ تحرڪ آيو. سچل ننڍڙو هو تہ شاھہ صاحب، سندس ذهانت کي پرکي چيو هو تہ: ”اسان جي رڌل ڪُني جو ڍڪڻ هيءُ ڇوڪرو لاهيندو.“ نہ صرف ايترو، پر ساميءَ جي ويدانتي ڪلام تي بہ شاھہ جي بيتن جو اثر ملي ٿو. شاھہ صاحب جي شاعريءَ جي بلند پايه فڪر ۽ اعليٰ فلسفي جو اثر قبوليندي، بلڪ ان جو تسلسل برقرار رکندي، سچل ۽ ساميءَ بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ ساڳيءَ روايت يعني تصوف ۽ ويدانت جي فڪري واڌاري ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اُن ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ هي ٽيئي شاعر پنھنجي دور جا ڪامل ۽ صوفي شاعر هئا.
ڀائي چئنراءِ لنڊ ’سامي‘، 1743ع ۾ بچو مل جي گهر ۾، سنڌ جي علم و ادب جي گهواري، شڪارپور شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد بچو مل سُکيو ستابو واپاري شخص هو. اهو دؤر ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو هو. سامي، ٽالپرن جي صاحبيءَ وارو سمورو عرصو حيات رهيو ۽ 107 ورهين جي ڄمار ۾، 1850ع ۾، انگريزن جي سنڌ جي قبضي کان 7 سال پوءِ لاڏاڻو ڪيائين.
ساميءَ جو تعليم ڏانهن ننڍپڻ کان ئي لاڙو هو. پروفيسر ڄيٺمل پرسرام ڄاڻايو آهي تہ هن گرمکيءَ جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪري، اباڻي ڪرت ڪپڙي جو واپار شروع ڪيو. ان زماني جي رواج موجب ساميءَ جي شادي ننڍي هوندي ڪئي وئي. پنھنجي گهر جي گذرسفر لاءِ هو شڪارپور جي سيٺ ٽنڊر ملاڻيءَ وٽ ڪم ڪندو هو، جنهن جا ايران جي شھر خراسان سان واپاري ناتا هئا. هو اُتان ڪپڙو ۽ ٻيو مال گهرائيندو هو ۽ اُتي مال موڪليندو هو. سيٺ ٽنڊر ملاڻي، ڀائي چئنراءِ کي اُجرت طور جيڪي ڪجهہ ڏيندو هو، اُن تي هو خوش ۽ شاڪر رهندو هو.
تن ڏينهن ۾ بھاولپور جي ڀر واري ڳوٺ احمدپور جو هڪ سنت سوامي مينگهراج، شڪارپور شھر ۾ هاٿي در تي هيمنداس جي مڙهيءَ ۾ اچي رهيو هو، جيڪو سنسڪرت جو ڄاڻو ۽ ويدانت جو وڏو پرچارڪ هو. سندس سُٺي سڀاءَ ۽ ڄاڻ کان متاثر ٿي، شھر جا ساڌو ۽ سنت وٽس ايندا رهندا هئا. ساميءَ کي جڏهن اهڙي مهاپرش جي خبر پئي، تڏهن وٽس هلي ويو ۽ ساڻس رهاڻ ڪري، سندس من کي سنتوش مليو ۽ کيس گرو ڪري مڃيائين. اها خبر نہ آهي تہ ساميءَ ۽ سوامي مينگهراج جي ملاقات ڪڏهن ٿي. سامي ڪجهہ ورهيہ ساندھہ ويدانت جي وديا ورتي. ان کانپوءِ هو پنھنجي پتنيءَ سان گڏ تيرٿ ياترا تي امرتسر هليو ويو، جتان موٽڻ کانپوءِ چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ مٿس ڏات، شاعريءَ جي روپ ۾ سانوڻيءَ جي مينهن وانگر لٿي.
سامي چئنراءِ جي سلوڪن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو تہ سامي، ننڍي کنڊ جي شاعرن ۾ وڏو مقام رکي ٿو. ناميارو اسڪالر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته، ’شاھہ ڀٽائي تہ سنڌ جي شاعرن جو سرتاج آهي، پر سامي بہ سامي آهي، شاھہ جو پاسو جهليو اچي، سندس ڪلام ۾ معنيٰ جا موتي مڙهيل آهن، جن جي سونهن ۽ سوڀيا، چمڪ ۽ ڌمڪ ڪري، ادب جو چهرو پيو ٻهڪي. ڇا خيالن جي فراواني، ڇا انوکين تشبيهن جي ارزاني، مطلب تہ چپي چپي تي فصاحت ۽ بلاغت سان گڏ واهڙ وهائي، ادبي ميدان کي رڱي ريٽو ڪري ڇڏيو اٿس. جهڙيءَ طرح شاھہ لطيف پنهنجن بيتن لاءِ چيو آهي تہ: ’جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين‘، تهڙيءَ طرح ساميءَ بہ پنهنجن سلوڪن لاءِ چيو آهي ته، ’ويدن جو ويچار، سنڌيءَ ۾ سُڻايم‘. ائين ئي جيئن شاھہ لطيف جي فڪر جو محور تصوف آهي، تيئن ساميءَ جي سنديش جو مرڪزي نقطو ويدانت آهي.
سامي، پنھنجي مرشد/ گروءَ کي عزت ۽ شرف ڏيندي، ’سامي، ٻانڀڻ، مينگهو‘ وغيرہ تخلص اختيار ڪيو، جنهن جو اظهار ساميءَ پنھنجي هڪ سلوڪ ۾ هن طرح ڪيو آهي:
’پرينءَ ڌريو پانهنجو، نماڻي تي نانوَ.‘
سـامـيءَ پنھنجي هستـي پنھنجي گـروءَ ۾ گـم ڪـئي. سندس ڪلام ’ساميءَ جا سلوڪ‘ سڏجي ٿو. سامي اٺن کان ڏھہ سال، سوامي مينگهراج جي صحبت ۾ رهڻ ۽ امرتسر جي سيرسفر کانپوءِ چاليهن سالن جي ڄمار ۾ شاعري ڪئي. هن ان عرصي دوران ڪافي سلوڪ شڪارپور ۽ امرتسر ۾ لکيا، جيڪي فن ۽ فڪر جي لحاظ کان نہ رڳو بي مثل آهن، پر مقدار جي خيال کان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ساميءَ جي سلوڪن جو گهڻو ذخيرو شڪارپور مان مليل معلوم ٿئي ٿو.
لطف ﷲ بدويءَ، ساميءَ لاءِ لکيو آهي تہ ”هن جي پنھنجي وڏي همعصر ۽ صوفي ولي ﷲ حضرت امين شاھہ صاحب چشتيءَ سان بہ صحبت رهي آهي. هيءَ ڳالھہ ناممڪن نہ آهي، ڇو تہ ويدانت ۽ تصوف ۾ انسان دوستي ۽ بندگيءَ جا عنصر ساڳيا آهن. ’سامي‘ ذات پات جي ٻنڌڻ کان آجو ۽ ڇوت ڇات ۽ اوچ نيچ کان پري هو.“
بدوي صاحب لکيو آهي ته، ”ڀائي چئنراءِ، فقط ست مارگ جو پانڌيئڙو نہ هو، پر ظاهر طور دنياوي رسم کي بہ پورو ڪندو هو. هن کي (شڪارپور جي) شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو دڪان هو . . . هڪ دفعي هڪ اڇوت عورت پنھنجي معصوم ٻار کي هنج ۾ ورتيون بازار مان ٿي گذري، جڏهن ساميءَ جي دڪان کان ٿورو مفاصلي تي وئي تہ اچانڪ سامهون ايندڙ ڪنهن گاڏيءَ سان ٽڪرجي پئي ۽ بيهوش ٿي وئي. سندس معصوم ٻار کي پڻ چوٽ آئي، جنهنڪري هُو دانهون ڪرڻ لڳو. رگهو مل نالي ڪاپڙي جنهن جي دڪان سامهون اهو واقعو پيش آيو، سو هڪ جاءِ بُت وانگر ڏسندو رهيو، جيئن تہ هوءَ اڇوت هئي، ان ڪري کيس هٿ لائڻ مھا پاپ يعني ڪبيرو گناھہ ٿي ڄاتو ويو. ساميءَ ڊوڙ پائي ان بيهوش عورت کي کڻي هوش ۾ آڻڻ جا جتن ڪرڻ لڳو، جڏهن اها عورت سامت ۾ آئي، تڏهن واپس موٽي اچي پنھنجي جاءِ تي ويٺو. هن واقعي ساميءَ جي دل کي ڏک پهچايو، جنهن جي شڪايت هن سلوڪن ۾ ڪئي آهي، جي اهڙي لمحي ۾ بہ انسان ذات جي خدمت کان ڇرڪي ۽ لنوائي بيٺا هئا:
نيهن بنا نادان، ويد پڙهي وادي ٿيا،
ٻانڀڻ ڪن ٻيائي، جپ تپ دان اَشنان،
پنھنجي نارائڻ ريءَ، ٻي سُڌ رکن ڪانه،
رهن منجهہ جهان، پر پکش نيارا نڀ جا.
-
سيوا منجهان جن، لڌو لعل اڻ ملهو،
سامي سڪ سچيءَ سان، سدا سيوا ڪن،
لٺيون، مارون، موچڙا، سڀئي سر سهن،
پوءِ ٿارنگ رچن، اٺئي پھر عجيب جي.
ساميءَ جي شڪارپور ۾ رهائش ۽ خاندان بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ لکيو آهي ته، ”ساميءَ جو فقط هڪڙو پٽ هو ڀائي گهنشامداس، جو گهڻو ڪري امرتسر ۾ گذاريندو هو، جنهن 72 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪئي.“ پروفيسر ڄيٺمل پرسرام ڄاڻايو آهي ته، ”سامي شڪارپور جي شھر ۾ جنم ورتو . . . سندس پوين جي رهڻ جو مکيہ آسٿان امرتسر آهي. شڪارپور جي شھر ۾ بہ ڪويءَ (شاعر) جي مائٽاڻي جاءِ هئي . . . جتي ’ساميءَ جو کوھہ‘ موجود آهي. ڪن جو رايو آهي تہ انهيءَ مڪان تي سامي گذاريندو هو. سندس ڌنڌو امرتسر ۾ هو. ان حوالي سان سنڌ ۽ پنجاب (امرتسر)، ساميءَ جا گهر هئا.“ لطف ﷲ بدويءَ پڻ ساميءَ جي يادگارن مان هڪ يادگار ڄاڻايو آهي. شڪارپور ۾ اڄ بہ ساميءَ جي نالي سان هڪ محلو يادگار موجود آهي، جنهن کي ’سامي شير‘ سڏيندا آهن.
ڀائي چئنراءِ سامي پنهنجن سلوڪن جو ڪو گرنٿ يا پستڪ ڪونه جوڙيو هو، پر سندس سلوڪ گرمکي لپيءَ ۾ لکيل مليا هئا، جيڪي هو چون ٿا تہ مٽ ۾ وجهندو ويندو هو.
ساميءَ جي سلوڪن ۽ زندگيءَ تي ورهاڱي کان اڳ ڪجهہ تحقيقي ڪم ٿيو. شڪارپور جي مشھور سي اينڊ ايس ڪاليج جا ٻہ استاد ۽ ليکڪ: پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا ۽ ڀوڄراج ناگراڻي، ساميءَ تي تحقيقي ڪم ڪري رهيا هئا، پر ورهاڱي سبب ڪم پايه تڪميل تي نہ پهتو. البت ڀوڄراج ناگراڻيءَ جي محنت سان، 1955ع ۾ پهريون ڀيرو بمبئيءَ ۾، ’ساميءَ جا سلوڪ‘ (ڀاڱو پهريون) پڌرو ٿيو ۽ جهامنداس ڀاٽيا جي تحقيق اشاعت هيٺ اچي نہ سگهي. هنن ٻنهي صاحبن جي تحقيق کانسواءِ ورهاڱي کان اڳ ’سنڌو‘ ۽ ٻين رسالن ۾ ساميءَ بابت اديبن جا ڪجهہ ليک/ مضمون ملن ٿا، جن ۾ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.
پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ’سامي صاحب جا سلوڪ‘ عنوان هيٺ لکي ٿو ته، ”سامي صاحب جي سلوڪن لکڻ جو نمونو حافظ شيرازيءَ (عجم جي مشھور شاعر) جهڙو هو. سامي صاحب پنهنجا سلوڪ ڪاغذن جي چٽڪين تي لکي، هڪ مٽ ۾ داخل ڪري ڇڏيندو هو. چون ٿا تہ مشھور فارسي شاعر حافظ پنهنجا غزل ٺڪرين تي لکي مٽ ۾ وجهندو ويندو هو. سامي صاحب جو ڪلام سندس فرزند ڀائي گهنشامداس ڪٺو ڪيو. جيئن حافظ جو ديوان سندس گهري دوست محمد گل اندام گڏ ڪيو.“ سرڳواسي راءِ بھادر ڪوڙي مل چندن مل جي تحقيق موجب ساميءَ اٽڪل 6750 سلوڪ چيا هئا، جن کي ديوان خود وڏيءَ محنت ۽ مشقت سان گڏ ڪري ڇپايو هو. ساميءَ جي چالاڻي کانپوءِ پروفيسر ڄيٺمل پرسرام جي لکڻ موجب ساميءَ جون مٽڪي واريون ’سلوڪي چٽڪيون‘ گم هيون.
ڀائي مولچند ڪوئيٽا واري پنھنجي گرمکي گرنٿ ۾ لکيو آهي ته، پوءِ سُڌ ملي تہ اهي چٽڪيون هڪ ساڌ کي هٿ آيون، جو شڪارپور جي ڀرواري ڳوٺ ڳڙهي ياسين ۾ کڻي آيو. پڇا بعد ڳڙهي ياسين جي هڪ ٽڪاڻي مان ڪجهہ عدد چٽڪيون هٿ آيون. ڀائي مولچند جي چوڻ موجب ساميءَ نہ رڳو بيت (سلوڪ) چيا، پر ڪافيون ۽ شٻڌ بہ چيا. بهرحال ساميءَ جي شاعريءَ کي هٿ ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ جو اعزاز سڀ کان پهرين ديوان ڪوڙي مل کي آهي. ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ وڏيءَ محنت ۽ مشقت کانپوءِ ساميءَ جي فرزند ڀائي گهنشامداس کان سلوڪ هٿ ڪيا، جن جو اهو مسودو گرمکي اکرن ۾ هو، ان ڪري انهن کي سُوڌي سنواري، 2100 سلوڪ ترتيب ڏئي، عربي سنڌي رسم الخط ۾ آڻي، 1873ع ۾ ٽن جلدن ۾ ڇپائي پڌرا ڪيائين. ان کانپوءِ ساميءَ تي باقاعدي تحقيق جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ مضمون ۽ مقالا اشاعت هيٺ ايندا رهيا، جن ۾ ڏيارام گدومل، وشنو جڳتياڻي، پروفيسر ڄيٺمل پرسرام ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي پهريان ليکڪ هئا. انهن کان پوءِ لال سنگهہ اجواڻي ۽ موتي لعل جوتواڻيءَ بہ مقالا لکيا. خانبهادر صديق ميمڻ ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ 1937ع ۾ لکي، جنهن ۾ هن ساميءَ جي سلوڪن جو ذڪر ڪيو آهي. 1946ع ۾ ’سامي جا چونڊ سلوڪ‘ (معنيٰ ۽ سمجهاڻي سان) نالي هڪ ڪتاب سرڳواسي ديوان واڌو مل ترتيب ڏنو، جيڪو ديوان ڪوڙي مل جي چالاڻي کانپوءِ ’ڪوڙو مل سنڌي ساهتيہ منڊل‘ طرفان ڇپايو ويو. 1953ع ۾ جهمٽ مل ڀاوناڻي ’ڇند سڳنڌ‘ نالي هڪ ڪتاب پڌرو ڪيو، جنهن ۾ ساميءَ جي سلوڪن جا مثال ڏنل آهن. 1955ع ۾ بي. ايڇ. ناگراڻي ’ساميءَ جا سلوڪ‘ نالي هڪ رسالو نئين سر ترتيب ڏنو، جيڪو ٽن ڀاڱن تي مشتمل هو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ’سامي ۽ سندس سلوڪن جا ڇاپا‘ عنوان بابت هڪ تحقيقي مقالي ۾ ساميءَ تي ٿيل سموري تحقيق جو ذڪر ڪيو آهي. سندس اهو مقالو ’ادبي چمن‘ مخزن (سنڌي ساهتيہ اڪيڊمي، گجرات) ۾ 1987ع ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ ساميءَ بابت انيس انصاريءَ جو هڪ تحقيقي مقالو ’سامي جي سلوڪن جا سرا‘ 1989ع ۾ ڇپيو.
ساميءَ تي سنڌ ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، جنهن جا ٻہ ڪتاب: ’سامي سنديون سپون‘ ۽ ’ڌاتو ڪوش'>سامي ڌاتو ڪوش‘ ڇپيل آهن. ساميءَ جي فڪري پسمنظر تي محمد ابراهيم جويي جو ڪتاب ’شاھہ، سچل ۽ سامي‘ (1689-1850ع هڪ مطالعو) هڪ بھترين تحقيق آهي، جنهن ۾ جويي صاحب سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ٽمورتيءَ- شاھہ، سچل، سامي- جي دؤر جي سماجي ۽ سيـاسي حـالـتـن جو تفصيـلـي ذڪـر ۽ سـندن شـاعـري ۽ فڪر جو جـائـزو ورتو آهي.
هي ڪتاب 1990ع ۾ روشني پبليڪيشن طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. ان کانسواءِ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ’شڪارپور شھر جو سنڌي ادب ۾ حصو‘ ۾ پڻ ساميءَ بابت تحقيقي ذڪر موجود آهي. پريم ساگر پبليڪيشن ڪراچيءَ، 2002ع ۾ ’ساميءَ بابت ترتيب ڏنل ٻہ ڪـتاب: (1) ’سـامي سـاگـر بـوند ۾‘ (مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو)، (2) ’ساميءَ تي هڪ نئين نظر‘ (مرتب: تاج جويو) ۽ هڪ سووينيئر ڇپائي پڌرا ڪيا، جن ۾ ساميءَ بابت سنڌ جي عالمن ۽ اديبن جا تحقيقي مضمون شامل آهن. ساميءَ جي سلوڪن کي واين جي ترتيب سان نامور شاعر تاجل بيوس ’سامي سودو پريم جو‘ عنوان سان، 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان کانسواءِ ساميءَ بابت سنڌي ادب جي سمورين تاريخن جي مصنفن: خانبهادر صديق ميمڻ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، لالسنگهہ اجواڻي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، پوپٽي هيراننداڻي وغيرہ ذڪر ڪيو آهي.
ساميءَ جي سلوڪن ۾ ويدانتي فڪر جو لازوال سنيهو موجود آهي، جن ۾ بلند خيالي ڪمال جي آهي. هنن سلوڪن ۾ تصوف، وچئين دور (Medieval Period) جي ڀڳتي رس ۽ گيان ڌيان جو مول مقصد- انسان دوستي، حق جي ڳولا، عدم تشدد، خير جي پرچار، اوديا، دوئي ۽ شر (Evil) جي نندا موجود آهي.
سامي چئنراءِ لنڊ اهو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ سلوڪ چئي، ويدانتي فڪر جو بنياد وڌو. ساميءَ وانگر روحل فقير تي بہ ڀڳتي جو نمايان اثر نظر اچي ٿو، جنهن هڪ سوامي ڏونگرسين کان فيض حاصل ڪيو. سندس هندي واڻي ۽ سنڌي ڪلام تصوف ۽ ويدانتي فلسفي جو سنگم آهي. هي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جو اهم شاعر آهي. ساميءَ کانپوءِ صوفي دلپت ۽ آسورام جي ڪلام ۾ بہ ويدانتي فلسفي جي اُپٽار ملي ٿي.
سنڌ جي نامور دانشور محمد ابراهيم جويي، پنھنجي ڪتاب ’شاھہ، سچل ۽ سامي‘ ۾ لکيو آهي ته، ”شاھہ، سچل ۽ سامي پنھنجي دور جا حساس ۽ سڄاڻ شاعر هئا. هنن کي ان جي دک ۽ امنگ جي خبر هئي. هنن ان جي امنگ جي ترجماني ڪئي ۽ انسانن جي دک جو علاج تجويز ڪيو. سنڌي سماج کي هڪ آزاد ۽ باعزت سماج ٿي رهڻو هو. ان مان نفاق ۽ ٻيائيءَ کي ختم ٿيڻو هو. ان کي دوئيءَ جي بدران وحدت جي ضرورت هئي. ان ۾ پنھنجي اجتماعي وجود جو شعور پيدا ٿيڻو هو. ان ۾ فرد ۽ گروھہ جي مفاد کي جماعت جي مفاد تي قربان ٿيڻ سکڻو هو، يعني ان جي سڀني انفرادي غرضن کي گهٽجي هڪ گڏيل ۽ جامع غرض جي صورت وٺڻي هئي. . . هو سنڌ جا عظيم استاد، هادي، رهبر هئا. هو تمام وڏا شاعر ۽ تمام وڏا انسان هئا. هنن سنڌي سماج کي جيڪا تعليم ڏني آهي، سا ڪا معمولي تعليم ڪانهي. هنن سنڌي سماج کي نئين اجتمائي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين عملي راھہ ڏيکاري.“
ويدانت مت ۽ تصوف جي تحريڪن جو اثر ساميءَ جي شاعريءَ تي نمايان نظر اچي ٿو. سامي، ويدانت ۽ تصوف مان انهن نقطن جي چونڊ ڪئي، جيڪي وحدانيت سان هم آهنگ هئا. ساميءَ ويدانت جي مول متن تي يوگ ساڌنا ۽ تپسيا ڪئي. ’آتم‘ ۽ ’حق‘، ’جيو آتما‘ ۽ ’پرم آتما‘ جي مامَ کي سِڌ ڪيو. سندس ارتڪابِ فڪر کي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. سامي ويدانت سوترن بابت ٽيڪائون ڪونه جوڙيون، پر ان کي ڪوتا رنگ ۾ منظوم ڪري، سلوڪن رستي ارٿ ۽ سمجهاڻي ڏني. ساميءَ جي ويدانتي فڪر ۾ اهي سڀ ڳالهيون موجود آهن، جيڪي ويدانت مت ۽ ان جي ٽيڪائن ۾ سمجهايل آهن. مثلاً: پرماتما سرووياپڪ يعني حق جو نور هر جڳھہ تي آهي. ستگرو يا پنھنجي مرشد جي ساراھہ، مورک يا اڻڄاڻ، اوديا يا اڻڄاڻائي يعني بي علمي ۽ علم جي اهميت، مايا يا هن ڪائنات جو ظاهري روپ (يا ڌن دولت). جگت ناسونت، گرمک (مريد)، مانک ديھہ (جنم)، ساڌ سنگت (ساڌن جي صحبت)، سنتن جو سنگ، ساڌوءَ جا گڻ، سنتن جا گڻ، هرجن جا گڻ (ڀڳت جون خاصيتون)، ويساسي (معتقد)، ۽ جڳياسي (طالب)، شيوا ۽ شيوڪ، گرگم (معرفت)، سهاڳڻ، اندر جي صفائي، من مارڻ، هٺ هارڻ، اڀمان يا خودي ختم ڪرڻ، ڪوڙ ۽ سچ جي سچي پرک، پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، سڪ ۽ سچ وغيرہ. ساميءَ جي ڪلام ۾ سنسڪرت ۽ هندي لفظن سان گڏ عربي ۽ فارسي لفظن جي آميزش آهي، پر اهي سڀ لفظ سپڪ ۽ وڻندڙ آهن. ساميءَ جي شاعريءَ ۾ ٺهراءُ آهي، پر لھر نہ آهي. سندس شاعريءَ ۾ سورميون ۽ سورمن واريون روايتون موجود نہ آهن، پر ان جاءِ تي تصوف وانگر نج ويدانتي متا، سرڳ، نرڳ، وديا، اوديا، مايا، پنج ڀوت، ستگروءَ ۽ سندس مھر ۽ حق جا ٻول آهن. سندس سلوڪن ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي لفظن جو سھڻو سنگم نظر اچي ٿو، جھڙوڪ:
عجائب، عقل، سالڪ ڏٺو، سڪ سان،
سمجهي روح راضي ٿيو، ڇڏي هنگامو هل،
وحدت ۾ واصل، پرچي ٿيو پريم سان.
ساميءَ جي شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي تہ ان ۾ سادگي ۽ پختگي آهي. سندس ڪلام خشڪ ۽ بي سواد نہ آهي. هن ۾ ستگرو مهما، عشق ۽ محبت جا عنوان ۽ سهاڳڻ جي ست جھڙا موضوع آهن، جيڪي سندس ڪلام کي نکاري بيٺا آهن. سندس سلوڪن ۾ جڏهن ڪرشن مُرلي وڄائي ٿو، تڏهن گوال ۽ گوپين جو عقل چرخ ٿي وڃي ٿو ۽ انهن ۾ اوديا جي ڳنڍ کُلي پوي ٿي. اُهي ٻئي جھان ۾ محبوب جي سونهن سوڀيا ڏسن ٿا:
مڌر مڌر مرلي، ڪنهيي وڄائي مُک سان،
ٻُڌي گوپي گوال جي، ساميءَ سُرت ڀُلي،
اوديا ڳنڍ کُلي، ڏسي سونهن محبوب جي.
انسان جا پنج دشمن آهن، جيڪي انسان جون خواهشون ۽ اِندريون آهن، جن کي ’نفس امارو‘ چئجي ٿو، سامي انهن کي ’پنج ڀُوت‘ سڏي ٿو، جيڪي انسان جي صحيح عمل ۽ راھہ ۾ رنڊڪ وجهن ٿا:
جوڳي جنهن جوڌي، جيتيو من مواس کي،
ڪڍيو تنهن ڪُلپت جو، لشڪر سڀ لوڌي،
سامي لائين لک ۾، پنج ئي پرٻوڌي،
ويٺو گهر سودي، ساکي ٿي سنسار جو.
ساميءَ جو آواگون يا پنرجنم ۾ اعتبار آهي. هو انسان جي واحد ۽ هڪ جنم ۽ جيون کي قيمتي ۽ امولک سمجهي ٿو. سامي، جيون کي لاڀائتو بنائڻ لاءِ ستگروءَ (مرشد) جي اپديش ۽ تعليم کي ڪارگر ۽ ڪامياب زندگيءَ جو مقصد سمجهي ٿو. ساميءَ موجب ڪامل مرشد ۽ ان جي تعليم کانپوءِ انسان پنھنجي آتما جو درشن ڪندو آهي ۽ زندگيءَ جو سچو سک حاصل ڪندو آهي:
ست گر جهڙو شاھہ، ڪونه ڏٺوسين ڪاٿهين،
پرچي ڏنو جنهن پوربي، آتم دان اٿاھہ،
نڪي پڇيائين جات پات، نڪي پڇيائين راھہ،
ڪري من اَچاھہ، سامي ڇڏيائين ڇن ۾.
-
چلن الٽي چال، ساڌو جَن سنسار کون،
لنگهيا پار سمنڊ کون، ڇن ۾ ماري ڇال،
ميٽي ويٺا من ۾، سامي سڀ خيال،
رهن لعل گلال، سدا پنھنجي حال ۾.
ساميءَ چوي ٿو تہ مورک ۽ اگياني انسان پاڻ کي هن دنيا جي خواهشن ۾ قيد ڪري دُکي ڪري رهيا آهن. سامي، مرشد جي اپديشَ قول تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ ٻُڌائي ٿو تہ مرشد ڪامل جيڪا راز جي ڳالھہ چئي، اها ظاهر نہ ڪجي تہ جيئن بنا لوڀ ۽ لالچ جي سندس زندگيءَ جو مقصد پورو ٿئي:
جنهن کي ڳالھہ وڻي، سنتن سان پرسن جي،
سو بنا درسن دير جي، ڳڻتي ڪانہ ڳڻي،
من سوڌا ميدان ۾، ماري پنج کڻي،
جيڪا اچي بڻي، سا سامي رکي سر تي.
شاھہ لطيف وانگر سامي بہ اهڙن ماڻهن کي ننديو آهي، جيڪي علم تي عمل نٿا ڪن ۽ علم حاصل ڪري وڏائي ڪن ٿا، سي حق کان پري ٿيندا وڃن ٿا. سچي سڪ ۽ سچي عشق سان ئي ان حقيقي مالڪ کي پسي سگهجي ٿو. سامي چوي ٿو تہ الهامي ۽ مقدس ڪتاب هڪڙي ئي خدا يا ذات حقيقيءَ جي راھہ ڏسين ٿا. انهن ۾ هڪ ئي سوت، واحد خدا ۽ سچي هستيءَ جو آهي. جڏهن خدا هڪ آهي تہ پوءِ انسانن ۾ بہ تفاوت نہ هئڻ گهرجي. اها وڏي سمجهه جي ڳالھہ آهي:
ويد، پران، قرآن ڪو، سڀني ۾ هڪ سوت،
سمجهي ڏس سامي چئي، لائي من مضبوط،
جئن آڪاس گهٽن ۾، تئن سڀ ۾ ساکي ڀوت،
ڪو آتم وت اوڌوت، سمجهي انهي سخن کي.
-
ويد، پران، پڙهي، ڪوه ٿو لوڪ ريجهائين،
سپريان جي سِڪ ۾، جهاتي نہ پائين،
چاھہ نہ چُڪائين، تہ پسين ڪيئن پرينءَ کي.
ساڳيءَ ڳالھہ شاھہ لطيف بہ چئي آهي ۽ معلوم ٿئي ٿو تہ سامي، شاھہ کان ڪافي متاثر هو. شاھہ لطيف چوي ٿو:
اکر پڙهي اڀاڳئا، قاضي ٿئين ڪياءِ،
ڀيرئين ۽ ڀائيين، ايڏا ايءَ نہ آءُ،
اِن سُرڪي سندو ساءُ، پُڇج عزازيل کي.
هيٺ ساميءَ ۽ شاھہ لطيف جي ڪجهہ بيتن جو مختصر تقابلي مطالعو پيش ڪجي ٿو:
سامي: اَٿـئــي مهـانگـو، سـامـي سـودو پـريــم جــو،
جي تو خواهش خريد جي، تہ سٽ سر سانگو،
پرچي پاءِ ڳچي ۾، گلا جو گانگهو،
لنگهي پئه لانگهو، تہ مطلب ٿئي من جو.
-
شاھہ: جي اَٿئي سڌ سُرڪ جي، تہ ونءَ ڪلاڙن ڪاٽي،
لاهي رک لطيف چئي، مٿو وٽ ماٽي،
تڪ ڏئي پِڪ پِي، گهوٽ منجهان گهاٽي،
جو ورنھہ وهاٽي، سو سر وٽ سَرو سانهگو.
-
سامي: رهي هوت حضور، سامي ڀر سڀ ڪنهن جي،
ڀرم ۾ ڀلي ڪري، مورک ڄاڻن ڏور،
راتيون ڏينهن مَر مري، مرن سنسي سُور،
چڙهي پڪي پُور، ٿيا مقابل محبتي.
-
شاھہ: پـاڻـيءَ مـٿـي جهــوپــڙا، مُـورک اُڃ مــرن،
ساهان اوڏو سپرين، لوچيو تان نہ لهن،
دم نہ سڃاڻن، دانهون ڪن مُٺن جئن.