ساميءَ جو دڙو

ساميءَ جو دڙو (ماڳ): بدين جي ڏکڻ اولھہ ۾ 6 ميلن جي فاصلي تي زمين کان 8 فوٽ اوچي دڙي جي صورت ۾ هي ماڳ موجود آهي. ڳوٺ ڦتن پرهياڙ جي اولھہ ڏکڻ طرف ڳٺي ڍوري جي کاٻي ڪناري تي هي دڙو چوڪڙيءَ تي پکڙيل آهي. روايت آهي تہ هن دڙي تي ڪنهن وقت ڪو سامي رهندو هو، جنهن کي محمود درس (سمي) ٻانهاڻيءَ مات ڪيو هو. هن دڙي تي هينئر قبرستان آهي ۽ سيد حسنرح جي درگاھہ بہ هن دڙي تي آهي. هي اسلامي دور جو دڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو