سامونڊي نانگ

سامونڊي نانگ

سامونڊي نانگ

سامونڊي نانگ (Sea Snake): سـمـنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ رهندڙ 50 کان وڌيڪ قسمن جي سامونڊي نانگن جو واسطو Hydrophiidae خاندان جي ننڍي ڪٽنب Laticaudinae سان آهي. سامونڊي نانگ جو پڇ ڊگهو، جسم چپترو، ناسون ڍڪڻيءَ جهڙي منهن ۾ هونديون آهن. ڪجهه سامونڊي نانگن جو جسم مٿي ۽ ڳچيءَ جي ڀيٽ ۾ ٿلهو هوندو آهي، جيڪو کين سمنڊ ۾ ترڻ ۾ مدد ڪندو آهي. زميني نانگن وانگر سامونڊي نانگن جي پيٽ تي ڇلڪيدار کل ٿيندي آهي. هنن نانگن جو 1.2-1 ميٽر (4-3 فوٽ) قد ٿيندو آهي.
سامونڊي نانگ جو هڪ قسم Laticauda Semifasciata، ٽي کان چار ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي، جيڪو جپاني سمنڊ ۾ وڏي تعداد ۾ ملندو آهي. سامونڊي نانگ گهڻي ڀاڱي سامونڊي پٽيءَ وارن علائقن، آسٽريليا ۽ ننڍي کنڊ (هندستان ۽ پاڪستان) جي سمنڊن ۾ ملن ٿا. جڏهن تہ پيلي رنگ جي ڇلرن واري پيٽ سان هڪ خاص قسم جو سامونڊي نانگ Pelamis Platurus ڀونوچ سمنڊ کان وٺي آفريڪا جي سامونڊي ٻيٽ ’مڊگاسڪر (Madagascar) تائين جهجهي انداز ۾ ملي ٿو. هيءُ ساموندي نانگ هڪ ميٽر ڊگهو، ڪاري، ناسي ۽ پيلي سونهري رنگ جي پٽن نما ڇلرن سان ٿيندو آهي. سامونڊي نانگ پنھنجي خوراڪ جي پورائيءَ لاءِ مڇين ۽ سامونڊي جيون جو شڪار ڪندا آهن. اڪثر نانگ سمنڊ جي مٿينءَ سطح تي ٽولن جي شڪل ۾ ترندا نظر ايندا آهن. سامونڊي نانگن جون ڪي ماديون: Laticaudinae پنهنجا آنا خشڪ زمين تي سمنڊ جي ڪناري لاهينديون آهن، جڏهن تہ ٻين جي آنن جي واڌويجهہ سمنڊ ۾ ئي ٿيندي آهي.


لفظ سامونڊي نانگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو