سامارو ڍنڍ: هيءَ تاريخي ڍنڍ تعلقي ساماري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ هئي، جنهن جا آثار اڄ بہ باقي آهن. هيءَ ڍنڍ قديم دور ۾ تمام گهڻو مشھور هئي، جنهن ۾ شڪار عام ٿيندو هو، ان وقت جا امير شڪار ۽ تفريح لاءِ هن ڍنڍ جو رخ ڪندا هئا. مغل بادشاھہ بابر جو پٽ همايون لشڪر سميت جڏهن شير شاھہ کان ڀڄي عمرڪوٽ پهتو هو، تڏهن پنهنجيءَ زال حميدہ بانوءَ کي عمرڪوٽ جي محل ۾ ڇڏي، ٺٽي ۽ بکر تي ڪاھہ ڪرڻ جي مقصد سان لشڪر وٺي رستي سان گذرندي هن ڍنڍ تي ترسيو هو. پويان عمرڪوٽ ۾ سندس زال کي، 15 آڪٽوبر 1542ع تي اڪبر بادشاھہ ڄائو، جنهن جو اطلاع کيس هن ڍنڍ تي مليو هو. همايون هن ڍنڍ تي پٽ ڄمڻ جي خوشي ملهائي هئي. هن وقت سموري ڍنڍ واري ايراضي زرعي آباديءَ هيٺ آهي.