ساقي عبداللطيف

ساقي عبداللطيف

ساقي عبداللطيف

ساقي، عبداللطيف: پاڪستان جي مشھور فلمي اداڪار ساقيءَ جو اصل نالو عبداللطيف بلوچ هو. هن 2 اپريل 1925ع تي بغداد ۾ جنم ورتو، جتي سندس والدين رهائش پذير هئا. عبداللطيف ساقيءَ جو ڀاءُ، عبدالڪريم بلوچ ۽ ڀائٽيو هارون رند، پاڪستان ٽيليويزن جا مشھور سنڌي پروڊيوسر ٿي گذريا آهن، عبدالڪريم بلوچ، پي. ٽي. وي جو ڊائريڪٽر جنرل بہ ٿيو. ساقي 1950ع ڌاري فلم ’التجا‘ سان پنھنجي فلمي سفر جي شروعات ڪئي ۽ مجموعي طور 484 فلمن ۾ ڪم ڪيائين، جن مان 6 سنڌي، 379 اردو، 78 پنجابي ۽ 21 فلمون پشتو جون هيون. ساقيءَ جي مشھور فلمن ۾ ’همراهي‘، ’راز‘، ’لکپتي‘، ’بيٽي‘، ’آسرا‘، ’مٺي ڀر چاول‘، ’لاکون ۾ ايڪ‘، ’محبت زندگي هي‘، ’انصاف‘، ’يوسف خان‘ ۽ ’شريف بانو‘ شامل آهن.
ساقيءَ ٽيليويزن جي مشھور ڊراما سيريلن: ’ديوارين‘، ’جنگل‘ ۽ ’گردش‘ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ساقيءَ جي آخري فلم ’دشمني‘ هئي، جيڪا سندس وفات کانپوءِ 1990ع ۾ رليز ٿي هئي.
سنڌ جي هن نامياري اداڪار، 22 ڊسمبر 1986ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽڙي (ضلعي ڄامشوري) جي هڪ قبرستان ۾ مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.04.02  عيسوي

پاڪستان جي مشهور فلمي اداڪار ساقيءَ جو اصل نالو عبداللطيف بلوچ هو. هن 2 اپريل 1925ع تي بغداد ۾ جنم ورتو،


1986.12.22  عيسوي

سنڌ جي هن نامياري اداڪار، 22 ڊسمبر 1986ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽڙي (ضلعي ڄامشوري) جي هڪ قبرستان ۾ مدفون آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحيم بخش قريشي
حيات سنڌي ڊاڪٽر
آچار ڪاڪو
اياز
پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي
عثمان صديقي مخدوم
شاهنواز ايم ڪي دل
سر وليم فرمليئن
آسو ٻائي
شھزادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون