ساقي سجاولي

ساقي‘ سجاولي: مشھور اديب، شاعرساقي‘ سجاوليءَ جو اصل نالو غلام احمد ولد محمد عارب سجاولي آهي. هن 10 جنوري 1917ع تي سجاول ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۽ پوءِ سجاول مان حاصل ڪئي. هي ابتدا ۾ داروغو، پوءِ ڪلارڪ ۽ ان بعد استادي پيشي سان وابستہ رهيو.
ساقي‘ سجاوليءَ ننڍيءَ عمر ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي ”آھہ! غريبي تو مون کي تمنائن کان روڪيو“. 1936ع ۾ ’الوحيداخبار ۾ شايع ٿي. ان کانسواءِ نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ بہ سندس افسانا ۽ انشائيه شايع ٿيندا رهيا.
ساقي‘ سجاوليءَ 1948ع ۾ گل حسن طاهراڻيءَ سان گڏجي ’اهل قلم‘ نالي هڪ رسالو ڪڍيو. هن کي صحافت سان بہ دلچسپي هئي. سندس ان شوق جي هڪ ڪڙي هئي، جنهن ۾ افسانا، شعر ۽ مضمون شايع ٿيندا هئا. ساقي سجاولي، اصلوڪين لکڻين سان گڏ ڪافي ترجما بہ ڪيا. هن خليل جبران جي مشھور ناول The Prophet جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سجاول ۾ هن ’ساقي آرٽ سرڪل‘ قائم ڪري اسٽيج ناٽڪ جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن ڪجهہ ناٽڪ بہ لکيا ۽ ڪن ۾ اداڪاري ڪئي. ٻني شھر ۾ ’ايوان ادب‘ ۽ ساڪري ۾ ’بزم ادب‘ تنظيمن جو بنياد بہ هن وڌو.
ساقي‘ سجاولي بنيادي طور افسانہ نويس هو. سندس افسانن جا موضوع، محبت، غربت، محرومي ۽ هيٺئين ڪلاس جا مسئلا هئا. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
(1) بيروزگاري، (2) پيغمبر، (3) محمد علي جناح، (4) جواهرلال نهرو، (5) ابراهيم ادهم، (6) ماهرو، (7) ڪافر، (8) انمول موتي، (9) شير شاھہ جو انصاف، (10) قاضي جو انصاف، (11) قيدي، (12) نقلي پيغمبر،
(13) موتي، (14) جھنم ۾ جڳھہ ناهي، (15) ڪافرستان، (16) يوسف زندہ آباد، (17) پردہ نشين ڏانهن، (18) محمود غزنوي، (19) اسـلام خـاطـر، (20) انمول رتن، (21) ملان نصيرالدين ۽ هڪڙو بادشاھہ.
ساقي سجاوليءَ، 16 سيپٽمبر 1960ع تي، ٻوڙاڻي بنگلي لڳ سجاول ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.01.10  عيسوي

مشهور اديب، شاعر ’ساقي‘ سجاوليءَ جو اصل نالو غلام احمد ولد محمد عارب سجاولي آهي. هن 10 جنوري 1917ع تي سجاول ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ جنم ورتو.


1960.09.16  عيسوي

ساقي سجاوليءَ، 16 سيپٽمبر 1960ع تي، ٻوڙاڻي بنگلي لڳ سجاول ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شبير احمد مخدوم
مرتضيٰ سيال
ظفر حسن
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
شوڪت حسين شورو
ڏيپلائي محمد علي
شمشاد احمد سومرو
راشدي مهتاب اڪبر
حشمت پارواڻي
جمال رند
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون