ساز علي ساز

ساز علي ’ساز‘: شڪارپور جو شاعر، شيخ ساز علي ’ساز‘ ولد محمد بخش شيخ، 12 فبروري 1916ع تي ڄائو. هن ابتدائي تعليم هندو سنڌي اسڪول نمبر-3 ۽ ورنيڪيولر اسڪول-2 مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان ڪئي. ان کانپوءِ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور ۾ داخل ٿيو، جتي تعليم سان گڏ علم ۽ ادب ڏانهن بہ راغب ٿيو. انهن ڏينهن ۾ آغا غلام نبي ’صوفي‘ جي ’بزم مشاعره‘ ۾ بہ شرڪت ڪندو هو. هن شاعريءَ جي باقاعدي سکيا آغا صوفيءَ کان حاصل ڪئي. ساز علي ’ساز‘ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور‘ مان شايع ٿيندڙ ’اپر سنڌ‘ مئگزين جو ايڊيٽر رهيو. بي. اي ڪرڻ کانپوءِ ڪراچيءَ هليو ويو، جتي ايل. ايل. بي ڪري سنڌ مدرسة الاسلام ۾ استاد مقرر ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي، فوج ۾ ميجر جي عهدي تي مقرر ٿيو. وري ڪجهه عرصي کانپوءِ فوج جي نوڪري ڇڏي ميرپورخاص ۾ وڪالت ڪيائين. ساز عليءَ جو ڪلام ۽ سندس تنقيدي مضمون، ماهوار رسالي ’سنڌو‘ ۾ شايع ٿيندا هئا. هن ڪيترائي تنقيدي مضمون لکيا. ساز علي ساز 7 مئي 1964ع مطابق ذوالحج 1381ھہ تي ميرپورخاص ۾ وفات ڪئي ۽ شڪارپور ۾ دفن آهي.


لفظ ساز علي سازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.02.12  عيسوي

شڪارپور جو شاعر، شيخ ساز علي ’ساز‘ ولد محمد بخش شيخ، 12 فبروري 1916ع تي ڄائو.


1964.05.07  عيسوي

ساز علي ساز 7 مئي 1964ع مطابق ذوالحج 1381هه تي ميرپورخاص ۾ وفات ڪئي ۽ شڪارپور ۾ دفن آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو غلام نبي لغاري
غلام محمد غازي
الانا جي
سرلا ديوي ڊاڪٽر
سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي
علي محمد شاھہ عاجز
اٽل مل بينام
انور علي شاھہ
الھنواز نواز رُڪڻائي
فيض احمد فيض
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون