ساريجي بُٺي: سنڌو تھذيب وارو هي دڙو، ’ساريجي بٺي‘، ضلعي ٺٽي ۾، حيدرآباد کان 50 ڪلوميٽر پري هڪ ٽڪريءَ تي موجود آهي.
ساريجي بٺيءَ جي چوڌاري ڪجهه ڪلوميٽرن تائين ڪچو آھي. ماڳ جي ڊيگهه اتر اولھه ھڪ ڪلوميٽر ۽ ويڪر بہ ايتري ئي ٿيندي. اترئين ڇيڙي تي فش ھيچري (مڇين جي افزائش جي جاءِ) ۽ ڏاکڻي ڇيڙي تي ڳوٺ محمد خان جکرو آھي. ھي ماڳ ھڪ ٽڪريءَ تي آھي ۽ سم ۽ ڪلر هن ماڳ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه حصو سرڪاري آفيسن ھيٺ اچي چڪو آھي. ٽڪريءَ جي اولھه ڏکڻ ۾ ڪجهہ آثار باقي وڃي بچيا آھن. ھتان لڌل وٿن ۾ ٺڪر جي ٿانون جا ٽڪرا، ناديون، مٽڪا، ڇلون، پوڄا جا ٿانو، گهگهيون، ٿالھيون، ٻاٽيون، ڏيئا، سڪا وغيرہ آهن. ٺڪراٺو ڳاڙھي تي ڪاري چٽ وارو سنڌو تھذيب سان ڀيٽڻ جهڙو آھي.
ساريجي ھڪ قديم ماڳ آھي، جيڪو سنڌوءَ جي ڪلريءَ واري وھڪري تي آباد ھو. ھن وھڪري تي ٻيا شھر ۽ وسنديون مڪلي، ساموئي، ھالاٺ، ھاليجي، گجو، گهارو ۽ ڀنڀور آباد ھئا. ھتان جا ماڻھو مٽي ۽ پٿر جي ٺھيل گهرن ۾ رھندا ھئا ۽ ٺڪر جا چڪ تي لٿل چٽيل ۽ ٺپيل ٿانو استعمال ڪندا ھئا. ھن ماڳ جي کوٽائي نہ ٿي آھي.