ساروھہ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي قنبر شھدادڪوٽ جي تعلقي وارھہ جي يونين ڪائونسل غيبي ديري ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ ڪاڇي جي ڍنڍن جي سلسلي جي هڪ ڍنڍ آهي، جن ۾ حمل ڍنڍ، ڪاڇڙي ڍنڍ ۽ بڊام ڍنڍ اچي وڃن ٿيون. هيءَ ڍنڍ حمل ڍنڍ ويجهو بچا بند سان گڏ آهي. هن جي اولھہ ۾ کيرٿر، اتر ۾ وارھہ تعلقو ۽ ڏکڻ ۾ حمل ڍنڍ ۽ جوهي تعلقو اچن ٿا. قديم دور ۾ ڪاڇي جي حد مان سنڌوءَ جي هڪ شاخ وهندي هئي، جنهن کي ساروھہ جو وهڪرو سڏبو هو. چيو وڃي ٿو تہ ساروھہ نالي چنن جو ڳوٺ هتي پراڻي وقت کان آباد هو. ساروھہ درياھہ جو وهڪرو ڪاڇي مان وهي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. جڏهن ساروھہ جو وهڪرو ختم ٿيو تہ ان مان ٽي ڍنڍون نڪري نروار ٿيون، جن مان بڊام، ڪاڇڙي ۽ ساروھہ اچي وڃن ٿيون. هڪ روايت موجب ساروھہ سردار پُنري خان جي هڪ پٽ جو نالو هو. ساروھہ ڍنڍ ۾ مڇي، پکي، بھہ، لوڙھہ، ڪم، پٻڻ جام ٿيندي هئي، انگريز دور ۾ چانڊين جي سردار نواب غيبي خان سان گڏ انگريز گورنر ۽ ڪليڪٽر هن ڍنڍ تي شڪار ڪندا هئا.