
ساره شگفته
ساره شگفتہ: ساره شگفتہ پنجابي ۽ اردوءَ جي مشھور شاعرہ ٿي گذري آهي، جنهن کي سندس بيباڪي ۽ لفظن جي گهرائي ڪري گهڻي پذيرائي ملي. ساره شگفتہ 14 آڪٽوبر 1954ع تي گوجرانوالا، پنجاب ۾ جنم ورتو. هن نوجوانيءَ ۾ ئي پنھنجي تخليقي صلاحيتن سبب شھرت ماڻي. سندس شاعري، نثري ٽڪرا ۽ مضمون رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻجندا هئا، جيتوڻيڪ سندس مائٽ ۽ عزيز سندس ادبي سرگرمين جا مخالف هئا، پر هوءَ تنهن هوندي بہ لکندي رهي ۽ مشاعرن توڙي ادبي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندي هئي. عملي زندگيءَ ۾ بہ هن جا مائٽ سندس ملازمت مان ناخوش هئا، جو هوءَ خانداني منصوبه بنديءَ واري کاتي ۾ ڪم ڪندي هئي. سارا شگفتہ جي پهرين شادي 14 سالن جي عمر ۾ ئي ڪنهن اڻ پڙهيل مائٽ سان ڪرائي وئي هئي، جيڪو مٿس تشدد ۽ شڪ ڪندو هو. جيئن تيئن ڪري سارا تعليم جاري رکي. نيٺ سندن علحدگي ٿي. ان بعد هڪ شاعر کيس شاديءَ جي آڇ ڪئي، پر اهو بہ وقتي طور سندس ساٿي ثابت ٿيو ۽ پوءَ هو بہ مٿس تشدد ڪندو هو. اهڙيءَ طرح ٽين شادي بہ سارا کي غلاميءَ وارو احساس ڏنو، جنهن بعد هوءَ مايوسين جي ڪُن ۾ ڦاسندي وئي. مجبوراً پنھنجي مرندڙ ماءُ جي آخري خواهش تي هڪ جاگيردار سان شادي ڪيائين. ماءُ جي وفات بعد هن جي چوٿين مڙس بہ مٿس سختيون ڪيون. طلاق بعد عمر جو پويون حصو هن ڪراچيءَ ۾ گذاريو، جتي احمد سعيد نالي هڪ شخص جي ساٿ کيس محبت ۽ قدردانيءَ جو احساس ڏنو، پر باوجود آڇ جي هن احمد سعيد سان شادي نہ ڪئي ۽ پنھنجي همراز دوست ۽ نامور اديبا امرتا پريتم کي خطن ۾ لکيائين ته، کيس احمد سعيد ئي واحد شخص مليو، جنهن محبت سان کيس کٽيو ۽ هن جي زندگيءَ جي تلاش پوري ٿي، ۽ پوءِ هڪ سال تائين هوءَ احمد سعيد سان نہ ملي. 4 جون 1984ع تي ڪراچيءَ ۾ ڊرگ روڊ وٽان ريلوي ٽريڪ تي سارا شگفتہ جو لاش مليو، جنهن لاءِ آپگهات جو امڪان ڄاڻايو وڃي ٿو. سارا، ڪجهہ عرصو سنڌي شاعرہ عطيہ دائود جي گهر بہ رهي. نامور ليکڪا امرتا پريتم سندس ڪردار تي هڪ ناول ’ايڪ ٿي سارا‘ لکيو. سارا شگفتہ ڪراچيءَ ۾ مدفون آهي. سارا شگفتہ جي شاعريءَ جا ڪتاب: (1) ’بَلدي اکر‘ (پنجابي ڪلام)، (2) ’مين ننگي چنگي‘ (پنجابي ڪلام)، (3) ’آنکين‘ (اردو نثري نظم: 1997ع) مشھور آهن. سارا شگفتہ بابت پنجابي اديب احمد سليم هڪ مڪمل ڪتاب لکيو آهي. ڊاڪٽر فھيم شناس ڪاظميءَ پڻ ساره شگفتہ جي فن ۽ فڪر تي هڪ ضخيم ڪتاب لکيو آهي.
1954.10.14 عيسوي
ساره شگفته 14 آڪٽوبر 1954ع تي گوجرانوالا، پنجاب ۾ جنم ورتو.
1984.06.04 عيسوي
4 جون 1984ع تي ڪراچيءَ جي ريلوي ٽريڪ تي سارا شگفته جو لاش مليو، جنهن لاءِ آپگهات جو امڪان ڄاڻايو وڃي ٿو.