سارنگ4

سارنگ4 (سُر ۽ پسمنظر): سارنگ، سنڌي شاعريءَ جو پراڻو موضوع آهي، پر ان کي باقاعدي هڪ سُر جي حيثيت ۾ ميين شاھہ عنات رضوي ۽ شاھہ لطيف ڳايو آهي. سر سارنگ ۾ شاھہ لطيف جتي قدرت جي نظارن ۽ انساني امنگن جون تصويرون چٽيون آهن ۽ پلر جي پالوٽ يعني مينهن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي، اُتي سماجي مسئلن جي اپٽار پڻ ڪئي آهي.
اڄ کان ٽي سؤ سال اڳ لطيف جي زماني ۾ (1689ع کان 1752ع) جڏهن سنڌ اڃا آزاد نہ هئي. ملڪ ۾ ڏُڪار مُنهن ڪڍيو، جنهن جي تباهيءَ جا هن مشاهدا ڪيا هئا. ان وقت سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي تحريڪ زور تي هئي، مٿان وري جهوڪ جي قضيي سنڌ کي جهوري وڌو هو، اهڙيءَ نازڪ صورتحال ۾ لطيف سائينءَ، سر سارنگ ۾ علامتي طور آزادي، خوشحالي، آسودگيءَ ۽ سُڪار لاءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ اتساھہ ۽ جذبو جاڳايو:
آگميو آهي، لڳھہ پس لطيف چئي،
وٺو مينهن وڏڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇن ڇڏي ٻٽ پئو، سمر سنباهي،
وهو مَ لاهي، آسرو مان!
ڪيترن ڏاهن ۽ شارحن سر سارنگ مان علامتي طور نبي سائين حضرت محمد صلي عليہ وسلم جي آمد، پاڪ جي رحمت، اسلام جي پکڙجڻ، حق جو اچڻ ۽ باطل جو ڀڄڻ بہ مراد ورتي آهي، جنهن جي آمد سان بت ڀڳا، ڪفر جا ڪوٽ ڪريا ۽ توحيد جي تنوار جاري ٿي ۽ حضور صلعم جي آمد سان ماڻهن کي سهنج ۽ سک عطا ٿيو. شاھہ لطيف جي سر سارنگ ۾ گهُٽ، ٻوسٽ، غلامي ۽ اونداهيءَ کان ڇوٽڪاري ۽ نجات جا سڏ آهن. لطيف سائين، انسانذات جي آزاديءَ ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جو آدرشي شاعر آهي. شاھہ لطيف توسيع پسندن، ٻئي ملڪ ۾ لالچي اکيون وجهندڙن، جهيڙي بازن ۽ فتني بازن کان نفرت ڪئي. شاھہ لطيف، سنڌ جي خمير ۾ وڏو نبض شناس هو. سندس نظريو هو تہ ’ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پانهنجي‘، ان ڪري هن سنڌ سان گڏ پوري عالم جي خوشحاليءَ لاءِ دعا ڪئي آهي.
شاھہ لطيف، سُر سارنگ ۾ آزادي ۽ آجپي جي سڏ سان گڏوگڏ سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن جي واکاڻ بہ ڪئي آهي. جاگرافيائي لحاظ کان لطيف سائينءَ، سُر سارنگ ۾ سنڌ جا ڪيترائي ماڳ ۽ ڳوٺ آندا آهن. چيهي کان وٺي چکيءَ تائين، لاڙ کان وٺي سري تائين، ڪراڙ ۽ ڪڇ کان وٺي ڪاڇي تائين، ٿر کان وٺي ناري ۽ پٻ تائين، گرهوڙ کان ڀِٽ تائين، سنڌ جي ماڳن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪيو آهي. تاريخي ڄاڻ جي پسمنظر ۾ هن سنڌ کان ٻاهر وارن اهڙن ملڪن ۽ شهرن: مصر، مڪي، عرفات، استنبول، ڪابل، قنڌار، چين، روم، مغرب، دهليءَ، دکن، کنڀات، بيڪانير، ڀڄ، گرنار، جيسلمير جو ذڪر ڪيو آهي، جتي تصوف ۽ ويدانت جون تحريڪون هليون، انسانيت جي آجپي ۽ سڪار جون صدائون بلند ٿيون هيون:
ڀريائين ڪُن ڪراڙ جا، وٺو وارياسو،
کُڻيتيءَ کنوَڻ ڪيو، چڱو چوماسو،
ماڪاڻي تان موٽيو، ڏيئي پٻ پاسو،
خالق ڪيو خاصو، چيهو چُکيءَ ڪنڌيين!
-
چيهو چُکيءَ ڪنڌيين، ڪيائين گڙنگ تي گُل،
هڏاڪٽيان هليو، ڀري ترايون تَل،
آندائين آب اُڇل، مٿي باغ بھار ٿي!
-
بر وٺا، ٿر وٺا، وٺو جيسرمير،
آگم ڪري آئيون، پائر ڀري پير . . .
-
بر وٺا، ٿر وٺا، وٺي ڪڇ ڪنارَ،
پوڃاڙيءَ جو پَٽن تي، ڏس! نايائون نارَ،
سٻاجهي ستار، لاٿا ڏُرت ڏيھہ تان!
-
سارنگ سينگاري، وڄڻ وسڻ آئيون،
برسي ڀٽاري، ڀريا پَٽ پُراڻ جا!
-
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار،
وِڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار،
ڪي اُٿي هليون استنبول ڏي، ڪي مڙيون مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھن سمرقندن سار،
ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل، ڪي قنڌار،
ڪي دِلي، ڪي دَکن، ڪي گُڙن مٿي گرنار،
جنبي جيسرمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀُڄ ڀِڄائيو، ڪنهين ڍَٽ مٿي ڍار،
ڪنهين اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
سر سارنگ ۾ شاھہ لطيف عورت جي ڪردار کي اوليت ڏني آهي ۽ مرد جي آزاديءَ واري جاکوڙ ۾ گهر جي اوني يا الڪي جو سمورو بار عورت تي رکيو آهي، جتي هارين کي هر سنباهڻ، ڌڻ سنڀالڻ ۽ اناج اپائڻ جي تلقين ڪئي آهي، اُتي عورت کي سيج سينگارڻ، کير ۽ مکڻ هٿيڪي ڪرڻ ۽ گهر جي اڏاوت جي اوني لاءِ اتساھہ ڏياريو آهي. انهيءَ برابريءَ تي لطيف سائين آزاديءَ جو بنياد رکي ٿو. هو هڪ رهبر جي حيثيت سان هڪ آزاد رياست جو دستور مقرر ڪري ٿو. شاھہ جي نگاھہ ۾ جيڪڏهن پورهيت آزاد نہ آهي تہ ڏيھہ مان ڏچو ويندو ئي ڪونه:
نہ ڪا جهل نہ پل، نڪو رائر ڏيھہ ۾،
آڻيو وجهن آهورين، روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امل، مليرونِ مرڪڻو!


هن صفحي کي شيئر ڪريو