
ساحر لڌيانوي
ساحر لڌيانوي: ننڍي کنڊ جي نامياري ترقي پسند شاعر ۽ هندستاني فلمن جي گيتڪار، ساحر لڌيانويءَ جو اصل نالو عبدالحئي هو. سندس جنم 08 مارچ 1921ع تي، اولھہ پنجاب (ڀارت) جي شھر لُڌيانا ۾ ٿيو. ساحر لڌيانويءَ، ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، گورنمينٽ ڪاليج لڌيانا ۾ داخلا ورتي ۽ ڪاليج جي زماني کان ئي شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. ان ئي زماني ۾ ننڍي کنڊ جي نامياري ليکڪا امرتا پريتم سان سندس پريت جو پيچ ڳنڍجي ويو. محبت ۽ سياست جي جذبي هيٺ ڪيترا باغي نظم لکيا، نتيجي طور کيس لڌيانا ڪاليج انتظاميہ ڪاليج مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ هو لاهور لڏي آيو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ترقي پسند خيالن جي ڪري سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ٿيا، جنهنڪري هو 1949ع ۾ ٻيهر هندستان لڏي ويو ۽ بمبئيءَ ۾ وڃي رهڻ لڳو. هو چوندو هو تہ: ”بمبئيءَ کي منهنجي ضرورت آهي.“ هندستان اچڻ کانپوءِ ٻين ترقي پسند اديبن سندس همت افزائي ڪندي کيس فلمن لاءِ گيت لکڻ جو مشورو ڏنو. ساحر پنھنجي ترقي پسند نظريي جو پرچار فلمي گيتن ذريعي ڪرڻ کي وڌيڪ اثرائتو ڄاتو ۽ پنهنجو آواز عام ماڻهن تائين پـهـچـائـڻ شـروع ڪـيو.
هن 1950ع ۾ ڀارت جي هندي/ اردو فلم ’آزادي ڪي راھہ پر‘ لاءِ گيت لکڻ سان فلمي ڪيريئر جو آغاز ڪيو، جنهن کانپوءِ ننڍي کنڊ جي عظيم موسيقار سچن ديو برمن (ايس. ڊي. برمن) جي موسيقيءَ ۾ 1950ع ۾ ئي فلم ’نوجوان‘ لاءِ گيت لکيائين، جيڪي بيحد مقبول ٿيا. انهن گيتن مان هڪ گيت ’ٺنڊي هوائين‘ اڄ بہ آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيندو رهندو آهي.
ساحر، هندستاني فلمن جو برجستو گيتڪار شاعر هو. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ٻن اهڙين فلمن ’پياسا‘ ۽ ’ڪبهي ڪبهي‘ لاءِ گيت لکيا، جن لاءِ چيو ويندو آهي تہ انهن فلمن جون ڪهاڻيون ساحر جي ذاتي زندگيءَ بابت آهي. سندس جڳ مشھور شاهڪار گيتن ۾ ’مين پل دو پل ڪا شاعر هون‘، ’جو وعدہ ڪيا وه نڀانا پڙي گا‘ (فلم فيئر اوارڊ يافتہ گيت)، ’ڇو ليني دو نازڪ هونٽون ڪو‘، ’چلو اڪ بار ڦر سي اجنبي بن جائين هم دونون‘، ’ملتي هي زندگي مين محبت ڪبهي ڪبهي‘، ’ميني چاند اور ستارون ڪي تمنا ڪي ٿي‘، ’مين زندگي ڪا ساٿ نڀاتا چلا هون‘ ۽ ٻيا ڪيترا گيت اچي وڃن ٿا.
هن جن فلمن لاءِ گيت لکيا، تن ۾ بازي، جال، ٽئڪسي ڊرائيور، هائوس نمبر 44، منيم جي، چتر ليکا، بھو بيگم، دل هي تو هي، برسات ڪي رات، تاج محل، ڪڀي ڪڀي ۽ ٻيون ڪيتريون فلمون شامل آهن. کيس 1971ع ۾ ڀارت جي اهم اعزاز ’پدماشري اوارڊ‘ ڏنو ويو.
ساحر لڌيانويءَ ڪجهه فلمن لاءِ ٻين موسيقارن سان گڏجي موسيقي بہ ترتيب ڏني. هن صرف فلمي گيت ئي نہ لکيا، پر سندس باقي شاعري پڻ اردو شاعريءَ ۾ تمام وڏو مقام رکي ٿي. ساحر لڌيانوي، ترقي پسند، انقلابي شاعر هئڻ سان گڏمحبت جي رومانوي جذبن جو جڳ مشھور شاعر آهي. هن جا ڪيترائي نظم مشھور آهن، جن ۾ نظم ’ميري محبوب ڪهين اور ملا ڪر مجهہ سي‘ ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿو. ان جا ٻہ بند ڏجن ٿا:
تاج! تيري لئي اِڪ مظهرِ الفت هِي سهي،
تجهہ ڪو اِس واديءِ رنگين سي عقيدت هِي سهي،
ميري محبوب ڪهين اور ملا ڪر مجهہ سي!
بزم شاهي مين غريبون ڪا گذر ڪيا معنيٰ،
ثبت جس راھہ په هون سطوتِ شاهي ڪي نشان
اُس پي الفت ڀري روحون ڪا سفر ڪيا معنيٰ
ميري محبوب پس پردهء تشهيرِ وفا
تو ني سطوت ڪي نشانون ڪو تو ديکا هوتا،
مردہ شاهون ڪي مقابر سي بهلني والِي
اپني تاريڪ مڪانون ڪو تو ديکا هوتا...
يه چمن زار، يه جمنا ڪا ڪناره، يه محل،
يه منقّش در و ديوار، يه محراب، يه طاق،
اِڪ شهنشاھہ ني دولت ڪا سهارا لي ڪر،
هم غريبون ڪي محبت ڪا اڙايا هي مذاق
ميري محبوب ڪهين اور ملا ڪر مجهہ سي.
سندس شعري مجموعن ۾: (1) ’ڪلامِ ساحر لڌيانوي‘، (2) ’تلخيان‘، (3) ’تنهائيان‘ ۽ (4) ’ڪليات ساحر‘ ذڪر جوڳا آهن.
ساحر لڌيانويءَ، 25 آڪٽوبر 1980ع تي بمبئيءَ ۾، دل جي دؤري پوڻ سبب وفات ڪئي.
1921.03.08 عيسوي
نڍي کنڊ جي نامياري ترقي پسند شاعر ۽ هندستاني فلمن جي گيتڪار، ساحر لڌيانويءَ جو اصل نالو عبدالحئي هو. سندس جنم 08 مارچ 1921ع تي، اولهه پنجاب (ڀارت) جي شهر لُڌيانا ۾ ٿيو.
1980.10.25 عيسوي
ساحر لڌيانويءَ، 25 آڪٽوبر 1980ع تي بمبئيءَ ۾، دل جي دؤري پوڻ سبب وفات ڪئي.