ساجده جبين

ساجده جبين: سنڌ جي نوجوان ڪهاڻيڪاره ساجده جبين جو پورو نالو ساجده شاھہ آهي. سندس جنم 27 مارچ 1978ع تي باجارا، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول باجارا، بي.اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ مان حاصل ڪئي. تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيڻ بعد بي.ايڊ پڻ ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪئي. ابتدا ۾ ڪهاڻيڪاره شبانه سنڌي ۽ فضه غزل سندس رهنمائي ڪئي. جنهن بعد هن ادبي دنيا ۾ ڪهاڻيءَ جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي. ساجده جي ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ’جذبن جهوريو جيءُ‘ 2003ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ساجده هڪ ڪهاڻيڪاره هجڻ سان گڏ سٺي شاعرہ پڻ آهي. سندس شادي 2001ع ۾ ناليواري اديب ۽ شاعر مشتاق بخاريءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ حسنين ۽ هڪ ڌيءُ معصومه جو اولاد آهي.


لفظ ساجده جبينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.03.27  عيسوي

سنڌ جي نوجوان ڪهاڻيڪاره ساجده جبين جو پورو نالو ساجده شاهه آهي. سندس جنم 27 مارچ 1978ع تي باجارا، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻيڙو فقير ڪنڀار
عابدہ گهانگهرو ڊاڪٽر
شجاع حبشي
ڏاهري غلام محمد
الحاج غلام مصطفيٰ شاھہ
چنيسر2
بلوچ سرور
ٽالسٽاء
جعفري غلام حسين ڊاڪٽر
امام بخش گهرياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون