سائين بخش ٿهيم، فقير: شاھہ جي راڳيءَ فقير سائين بخش ولد محمد مبين ٿهيم، 1954ع ڌاري ڳوٺ محمود ٿهيم، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو، کيس شاھہ جو راڳ خانداني طور تي ورثي ۾ مليو. سندس خاندان ۾ ڪيترائي راڳي شاھہ جي راڳ ذريعي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هن 1974ع ڌاري شاھہ سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب پنھنجي ويجهي عزيز فقير يعقوب ٿھيم جي سرپرستيءَ ۾ شاھہ جي راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. سندس استاد جي شفقت ۽ ذاتي شوق سبب راڳ جي مڪمل سکيا حاصل ڪري ورتي پاڻ شاھہ جي ڪافي سرن کي سھڻي انداز سان پيش ڪندو آهي. ان سان گڏ شاھہ سائينءَ جي ايجاد ڪيل الهامي ساز دنبوري وڄائڻ جي سکيا پڻ ورتائين. هي سائينءَ جي درگاھہ ۽ شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جي درگاھہ کان سواءِ سنڌ جي ٻين ڪيترين ئي درگاهن ۽ پوري سنڌ ۾ شاھہ سائينءَ جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. کيس پاڪستان کان ٻاهر پئرس، اسپين، جرمني، ٿائلينڊ سميت ڪيترن ٻين ملڪن ۾ بہ شاھہ سائينءَ جي راڳ جي حوالي سان موقعا ملي چڪا آهن. ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر کيس ڪيترائي اوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا اٿس. هي شاھہ سائينءَ جي راڳ جي قانون ۽ قاعدن جي مڪمل ڄاڻ رکي ٿو. پاڻ ڪيترن ئي نوجوانن کي شاھہ سائينءَ جي راڳ جي سکيا پڻ ڏئي چڪو آهي. انهن مان سندس ڪيترائي شاگرد وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. درگاھہ شاھہ لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ آچر جي ڏينهن ۽ سومر جي رات حاضري ڀري سر وکيريندو آهي. پاڻ هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ محمود ٿھيم ۾ رهائش پذير آهي.