
سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي
سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي (South City Hospital Karachi): ڪلفٽن، ڪراچيءَ ۾ قائم هن نجي اسپتال ’سائوٿ سٽي هاسپيٽل‘ جو شمار ملڪ جي بھترين اسپتالن ۾ ٿئي ٿو. هن اسپتال ۾ هر قسم جي بيمارين جا ماهر (Specialists) ترجيحي بنيادن تي مريضن جو علاج ڪندا آهن. علاج معالجي لاءِ اسپتال جو ماحول عاليشان ۽ نهايت پرسڪون رکيو ويو آهي.
2004ع ڌاري، ڪلفٽن جي علائقي ۾ قائم مڊ ايسٽ اسپتال جي عمارت کي ڊاهي شاپنگ سينٽر ۽ هڪ شاندار هوٽل جي رٿابندي جوڙي وئي، جنهن کانپوءِ سائوٿ سٽي اسپتال جي ضرورت محسوس ڪندي، پاڪستان جي ۽ خصوصاً سنڌ جي مايہ ناز ڊاڪٽرن هڪ انجمن قائم ڪري سائوٿ سٽي اسپتال جي نئين سر تعمير جو خاڪو جوڙيو. نيٺ هن اسپتال جي تعمير مارچ 2005ع ۾ شروع ٿي ۽ اسپتال جي تعمير جو هڪ مرحلو ڊسمبر 2006ع ۾، ۽ ٻيو مرحلو مارچ 2008ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. موجودہ سائوٿ سٽي اسپتال 3250 چورس گز ايراضيءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 124 بسترن جي گنجائش آهي، گڏوگڏ فارميسي شعبو، ليبارٽري، مڪمل ۽ جديد ساز و سامان سان آراستہ ريڊيالاجي يونٽ، 6 آپريشن ٿيٽر، ٻارن جي پيدائش لاءِ ليبر روم ۽ دل جي بيمارين لاءِ ڌار ڪارڊيئڪ (Cardiac) يونٽ شامل آهن. ڪراچيءَ ۾ قائم هيءَ جديد نوعيت جي نجي اسپتال، يورپ ۽ آمريڪا جي بھترين اسپتالن سان برميچي ٿي. طبي معائني ۽ بھترين علاج لاءِ هي اسپتال پنهنجو مثال پاڻ آهي.