
سائنس
سائنس (Science): ’سائنس‘ لفظ اصل ۾ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ ’سائينشا‘ (Scientia) تان ورتل آهي ۽ ان جي معنى ڄاڻ، علم، پروڙ ۽ گيان آهي. اصطلاحي طور سائنس مان مراد اهڙي ڄاڻ ورتي وڃي ٿي، جيڪا اڀياس يا عملي طرح حاصل ڪئي وئي هجي ۽ اها جديد عقلي ڪسوٽين ۽ طريقن سان پرکي سگهجي. ٻين لفظن ۾ سائنس، علم حاصل ڪرڻ جو هڪ سرشتو آهي ۽ اهڙي سرشتي هيٺ مشاهدن ۽ تجربن رستي قدرت جي مانڊاڻن کي نروار ۽ بيان ڪري سگهجي ٿو. سائنس جو عام طرح مطلب آهي تہ ڪنهن کيتر جو ترتيبوار/ سٽائتو اڀياس يا اهڙي اڀياس مان حاصل ڪيل ڄاڻ. سائنس کي اڪثر نج سائنس (pure science) سڏبو آهي تہ جيئن ان کي اطلاقي (applied) سائنس کان ڌار ڪري سگهجي. ان ڪري سائنس کي ٻن مکيہ شاخن ۾ ورهايو ويو آهي:
(1) فطري سائنس (Natural Sciences): قدرتي دنيا جو اڀياس،
(2) سماجي سائنس (Social Sciences): انساني سڀاءَ ۽ سماج جو اڀياس.
سائنس جي مختصر تاريخ:
يونان جي اوائلي سائنس: يوناني اوائلي سائنسدان هئا. يوناني فلسفين ان ڳالھہ جي وضاحت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ دنيا ڇا جي ٺهيل آهي ۽ اها ڪيئن هلي ٿي. امپيڊوڪليز (434- 494 ق. م Empedocles) بيان ڪيو تہ دنيا چئن عنصرن (elements) يعني مٽي، باھہ، پاڻي ۽ هوا جي جڙيل آهي. ارسطوءَ (384-322 ق. م) انهن چئن عنصرن جي متي کي قبول ڪيو. ان کانسواءِ سندس اهو بہ ويساه هو تہ سج، چنڊ ۽ گرھہ هڪ پنجين قسم جي عنصر جا ٺهيل آهن ۽ اهي تبديل نہ ٿي سگهندڙ آهن. ارسطو حيوانات (zoology) جو اڀياس ڪيو ۽ جانورن جي درجي بندي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ارسطوءَ جو اهو بہ ويساھہ هو ته، جسم چئن پاڻيٺن/ رطوبتن جو ٺهيل آهي، جيڪي چئن عنصرن سان مشابهت رکندڙ آهن ۽ اهي بلغم (phlegm)، رت(blood) ، پت (yellow bile) ۽ سودا (black bile) آهن، جڏهن ڪنهن بہ فرد ۾ انهن چئن رطوبتن مان ڪابہ هڪ رطوبت وڌي وڃي ٿي تہ هو بيمار ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ انهن مان سندس ڪي ويچار غلط هئا، پر تنهن هوندي بہ يونانين ڪيتريون سائنسي کوجنائون ڪيون. هڪ اهڙي يوناني ڏاهي آرسٽارڪس (Aristarchus) جو ويساھہ هو تہ ڌرتي، سج جي چؤگرد گردش ڪري ٿي، پر بدقسمتيءَ سان سندس انهيءَ متي سان ڪوبه سهمت نہ ٿيو. اهڙيءَ طرح اراٽاسٿينيز (194- 276 ق. م Eratosthenes) زمين جو گهيرو ڪٿيو.
عربن جي سائنس: عربن ۾ ڪيترا وڏا سائنسدان پيدا ٿيا، جن ۾ رياضيدان الخوارزمي (850- 790 ق. م Al-Khwarizmi) هو. القندي (Al-Kindi 801-866) فلسفي ۽ الفرغاني (Al-Farghani) علم فلڪيات جو ماهر هو. الرازي (Al-Razi, 824-925) ۽ ابن سينا (Ibn-e-Sina, 980-1037) ٻہ نامور طبيب هئا. الصوفي (986- 903 Al- Sufi) پنھنجي دور جو علم فلڪيات جو ماهر هو. ابن الهيشم (Al-Haytham 965-1040) بہ هڪ اهڙو سائنسدان هو، جنهن اها ڳالھہ سمجهائي تہ جسم جي مٿاڇرن تان روشني موٽ کائي اکين تائين اچي رسي ٿي. ساڳئي وقت هن اها حقيقت بہ بيان ڪئي تہ روشني سڌين ليڪن جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي.
سنڌو سڀيتا ۾ علم رياضي ۽ سائنس: سنڌو سڀيتا جا رهواسي شين ٺاهڻ، ماپڻ، تورڻ ۽ وقت ڪٿڻ جا ماهر هئا ۽ اهڙا حساب بلڪل پورڻتا سان ڪري سگهندا هئا. اهي انهن پهرين ماڻهن منجهان هئا، جن وزن ۽ ماپن جو هڪجهڙو سرشتو جوڙيو. سندن جوڙيل ماپ سرشتن کي انتهائي درست سڏيو وڃي ٿو، جڏهن تہ سنڌو ماٿر جي مختلف حصن مان ملندڙ شين/ جسمن جي ڀيٽ ڪرڻ سان انهن ۾ وڏو فرق محسوس ٿئي ٿو. ننڍي ۾ ننڍي پتي (division) جنهن جي عاج جي هڪ Scale رستي نشاندهي ڪيل آهي، اها لوٿل (Lothal) مان لڌي وئي آهي ۽ اٽڪل 1.704 ملي ميٽرن جي آهي، جيڪا ڪانسيءَ (Bronze) جي ننڍي ۾ ننڍي پتي ڏٺي وئي آهي. هڙپا جا انجنيئر هر عملي ماپ لاءِ ڏهائي سرشتو ڪتب آڻيندا هئا، جنهن ۾ وزن جي تور بہ اچي وڃي ٿي، جيڪا سندن مڪعب (hexahedron) وٽن مان ظاهر ٿئي ٿي.
اهڙا پٿريلا وٽ، 4:2:1 جي 0.05، 0.1، 0.2، 0.5، 1، 2، 5، 10، 20، 50، 100، 200 ۽ 500 ايڪن (Units) جي درست نسبت ٻُڌائيندڙ هئا ۽ اهڙو هر ايڪو اٽڪل 28 گرامن جو، انگلئنڊ جي آئونس (Ounce) يا يونان جي انڪيا (Uncia) جيترو هوندو هو. ننڍڙا جسم بہ ساڳئي نسبتي وزن ۾ توريا ويندا هئا، جن جو ايڪو 0.871 يونٽن جو هوندو هو. جڏهن تہ ٻين تهذيبن جيان اهڙيون ماپون، سڄي خطي ۾ هڪجهڙيون نہ هونديون هيون. گهڻو پوءِ (4 صدي ق. م ۾) چاڻڪيا جي شاستر '>ارٿ شاستر (Kautilya’s Arthashastra) ۾ ماپ ۽ تور لاءِ بہ اهي طريقا استعمال ڪيا ويندا هئا، جيڪي لوٿل ۾ ڪتب ايندڙ هئا.
هڙپا جي منفرد ايجادن ۾ هڪ اهڙو اوزار بہ هو، جيڪو افق (horizon) ۽ ٽائيڊل لاڪ (Tidal lock، آسماني جسمن جي چرپر ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ موسمي اثر) جي سڀني پهلوئن کي ماپڻ ۽ جاچڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. هڙپا جي رهواسين، ڌاتوگيريءَ جا ڪجهہ نوان طريقا بہ متعارف ڪرايا. هنن ٽامو، ڪانسي، شيهو ۽ جست ٺاهيو.
2001ع ۾ مهرڳڙھہ مان قديم آثارن جي ماهرن کي ٻن ماڻهن جي باقيات جي ڪيل سائنسي اڀياسن مان خبر پئي تہ سنڌو ماٿر جي ماڻهن کي هڙپا جي اوائلي دؤر کان وٺي ڏندن جي بيمارين ۽ علاج (Proto dentistry) جي علم جي ڄاڻ هئي ۽ ان جا ماهر هئا. هڪ جڳ مشھور سائنسي جنرل ’نيچر‘ (Nature: 2006; 440; 755- 756) ۾ ڇپيل هڪ تحقيقي مضمون ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ ڪنهن انساني ڏند (زندہ انسان) ۾ سوراخ ڪرڻ جو اوائلي (۽ پهرئين شروعاتي نيولِٿڪ دؤر) ثبوت مهرڳڙھہ مان ملي ٿو. اهڙيون 9 ماڻهن جون يارهن ڏاٺون مهرڳڙھہ جي نيولٿڪ (Neolithic) پٿر جي آخري دؤر (جڏهن مال پالڻ شروع ٿيو. زراعت زور ورتو، ٺڪر جا ٿانو ۽ ڪپڙو ٺھڻ شروع ٿيو/ پٿر جي دؤر جو تهذيبي دؤر) جون قبرستان مان مليون آهن، جيڪي 7500 کان 9000 سال آڳاٽيون آهن. تحقيق ڪندڙن مطابق اهڙين کوجنائن مان ڄاڻ پوي ٿي تہ هن خطي جي اوائلي زراعت ڪندڙن ۾ ڏندن جي بيمارين ۽ علاج جي سائنسي ڄاڻ هئي.
باناوالي (Banawali) مان سون جي ليڪن واريون اهڙيون ڪسوٽيون بہ لڌيون آهن، جيڪي شايد سون جي نج هئڻ جي پرک لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون. اهو طريقو ننڍي کنڊ جي ڪيترن هنڌن تي اڄ بہ مروج آهي.
16 ۽ 17 صديءَ ۾ آيل سائنسي انقلاب: ٻيءَ صدي عيسويءَ ۾ جاگرافيدان ۽ فلڪيات جي ماهر ٽالميءَ (Ptolemy) ٻڌايو تہ هيءَ زمين ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ سج ۽ ٻيا گرھہ زمين جي چوڌاري گردش ڪن ٿا. سورهين صدي عيسويءَ ۾ پولئنڊ جي هڪ پادريءَ نڪولس ڪاپرنيڪس (Nicolaus Copernicus: 1473-1543) محسوس ڪيو تہ اها ڳالھہ درست نہ آهي، پر ڌرتي ۽ ٻيا گرھہ سج جي چؤگرد گردش ڪن ٿا. سندس اهو متو سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿي نہ سگهيو.
سورهين صديءَ جو هڪ ٻيو عظيم فلڪياتدان ٽائيڪو (Tycho Brahe, 1546- 1601) هو، پر هن ڪڏهن بہ ڪاپرنيڪس جي متي کي تسليم نہ ڪيو. ان بدران ٽائيڪو جو چوڻ هو تہ سج، ڌرتيءَ جي چؤگرد ۽ ٻيا گرھہ سج جي چؤڌاري گردش ڪن ٿا. 1572ع ۾ ’برا‘ نالي فلڪياتي ماهر هڪ نئين ستاري نووا (Nova) جو مشاهدو ڪيو. مشھور يوناني فلسفي ارسطوءَ جو خيال هو تہ آسمان اڻ مٽ آهن ۽ تبديلي ۽ تباهي رڳو زمين تي ٿئي ٿي.
’برا‘ کانپوءِ جوهنز ڪيپلر (Johannes Kepler, 1571-1630) جو دور آيو. سورهين صدي عيسويءَ ۾ ماڻهن جو ويساھہ هو تہ سڀ گرھہ هڪ گول جي صورت ۾ گردش ڪن ٿا، جڏهن تہ ڪيپلر ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اهي سج جي چؤگرد بيضوي انداز ۾ گردش ڪن ٿا ۽ جيئن جيئن سج جي ويجهو ٿيندا وڃن ٿا تہ سندن حرڪت تيز ٿيندي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ ڪيپلر، 1609ع ۾ گرهن جي چرپر جا ٻہ اصول شايع ڪيا ۽ ٽيون اصول 1619ع ۾ شايع ڪرايو. ان کانسواءِ ڪيپلر روشنيءَ جي خاصيتين (optics) تي بہ هڪ ڪتاب شايع ڪرايو.
ان دور جو هڪ نامور سائنسدان گئليليو (Galileo) ٿي گذريو آهي. ارسطوءَ خيال پيش ڪيو تہ جيڪڏهن ٻہ جسم، جن مان هڪ هلڪو ۽ ٻيو ڳرو هجي، ڪنهن مٿانهينءَ کان هيٺ ڪيرائبا تہ انهن مان ڳرو زمين تي اڳ ۾ اچي رسندو. ان متي جي مشاهدي ڪرڻ لاءِ جڏهن گئليليو ٻن مختلف وزنن وارا جسم، پيزا ٽاور تان هيٺ اڇلايا تہ ٻئي ساڳئي وقت تي اچي پٽ تي ڪريا. ان ڪري عالم ان نتيجي تي پهتا تہ ارسطو جو ويچار غلط هو.
1609ع ۾ گئليليو کي هالينڊ ۾ ٿيل هڪ نئين ايجاد جي ڄاڻ پئي تہ اتي هڪ شخص هانز لپرشي (Hans Lippershey) دوربين (telescope) ٺاهي آهي. گئليليو پنھنجي هڪ دوربين ٺاهي هئي، جنهن ۾ هن سڌارو آندو ۽ هو دوربين رستي ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ڏسي سگهيو، جيڪي عام اک ڏسي نہ پئي سگهي. هن سڀ کان اڳ اهڙا ڪيترا ستارا ڏٺا، جيڪي دوربين کانسواءِ نظر نٿي آيا. ڪيترن قديم يونانين جو ويساھہ هو تہ چنڊ جو مٿاڇرو لسو آهي، پر جڏهن گئليليو پنھنجي دوربين سان چنڊ جي مٿاڇري جو مشاهدو ڪيو تہ اهو کيس هيٺ مٿانهون، جبلن ۽ کڏن سان ڀريل نظر آيو. ان کانسواءِ هن مشتري (Jupiter) گرھہ جي چؤگرد چار ننڍڙا چنڊ بہ گردش ڪندي ڳولي لڌا. ان وقت جون اهي حيران ڪن کوجنائون هيون، ڇاڪاڻ تہ ڪنهن کي بہ اها ڄاڻ نہ هئي تہ سواءِ ڌرتيءَ جي، ٻين گرهن کي بہ ڪي چنڊ آهن. 1610ع ۾ گئليليو هڪ ڪتاب ’سائيڊيريس نمسيو‘ (Siderius Nuncius) نـالـي لکيـو. هـي اُهـو دور هـو، جـڏهــن فـلـڪـيات جـا مـاهـر سج جي داغن (sun spots) تي بحث ڪندا رهندا هئا. انهن داغن لاءِ هڪ جرمن سائنسدان ڪرسٽوف شائنر (Christoph Scheiner) جي دعوى هئي تہ اهي سج جا اپگرھہ (satellites) آهن، جڏهن تہ 1613ع ۾ گئليليو واضح ڪيو تہ اصل ۾ اهي سج جي مٿاڇري تي سج جا داغ آهن. ڪوپرنيڪس ان ڳالھہ جا بہ دليل پيش ڪيا ته، زمين ۽ ٻيا گرھہ سج جي چؤگرد گردش ڪن ٿا. شروعات ۾ عيسائي ڪليسا ان متي تي ڪجهه بہ نہ چيو، پر اڳتي هلي 1616ع ۾ ڪاپرنيڪس جي ان متي کي مذهبي عقيدي جي خلاف سڏيو.
گئليليو، ڪاپرنيڪس جي متي جو پڪو حامي هو. 1932ع ۾ هن هڪ ڪتاب شايع ڪرايو The Dialogue Concerning the Two Chief World Systems، جنهن جي نتيجي ۾ روم ۾ کيس پوپ جي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. گئليليو 1633ع ۾ روم پهتو. کيس ڪوپرنيڪس جي متي کي ترڪ ڪرڻ يا جُٺ سھڻ لاءِ چيو ويو. گئليليو مجبور ٿي پهرين ڳالھہ جي حامي ڀري، پر تنهن هوندي بہ کيس سڄيءَ عمر لاءِ نظربند ڪيو ويو.
تاريخ جي ان دور تائين طبي ماهر، انساني جسم جي ڪم ڪار کي سمجهڻ لاءِ ڪافي اڳڀرائي ڪري چڪا هئا. 1638ع ۾ وليم هاروي- پنهنجون کوجنائون شايع ڪرايون تہ ڪيئن جسم ۾ رت گردش ڪندو رهي ٿو. ان ڏس ۾ روم جي گئلن (Galen) ٻڌايو تہ رت، دل جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڏانهن هڪ پردي (septum) رستي پهچي ٿو. جڏهن تہ 1555ع ۾ هڪ ناميارو سرجن وسيليس (Vesalius) ان نتيجي تي پهتو تہ دل ۾ اهڙو ڪوبه سوراخ موجود نہ آهي ۽ رت، دل جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين ان طريقي سان رسي نہ ٿو سگهي. 1559ع ۾ ريئلڊو ڪولمبو (Realdo Colombo) اهڙو مشاهدو ڪري ڏيکاريو تہ اصل ۾ رت، دل جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين ڦڦڙن رستي پهچي ٿو. اڳتي هلي وليم هاروي چٽيءَ طرح سمجهي چڪو تہ اصل ۾ دل هڪ مشڪائون پمپ آهي ۽ اها جڏهن جڏهن ڪوئجي ٿي تہ رت ڌڪي ٿي. ان کانپوءِ هن اهو بہ اندازو لڳايو تہ هر ڀيري جي ڪوئجڻ سان دل ڪيترو رت ڌڪي ٿي.
گئلن جو اهو بہ ويساھہ هو تہ جسم سدائين نئون رت جوڙيندو رهي ٿو ۽ پراڻي رت کي ختم ڪري ڇڏي ٿو. بلڪل ائين جيئن موٽر گاڏي تيل استعمال ڪري ڇڏي ٿي، جڏهن تہ هاروي ٻڌايو تہ رت سڄي جسم ۾ گردش ڪندو رهي ٿو.
سترهين صدي عيسويءَ ۾ طب لاءِ خوردبين وڏي ڪارائتي ثابت ٿي جيڪا 16 صديءَ جي آخر ڌاري وجود ۾ آئي هئي. 1658ع ۾ جان سوامرڊم (Jan Swammerdam) پهريون ڀيرو رت جي ڳاڙهن سيلن/ جزن (Red Blood Corpuscles) جو مشاهدو ڪيو. 1661ع ۾ مارسيلو ملفيگي (Marcello Malpighi) رت جون وار نليون (capillaries) ڳولي لڌيون. 1665ع ۾ رابرٽ هُوڪ (Robert Hooke, 1635-1703) اهو پهريون شخص هو، جنهن پنھنجي ڪتاب ’مائيڪروگرافيا‘ (Micrographia) ۾ جيوَگهرڙن/ سيلن (cells) جو ذڪر ڪيو، ان دوران برطانيا جي هڪ پراڻي سائنٽيفڪ سوسائٽي 1645ع ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن فلسفين ۽ رياضيدانن جي هڪ جماعت گڏجاڻيون ڪري سائنس يا فطري فلسفي تي بحث مباحثا ڪندي هئي. چارلس II سائنس ۾ دلچسپي رکندڙ هو، تنهنڪري هن سوسائٽيءَ جو دستور/ چارٽر منظور ڪيو، جنهن سبب سوسائٽي اڳتي هلي رائل سوسائٽي (Royal society) سڏجڻ لڳي.
سر آئزڪ نيوٽن (Issac Newton) کي برطانيا جو هڪ وڏو سائنسدان سمجهيو وڃي ٿو. 1668ع ۾ هن هڪ عڪسي دوربين (reflecting telescope) ايجاد ڪئي ۽ 1687ع ۾ پنهنجو هڪ شهپارو Philosophiae Naturalis Principia Mathematica شايع ڪرايو. هن ڪشش (gravity) ۽ حرڪت جا قانون (laws of motion) پيش ڪيا. نيوٽن هڪ عالمي زور/ ڪشش جو تصور پيش ڪيو، جيڪا هن سنسار ۾ موجود هڙني شين کي هڪٻئي ڏانهن ڇڪيندي رهي ٿي. سندس پيش ڪيل ڪشش جو متو، گرهن جي چرپر جو بيان ڪري ٿو. 1704ع ۾ نيوٽن جو روشنيءَ تي ’ آپٽڪس‘ (Opticks) نالي هڪ ڪتاب شايع ٿيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو تہ سفيد روشني ڪيترن رنگن جي ٺهيل آهي. ان عرصي دوران سندس روشنيءَ تي هڪ ٻيو بہ ڪتاب شايع ٿيو.
سترهين صديءَ جي آخر ڌاري ٻيا بہ ڪيترائي سائنسدان ڪم ڪندا رهيا.
ڪرسچن هائجنس (Christiaan Huygens, 1626-1695)، 1655ع ۾ ٽائيٽن (Titan)، چنڊ ۽ زحل (Saturn) ڳولي لڌا. 1656ع ۾ هن پهريون ڀيرو پينڊوليم وارو گهڙيال ٺاهيو، جنهن رستي وڌ ۾ وڌ حد تائين وقت جي درست ماپ ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. آنٽون وان ليونهوڪ (Antonie van Leeuwenhoek, 1632-1723) هڪ خوردبين ٺاهي، ان رستي ڪيترا مشاهدا ڪيا. ان عرصي دوران، 1661ع ۾ رابرٽ بوائل (Robert Boyle, 1627-1691) جو ڪتاب ‘The Sceptical Chymist’ شايع ٿيو، جنهنڪري جديد ڪيميسٽريءَ جو بنياد پيو. بوائل، يوناني فلسفي ارسطوءَ جو اهو تصور رد ڪيو تہ دنيا چئن عنصرن هوا، باھہ، پاڻي ۽ مٽيءَ جي ٺهيل آهي. بوائل پنھنجي هڪ متي، ’بوائلس لا‘ (Boyle’s Law) سبب جڳ مشھور آهي.
ارڙهين صديءَ دوران علم ڪيميا (Chemistry) جي کيتر ۾ وڏيــون اڳڀـرايــون ٿيون. 1751ع ۾ ايڪسل فريڊرڪ ڪرونسٽيٽ (Axel Fredrik Cronstedt) نڪل (nickel) ڌاتو ڳولي لڌو. 1766ع ۾ هينري ڪيونڊش (Henry Cavendish, 1731-1810) هائڊروجن الڳ ڪئي ۽ ان جي خاصيتن جو اڀياس ڪيو. هن ڌرتيءَ جي ڳوڙهائپ جي بہ ڪٿ ڪئي. 1772ع ۾ ڊينيئل ردرفورڊ (Daniel Rutherford) نائٽروجن ڳولي لڌي. جوزف پريسٽلي (Joseph Priestly, 1733-1804) ۽ ڪارل ولهم شيل (Karl Wilhelm Scheele, 1742-1786)، 1772ع ۾ آڪسيجن ۽ 1756ع ۾ جوزف بلئڪ (Joseph Black, 1728-1799) ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ ڳولي لڌي. ارڙهين صديءَ جو سڀ کان مهان ڪيميادان، اينٽوني لاوائزيئر (Antoine Lavoisier, 1743-1794) هو، جنهن اها دريافت ڪئي تہ آڪسيجن جي ٻرڻ دوران اها ٻن مادن سان ملي ٿي. هن ساھہ کڻڻ ۽ ڌاتن جي ڪسجڻ دوران آڪسيجن جي ڪردار جو بہ اڀياس ڪيو.
ارڙهين صديءَ دوران ئي ماڻهن اهو سمجهڻ شروع ڪيو تہ هيءَ ڌرتي تمام آڳاٽي آهي. ڀون وگيان (Geology) ۾ هڪ اهم تبديلي 1785ع ۾ تڏهن آئي جڏهن جيمس هٽن (James Hutton 1726-1797)، ڌرتيءَ جي ڪهاڻيءَ تي مشتمل هڪ ڪتاب Theory of the Earth لکيو. 1781ع ۾ فلڪيات جي هڪ ماهر، وليم فريڊرڪ هرشل (Frederick William Herschel, 1738-1822) يورئنس (Uranus) گرھہ ڳولي لڌو. ان کانپوءِ 1784ع ۾ جان گڊرڪ (John Goodricke, 1764-1786) ڪيترائي ستارا ڳولي لڌا.
ارڙهين صديءَ جا ٻہ وڏا حياتدانَ (Biologist): جارج لُئيس لڪلير ڪام ڊي بوفو (Georges Louis Leclerc, Comte de Buffon, 1707-1788) ۽ ڪارل نيلسن لينيئس (Carl Nilsson Linnaeus, 1707-1778) هئا. بوفو، فرانس جو رهواسي هڪ فطرتدان، رياضيدان، علم فلڪيات جو ماهر ۽ گهڻ رخو ليکڪ هو، جنهن پنھنجي ڪتاب ‘Histoire Naturelle’ جا 36 جلد شايع ڪرايا، جنهن جا وڌيڪ جلد جن سندس موت کانپوءِ ٻن ڏهاڪن دوران شايع ٿيندا رهيا. هن لاءِ چيو ويندو آهي تہ هو ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ’فطرتي تاريخ‘ جي سمورن خيالن جو ابو آهي.
لينيئس، سويڊن جو نباتات جو ماهر ۽ پهريون سائنسدان هو، جنهن جاندارن (ٻوٽن ۽ جانورن) کي ٻٽن سائنسي نالن ڏيڻ جو بنياد وڌو. انهن مان هڪ جينس (genus) ۽ ٻيو اسپشيز (species) سڏجي ٿو. هن 1735ع ۾ سائنسي نالن ڏيڻ جي سرشتي تي ’سسٽيما نيچرا‘ (Systema Naturae) نالي هڪ ڪتاب شايع ڪرايو. جيتوڻيڪ اهڙو سرشتو گهڻي ڀاڱي ٻوٽن تي ٻَڌل هو، پر ان هوندي بہ اهو نباتات جي ماهرن لاءِ گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيو. 1753ع ۾ هن ’اسپيشيز پلانٽيرم‘ (Species Plantarum) نالي ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن ۾ هن گلدار ۽ فرن (fern) ٻوٽن جي اسپشيز جا مڪمل سائنسي نالا ڏنا.
ان زماني ۾ ڪيترن سائنسدانن بجليءَ تي کوجنائي ڪم شروع ڪيو. 1746ع ۾ پيٽرس وان مسچنيبروڪ (Petrus Van Musschenbroek) بجليءَ کي گڏ ڪرڻ جو طريقو ڳولي لڌو، جنهن کي ليڊين جار (Leyden Jar) سڏيو ويو. 1752ع ۾ بينجامن فرئنڪلن (Benjamin Franklin) ثابت ڪري ڏيکاريو تہ وِڄ، بجليءَ جو هڪ قسم آهي. 1800ع ۾ اليسينڊرو وولٽا (Allessandro Volta, 1745-1827) بئٽري ايجاد ڪئي، جڏهن تہ ارڙهين صديءَ دوران طب جي دنيا ۾ ڪا خاص ترقي نہ ٿي سگهي، ڊاڪٽرن کي ان وقت تائين ان ڳالھہ جي ڄاڻ نہ هئي تہ ڪهڙن سببن جي ڪري بيماريون ۽ روڳ پيدا ٿين ٿا، جڏهن تہ ڪيترا اڃا جسم جي چئن رطوبتن تي ويساھہ ڪندڙ هئا. جيتوڻيڪ اهو ويچار ارڙهين صديءَ دوران ختم ٿي چڪو هو. ڪيترن ڊاڪٽرن/ طبيبن جو ويچار هو تہ بيماريون مياسما (miasma) يعني هوا ۾ موجود گندين ۽ غليظ گئسن سبب ٿين ٿيون.
19 صديءَ جي سائنس: 19 صديءَ دوران سائنس جي کيتر ۾ زبردست ترقي ٿي. جان ڊالٽن (John Dalton) 1803ع ۾ پنهنجو ائٽمي متو شايع ڪرايو، جنهن مطابق مادو تمام تڇ ۽ اڻورڇندڙ جزن جو ٺهيل ٿئي ٿو. ڊالٽن اها ڳالھہ بہ پيش ڪئي ته، مختلف عنصرن جو مختلف وزن ٿئي ٿو. ان کانسواءِ ڊالٽن ڪوري '>رنگ ڪوري (colour blindness) جو بہ اڀياس ڪيو. 1827ع ۾ هڪ جرمن ڪيميادان فريڊرڪ وورلر (Friedrich Wohler, 1800-1882) اليومينيم کي الڳ ڪيو، 1828ع ۾ يوريا (urea) کي غير نامياتي ڪيميائي مادن مان الڳ ڪيو ويو. هڪ روسي سائنسدان ڊمٽري مينڊلِيو (Dmitri Mendeleev)، 1869 ۾ مُدتي جدول(Mendeleevs’ Periodic Table) تيار ڪئي، جنهن ۾ ان وقت جي موجود سمورن عنصرن کي سندن ائٽمي وزنن آهر ترتيب سان رکيو ويو. ان عرصي دوران ماڻهن بجليءَ جي مهارت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. 1819ع ۾ هئنز ڪرسچن اُرسٽيڊ (Hans Christian Orsted) اهو مشاهدو ڪيو تہ ڪنهن تار ۾ موجود بجليءَ جي وهڪ، ويجهو رکيل ڪمپاس جي سئيءَ ۾ چرپر پيدا ڪري ٿي. هڪ انـگـريـز مـائـيـڪـل فـــيـــراڊي (Michael Faraday) 1831ع ۾ ڊائــنـامو (dynamo) تيار ڪيو، 1847ع ۾ هڪ جرمن، آرمينيس وان هيلمهوٽز (Hermann von Helmholtz) توانائي سانڍڻ (conservation of energy) جو هڪ متو ڏنو، جنهن تحت ٻڌايو ويو تہ توانائي ڪڏهن بہ ضايع نٿي ٿئي، پر اها هڪ نموني مان ٻئي ۾ مٽجي سگهي ٿي. 1851ع ۾ هن آفٿئلمو اسڪوپ (ophthalmoscope) تيار ڪيو. ان عرصي دوران جيالاجيءَ جي کيتر ۾ وڌ ۾ وڌ اڳڀرايون ٿيون.
1831ع ۾ چارلس ڊارون، بيگل (Beagle) نالي ٻيڙي تي پنهنجو سفر شروع ڪيو. فيبروري 1832ع ۾ ٻيڙو، برازيل پهتو. ڊارون ڏکڻ آمريڪا جي مختلف ماڳن تي ٽن سالن تائين گوناگون جيوت جا مختلف نمونا گڏ ڪندو رهيو. 1835ع ۾ بيگل، گالاپاگوز (Galapagos) ٻيٽن جو رخ ڪيو. ڊارون اتان جي مقامي ماڻهن جي اها ڳالھہ ٻڌي حيران ٿي ويو، جڏهن اهي کيس ڪو ڪڇون ڏسي ٻڌائي سگهندا هئا تہ اهو ڪهڙي ٻيٽ تان آيو آهي. انهن ٻيٽن تي ڊارون ’طوطي جهرڪين‘ (Finches) جو بہ اڀياس ڪيو. هر هڪ ٻيٽ تي طوطين جي مختلف جنس/ اسپيشيز موجود هئي. اڳتي هلي ڊارون ان نتيجي تي پهتو تہ سڀئي طوطيون هڪ جنس مان پيدا ٿيون آهن. اتان جي هر ٻيٽ تي طوطيون ٽڙي پکڙي ويون ۽ وقت سان ڪجهہ نراليون ۽ مختلف ٿي ويون هيون.
1836ع ۾ ڊارون کي ويساھہ ٿيو ته، جانورن جون جنسون مٽجي سگهجن ٿيون. هن اهو بہ مشاهدو ڪيو ته، اهڙي هر اسپيشيز جو فرد مختلف ٿئي ٿو تہ سڀ جانور زندھہ رهڻ جي جتن ۾ هڪٻئي سان چٽاڀيٽي بہ ڪندا رهن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان ماحول ۾ ڪا تبديلي اچي ٿي تہ اهو ان موجب پاڻ بدلائي ٿو ۽ انهن ۾ جيڪو سگهارو هوندو، سو بچي سگهندو، جنهن کي اڳتي هلي ’جيڪو ڏاڍو سو گابو‘ (survival of the fittest) جو قانون سڏيو ويو. ڊارون جو هڪ ڪتاب ’دي اوريجن آف اسپشيز‘ (The Origin of Species) 1859ع ۾ ڇپيو. 1866ع ۾ آسٽريليا جي هڪ راهب، يوهان گريگر مينڊل (Gregor Johann Mendel)، مٽرن تي ڪيترا تجربا ڪري موروثيت جا قانون (Laws of Hereditary) بيان ڪيا. 19 صديءَ جي شروع ٿيڻ سان طب ۽ سرجريءَ ۾ وڏيون کوجنائون ٿيون ۽ وڏا سڌارا واڌارا آيا. 19 صديءَ ۾ برطانيا ۾ سال 1832ع، 1848ع، 1854ع ۽ 1866ع ۾ ڪالرا جي وبا پکڙي. سال 1854ع ۾ جان سنو (John Snow) ثابت ڪيو تہ ڪالرا جو جيوڙو پاڻيءَ رستي پکڙجي ٿو. اڳتي هلي لوئي پاسچر (Louis Pasteur) ثابت ڪيـو تہ اهـي خـوردبيـنـي جـيــوڙا آهن، جيڪـي بيمـاريون پيـدا ڪـن ٿـا. 19 صديءَ جي شروعات تائين ڪيترن سائنسدانن جو ويساھہ هو تہ زندگي پاڻمرادو (Spontaneous Generation) پيدا ٿئي ٿي يعني ڪيتريون جاندار شيون پاڻمرادو غير جاندارن مان نسري پون ٿيون. 1857ع ۽ 1863ع جي وچ دوران، پاسچر ڪيترن تجربن رستي ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ائين ٿي نٿو سگهي. 19 صديءَ جي آخر ڌاري علم طبعيات (physics) ۾ وڏي ترقي ٿي. 1873ع ۾ جيمس ڪلرڪ (James Clerk Maxwell) ٻڌايو تہ روشني هڪ برق مقناطيسي (electromagnetic) لھر آهي. هن اها بہ اڳڪٿي ڪئي تہ ٻيون بہ برق مقناطيسي لهرون آهن، جن مان ڪن جون لهرون روشنيءَ کان ڊگهيون تہ ڪن جون لنڊيون ٿين ٿيون. ان کانپوءِ 1888ع ۾ هائنرڪ هرٽز ثابت ڪيو تہ مئڪسيول جون ٻڌايل لهرون وجود رکن ٿيون. 1896ع ۾ هينري بيڪيريل (Henri Becquerel) تابڪاري (radioactivity) ۽ 1898ع ۾ ميري ڪيوري (Marie Curie) ۽ پييَر ڪيوري (Pierre Curie)، ريڊيم (radium) ڳولي لڌو. صديءَ جي پڄاڻيءَ تي ائٽم (atom) تي کوجنا جو ڪم تيزيءَ سان شروع ٿيو. سال 1897ع ۾ جوزف ٿامسن، اليڪٽران (electron) ڳولي لڌو. فلڪيات جي دنيا ۾ جيوساپي پيازي (Giuseppe Piazzi) 1801ع ۾ پهريون اسٽيروائڊ (asteroid) نالي ’سيريس‘ (Ceres) ڳولي لڌو. 1838ع ۾ فريڊرڪ بيسل (Friedrich Bessel) هڪ ستاري 61- سگني (61 Cygni) جو پهريون ڀيرو مفاصلو ماپيو، جنهن کي بيسلس اسٽار (Bessel’s Star) يا پياٽسيز فلائنگ اســٽار
(Piazzi’s Flying Star) بہ سڏجي ٿو. 1846ع ۾ نيپچون (Neptune) گرھہ پڻ لڌو ويو.
20 صدي: 20 صديءَ دوران سائنس تيزيءَ سان ترقي ڪندي رهي. هن صديءَ دوران سائنسدان ائٽم کي سمجهڻ لڳا. 1910ع ۾ ارنيسٽ رٿرفورڊ (Ernest Rutherford, 1871-1937) ائٽمي نيوڪلئس ڳولي لڌو. کيس ڄاڻ پئي تہ ائٽم جو سڄو مادو، اليڪٽرانن سميت ان جي نيوڪليس ۾ موجود آهي، جيڪي ان جي چؤگرد گردش ڪندا رهن ٿا. 1932ع ۾ جيمس شادوِڪ (James Chadwick, 1891-1974) نيوٽران ڳولي لڌو.
علم طبعيات ۾ ٻن ذهين ماڻهن، مئڪس پلانڪ (Max Planck) ۽ البرٽ آئنسٽائين (Albert Einstein, 1879-1955) انقلاب آندو. 1900ع ۾ پلانڪ، ’ڪوانٽم ٿيوري‘ (Quantum Theory) پيش ڪئي ۽ آئنسٽائين، 1905ع ۾ پنهنجو ’اسپيشل رليٽوٽي‘ (Special Relativity) جو متو ۽ 1927ع ۾ ’جنرل ٿيئري آف رليٽوٽي‘ (General theory of Relativity) 1915ع ۾ پيش ڪئي. ورنر هائيزنبرگ (Werner Heisenberg) پنهنجو ’غير يقينيءَ واري اصول‘ (Uncertainty Principle) جو متو پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو تہ ائٽمي جزن (atomic particles) جي حالت ۽ رفتار جو تعين نٿو ڪري سگهجي. 1915ع ۾ الفرڊ ويگينر (Alfred Wegener) ’ڪانٽينينٽل ڊرفٽ‘ (Continental drift) جي رٿ پيش ڪئي، جنهن ۾ ٻُڌايو ويو ته، دنيا جا سڀ کنڊ ڪنهن جڳ ۾ ڳنڍيل هئا، پر پوءِ اهي هڪٻئي کان ڇڄي، کسڪي الڳ ٿي ويا.
1926ع ۾ آرٿر انڊنگٽن (Arthur Eddington) ويچار پيش ڪيو تہ سڀني ستارن ۾ موجود سگهہ ائٽمي ڌماڪن (nuclear fusion) سبب آهي. 1920ع جي ڌماڪي ۾ ايڊون هبل (Edwin Hubble, 1889-1953) ٻڌايو تہ اسان واري ڪهڪشان بيشمار ڪهڪشائن منجهان هڪ آهي. ساڳئي وقت هن اها ڳالھہ بہ ثابت ڪئي تہ هيءَ ڪائنات پکڙجي رهي آهي. 1930ع ۾ ڪلائيڊ تامبو (Clyde Tombaugh) پلوٽو (Pluto) گرھہ ڳولي لڌو. ريڊيو ٽيلي اسڪوپ 1937ع ۾ ايجاد ڪئي وئي، ان عرصي ۾ طب جي دنيا ۾ زبردست ترقي ٿيڻ شروع ٿي. 1928ع ۾ اليگزينڊر فليمنگ (Alexander Flaming, 1881-1955) پينيسيلن (Penicillin) دوا ڳولي لڌي. 20 صديءَ جو سڀ کان نامور طبعيات جو ماهر اسٽيفن هاڪنگ (Stephen Hawking, 1942-) بلئڪ هول (Black hole)، رليٽوٽي (Relativity) ۽ ڪاسمالاجيءَ (Cosmology) جي تحقيق سبب مشھور ٿيڻ لڳو. ساڳئي وقت جينيٽڪس (genetics) جي کيتر ۾ وڏي ترقي ٿيڻ لڳي. 1953ع ۾ فرانسس ڪرڪ (Francis Crick) ۽ جيمس واٽسن (James Watson)، ڊي. اين. اي (deoxyribonucleic acid) جي ٻٽي ويڙهي (double helix) جي جوڙجڪ ڳولي لڌي. 20 صديءَ جي انت تائين جينيٽڪ انجنيئرنگ (genetic engineering) جو خواب ساڀيان ٿيڻ لڳو. فلڪيات جي کيتر ۾ 1963ع ۾ ڪوئيزارس (quasars) ۽ 1968ع ۾ نبض وانگر برقي لهرون خارج ڪندڙ تارو ’پلسر‘ (pulsar) لڌو ويو. 1990ع ۾ هبل اسپيس ٽيلي اسڪوپ (The Hubble Space Telescope) اماڻي وئي. 20 صـديءَ جي آخر ۾ پهريون ڀيرو سج کان ٻـاهـر جا گرھہ لـڌا ويـا. ساڳـئـي وقت سائنسدانن سج جا ڪيترائي واڌو ننڍڙا ائٽمي جزا (extra solar subatomic) بہ ڳولي لڌا. 1964ع ۾ مري گيل- مان (Murray Gell-Mann, 1929) ائٽم جي اليڪٽران نيوٽران جي جزن ’ڪوارڪس‘(Quarks) جي وجود جي ڳالھہ ڪئي.
رياضيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پهرين ايجاد انگ ڳڻڻو (Abacus) هو، جيڪو 1830ع جي شروعات ۾ انگريز رياضيدان چارلس بي بيج (Charles babbage) جي ڪيلڪيوليٽر واري ايجاد کان ڪي هزار سال اڳ ۾ استعمال ۾ رهيو. پوءِ 1930ع ۾ هڪ آمريڪي انجنيئر Vannerar Bush، هڪ اينالاگ ڪمپيوٽر ٺاهيو، جنهن جي هڪ ترقي يافتہ شڪل ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ دوران جهازن کي ڪيرائڻ واري بندوق جو نشانو وٺڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.
1944ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ’هوورڊ ايڇ. ايڪن‘ پهريون ڊجيٽل ڪمپيوٽر ٺاهيو، جيڪو ميڪانڪي طور تي سست رفتار هو. 1940ع ڌاري پهريون اليڪٽرانڪ ڪمپيوٽر (Electronic Numerical Integrator and Calculator- ENIAC)، پنسلوينيا يونيورسٽيءَ جي ٻن انجنيئرن ٺاهيو، جيڪو هڪ سيڪنڊ ۾ پنجن هزارن کان وڌيڪ ڪٽ جوڙ وارا حساب ۽ عمل پورا ڪري ٿي سگهيو. اهو ڪمپيوٽر گاڏين جي ٻن گيراجن جيتري جاءِ والاريندڙ هو. ڪمپيوٽر جي اچڻ سان ٽيڪنالاجيءَ ۾ وڏي تيزي آئي ۽ ترقي ٿي، جنهن سان تيز ترين، رقبي ۽ وزن ۾ گهٽ ۽ پهرين ماڊلن کان گهٽ قيمت واريون مشينون ٺھڻ لڳيون. ٽرانزسٽر (Transistor) ۽ پرنٽيڊ سرڪٽ جي ترقيءَ جي ڪري سستا ۽ بيشمار ڪمپيوٽر ٺھڻ لڳا. ٽرانزسٽر کانپوءِ ڪمپيوٽر، ٽيڪنالاجيءَ ۾ آءِ. سِي Integrated Circuit (IC) انقلاب آندو. مايا سليڪون چِپ (Chip) تي مشتمل هوندو آهي، جنهن تي ٽرانزسٽر جي ڪيتري بہ تعداد کي جوڙي سگهجي ٿو. ٽرانزسٽرن جي وڏي تعداد واري آءِ. سي چپ کي مائيڪرو پروسيسر (Microprocessor) چيو ويندو آهي. ڪمپيوٽر جو دماغ يعني سينٽرل پراسيسنگ يونٽ (CPU) بہ هڪ مائيڪرو پراسيسر آهي. ڪمپيوٽر جا ٻہ بنيادي قسم آهن: (1) اينالاگ ڪمپيوٽر ۽ (2) ڪيٽالاگ ڪمپيوٽر. اينالاگ ڪمپيوٽر مخصوص مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو گرمي پد، رفتار يا ٻين تبديل ٿيندڙ پئمائشن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اينالاگ ڪمپيوٽر ۾ معلومات ميڪانيڪي ذريعن سان برقياتي سگنل جي شڪل ۾ براھہ راست ڏني ويندي آهي. ڪار جو اسپيڊوميٽر اينالاگ ڪمپيوٽر جو هڪ قسم آهي.
ڪمپيوٽر، سائنس جي هڪ اهڙي ايجاد آهي، جنهن سان سائنسي تجربن ۽ ايجادن ۾ سولائيءَ سان گڏ تيزي پيدا ٿي، جنهنڪري ڏکيا ۽ وقت سيڙائيندڙ ڪم سولا ۽ جلد ٿيڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو ايڪيهين صديءَ جي ترقيءَ ۾ ڪمپيوٽر جو وڏو ڪردار رهيو آهي، جنهن جديد کان جديد تر ايجادن سان روشناس ڪرايو آهي.