’سائل‘ مرزا: سائل مرزا جو اصل نالو مرزا مراد علي بيگ هو ۽ هو 12هين صدي هجريءَ/ ارڙهين صدي عيسويءَ جو هڪ بھترين مرثيہ خوان، شاعر، حڪيم، مصور ۽ خطاط ٿي گذريو آهي. هن 02 مارچ 1741ع تي ميرزا محمد فاضل بيگ جي گهر ۾، ٺٽي ۾ جنم ورتو. سندس تعلق ترخاني مغلن جي خاندان سان آهي. سندس شجرو هن ريت آهي: ميرزا مراد علي بيگ سائل بن ميرزا محمد فاضل بيگ بن ميرزا فتح علي بيگ اول بن ميرزا فضل ﷲ بيگ بن ميرزا فتح ﷲ عرف فتحي بيگ بن ميرزا عيسيٰ بيگ ثاني ترخان بن ميرزا جان بابا بيگ بن ميرزا عيسيٰ بيگ اول ترخان.
سائل مرزا، ديني ۽ درسي تعليم مدرسي مان حاصل ڪئي ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ ئي پنھنجي والد کان فارسي شاعريءَ جي سکيا حاصل ڪيائين. ويهن سالن جو ٿيو تہ سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائيءَ کان سنڌي زبان ۾ مرثيي جي سکيا ورتائين ۽ ڪيترا سنڌي مرثيا لکيائين. مرزا صاحب پنھنجي استاد سيد ثابت علي شاھہ جي چوڻ تي سيوهڻ مان شادي ڪئي.
مرزا مراد علي بيگ، سيد ثابت علي شاھہ کانپوءِ سنڌ جي آڳاٽن مرثيہ نگارن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. هن سنڌي زبان ۾ مرثيي کي اوليت جو درجو ڏئي، پنهنجو پورو لاڙو مرثيہ نگاري ۽ مرثيہ خواني جي فروغ ڏانهن رکيو ۽ سنڌي مرثيہ گوئي ۽ مرثيہ خوانيءَ جي ترويج لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون. هن سنڌي، فارسي، عربي ۽ اردو زبان ۾ حمد، نعت، منقبت، قصيدي، مثنوي، رباعي، سلام، مرثيي ۽ نوحن تي سخن آرائي ڪئي آهي. سندس ڪلام مرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان مرزا عباس علي بيگ سنڌ ۾ سڀ کان پهرين پنھنجي تڙ ڏاڏي مرزا سائل جي استاد سيد ثابت علي شاھہ جو سمورو ڪلام تفصيلي احوال سميت ترتيب ڏئي، 1984ع ۾ ’ڪليات ثابت‘ جي نالي سان شايع ڪرايو. مرزا سائل جي ڪلام مان پنج مرثيہ مرزا فتح علي بيگ ’پنج مرثيہ‘ جي نالي سان مرتب ڪري، ’بزم فتح‘ پاران 2004ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن ۽ باقي سندس سمورو ڪلام ميرزا عباس علي بيگ جي ڪتب خاني ۾ قلمي صورت ۾ محفوظ آهي. مرزا سائل حڪمت جو بہ وڏو ڄاڻو ۽ ماهر هو. هن سنڌي زبان ۾ حڪمت تي هڪ ضخيم ڪتاب ’طب مراد‘ جي نالي سان (ٻن ڀاڱن تي مشتمل) تحرير ڪيو، پر اڄ ناپيد آهي.
سندس مرثيہ خواني ۽ مذهبي خدمتن جي واکاڻ ٻُڌي خيرپور رياست جي والي مير سهراب خان کيس مرثيہ خوانيءَ لاءِ خيرپور ۾ گهرائي رهايو، جتي هو محله سيد علي رضا شاھہ ۾ جاءِ، مسجد ۽ امام بارگاھہ ٺهرائي اچي آباد ٿيو، جيڪي اڳتي هلي سندس فرزند مرزا فتح علي بيگ، حيدرآباد اچڻ وقت آخوند محمد عالم جي اولاد جي حوالي ڪيون.
مرزا مراد علي ’سائل‘، 07 سپٽمبر 1827ع تي خيرپورميرس ۾ وفات ڪئي. سندس هڪ مرثيي جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو:
هاءِ بانوءَ جو لال اُڃ ٿو مري،
تشنه لب خورد سال اُڃ ٿو مري،
طفل هو خستہ حال اُڃ ٿو مري،
اصغر نونهال اُڃ ٿو مري،
ان جي امان جا دل جلي آهي،
پينگهي وٽ بيٺي هيڪلي آهي.
1741.03.02 عيسوي
سائل مرزا جو اصل نالو مرزا مراد علي بيگ هو ۽ هو 12هين صدي هجريءَ/ ارڙهين صدي عيسويءَ جو هڪ بهترين مرثيه خوان، شاعر، حڪيم، مصور ۽ خطاط ٿي گذريو آهي. هن 02 مارچ 1741ع تي ميرزا محمد فاضل بيگ جي گھر ۾، ٺٽي ۾ جنم ورتو.
1827.09.07 عيسوي
مرزا مراد علي ’سائل‘، 07 سپٽمبر 1827ع تي خيرپورميرس ۾ وفات ڪئي.