سائل خواجو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’ٽيھہ اکريون‘ (ڀاڱو ٻيو) ۾ سائل خواجي بابت ڄاڻائي ٿو تہ: ”خواجہ حافظ سليمان التخلص سائل ڳوٺ کهڙا ضلعي خيرپور جو ويٺل هو، سندس والد جو نالو حافظ سعد ﷲ خواجو هو. هي ٻئي پيءُ ۽ پٽ قرآن مجيد جا حافظ هئا. سائل خواجو درويش صفت شاعر هو، سندس مولود، مداحون، خطبا ۽ ٽيھہ اکريون مشھور آهن. 80 ورهين جي ڄمار ۾ سائل خواجي 1940ع ڌاري وفات ڪئي.“ سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
الف اول آھہ الله، تنھنجي پٺيان پوءِ بي بس آهي،
سمجهہ سائل تون هي جڳ سارو، ترت تماشو طلسم وارو،
پاڻ ڀانئي بادشاھہ، پر ٻانهو ڀي پورو ناهي.