زڪريا عليہ السلام

زڪريا عليہ السلام: حضرت زڪرياعه تعاليٰ جو پيغمبر ۽ بني اسرائيلين جو معزز جوتشي هو، ان وقت بني اسرائيل ۾ جوتشي هڪ معزز مذهبي عهدو هوندو ۽ هن جي ذمي اها خدمت هوندي هئي تہ هو عبادت گاھہ (صخره بيت المقدس) جون مقدس رسمون پوريون ڪرائيندو هو. ان وقت مختلف قبيلن مان الڳ الڳ جوتشي چونڊيا ويندا هئا جيڪي مختلف نموني ان عبادت خاني جي خدمت ڪندا هئا.
حضرت زڪرياعه جي خاندان جي باري ۾ محققن جو خيال آهي تہ حضرت زڪرياعه،حضرت دائودعهجي سلسلي مان هو، پنھنجي روزيءَ لاءِ ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو. قرآن مجيد ۾ حضرت زڪريا جو ذڪر چئن سورتن: آل عمران، انعام، مريم ۽ سورة انبياء ۾ ٿيل آهي.
حضرت زڪرياعه، حضرت عيسيٰعه جي والدہ بيبي مريم جو رکوالو بہ هو. روايت آهي تہ بيبي مريم جي والدہ بيبي حنا اِها باس باسي هئي تہ کيس جيڪو بہ اولاد پٽ يا ڌيءَ ٿيندو، ان کي عبادتگاھہ جي نذر ڪندي. بيبي مريم جي والدہ ايئن ئي ڪيو ۽ بيبي مريم کي عبادتگاھہ(بيت المقدس) جي حوالي ڪيو. پرورش جي خرچ ۽ نگهداشت بابت جوتشين جي وچ ۾ اختلاف ٿيو ۽ ڳالھہ ڪُڻن ۽ فال تي وڃي بيٺي،
ڪڻو زڪرياعه جي نالي تي نڪتو ۽ اهو ئي مريم جو ڪفيل بڻيو. ان ڳالھہ جو ذڪر سورة آل عمران ۾ هن ريت آهي. ”زڪرياعه مريمعهجي خرچ جو بار پنھنجي ذمي کنيو ۽ تون (اي محمد صلي عليہ وسلم) انهن وٽ موجود ڪو نہ هئين. جڏهن هو پنهنجا قلم (ڪُڻا) وجهي رهيا هئا تہ انهن مان ڪير شخص مريمعهجو خرچ برداشت ڪندو ۽ نہ ئي تون انهن وٽ هئين. جڏهن اهي مريم جي خرچ کڻڻ جي معاملي ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا.“جڏهن مريمعه بالغ ٿي تہ حضرت زڪرياعه هن جي لاءِ عبادت گاھہ جي ويجهو هڪ حجرو مخصوص ڪري ڇڏيو، جتي هوءَ ڏينهن جو جي عبادت ۾ مشغول رهندي هئي ۽ رات پنھنجي ماسيءَ وٽ گذاريندي هئي. جڏهن زڪرياعه هن جي حجري ۾ ويندو هو تہ ڏسندو هو تہ هن وٽ غير موسمي ميوا رکيل آهن. هڪ دفعي تعجب مان زڪرياعه کانئس پڇيو. تو وٽ هي ميوا ڪٿان آيا. مريمعهچيو تہ هي ميوا جي طرفان آهن.“ هن ڳالھہ جو ذڪر قرآن مجيد جي سورة آل عمران ۾ هن ريت آهي: جڏهن زڪرياعه، مريمعهوٽ محراب ۾ داخل ٿيندو هو تہ هن وٽ کاڌي پيتي جو سامان ڏسندو هو. زڪريا عه پڇيو ”مريمعه! هي تو وٽ ڪٿان ايندا آهن؟“ مريمعه چيو تہ ”هي جي طرفان آهن. بيشڪ هو جنهن کي چاهي ٿو بي گمان بي حساب رزق عطا ڪري ٿو.“
ان کانسواءِ قرآن مجيد ۾ حضرت زڪرياعه جو ذڪر هن ريت آهي تہ: اي پيغمبر! هي تنھنجي پاليندڙ جي رحمت جو بيان آهي، پنھنجي ٻانهي زڪريا تي. جڏهن ان پنھنجي پاليندڙ کي ڳجهيءَ طرح سڏيو. چيائين تہ اي منهنجا پاليندڙ! منهنجا هڏا سست ٿي ويا آهن ۽ مٿي جو ٻڍاپڻ چمڪيو آهي ۽ آءٌ توکان گهرڻ ۾ ڪڏهن بہ نا اميد نہ ٿيو آهيان ۽ آءٌ پاڻ کان پوءِ پنهنجن وارثن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سنڍ آهي. سو مون کي پاڻ وٽان هڪ وارث (پٽ) عطا ڪر، جيڪو منهنجو ورثو وٺي ۽ يعقوبعه جي اولاد جو وارث ٿئي ۽ اي منهنجا پاليندڙ ان کي مقبول ڪر. خدا تعاليٰ فرمايو: اي زڪريا اسان توکي هڪ پٽ جي خوشخبري ٻڌايون ٿا، جنهن جو نالو يحييٰ آهي، هن کان اڳ ان جي نالي وارو اسان پيدا نہ ڪيو آهي. زڪريا چيو تہ اي منهنجا پاليندڙ! مون کي پٽ ڪيئن پيدا ٿيندو منهنجي زال تہ سنڍ آهي ۽ مان ٻڍاپي کي پهتو آهيان. رب فرمايو تہ ”اهو ڪم منهنجي لاءِ آسان آهي ۽ مون توکي هن کان اڳ پيدا ڪيو ۽ تون ڪابہ شيءِ ڪونه هئين“. زڪريا چيو ”اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر“! رب فرمايو: ”تنھنجي نشاني هيءَ آهي تہ تون تندرست هئڻ جي باوجود ٽي راتيون ماڻهن سان ڳالهائي نہ سگهندين“. پوءِ ذڪريا پنھنجي قوم کي مخاطب ٿيڻ لاءِ محراب مان نڪتو ۽ اشاري سان کين چيائين تہ ”صبح ۽ شام جو جي پاڪائي بيان ڪريو.“ (سورة مريم: 11).
اهڙيءَ ريت حضرت زڪرياعه کي سورة آل عمران ۽ سورة مريم ۾ حضرت يحييٰعه جي ڄمڻ جي بشارت ڏني وئي آهي. ان کانپوءِحضرت زڪرياعه وٽ حضرت يحييٰ جو ظھور ٿيو ۽ حضرت زڪريا کانپوءِ نبوت جو وارث بہ حضرت يحييٰ عه ٿيو. حضرت زڪرياعه جي شهادت جي سلسلي ۾ ابن الاثير جو بيان آهي تہ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي بعثت سان جيڪي تورات جا احڪام منسوخ ٿيا، انهن مان هڪ ڀائٽيءَ سان نڪاح بہ هو. بني اسرائيل جي هڪ بادشاھہ هيرودس پنھنجي ڀائٽيءَ سان نڪاح ڪرڻ ٿي گهريو. حضرت يحييٰعه جيئن تہ عيسوي شريعت جو پيروڪار هو، تنهن ڪري اُن اسرائيلي بادشاھہ کي ڀائٽيءَ سان نڪاح ڪرڻ کان روڪيو. بادشاھہ ڪاوڙجي حضرت يحييٰعه کي سندس عبادت خاني ۾ ئي ذبح (شھيد) ڪرائي ڇڏيو. اها خبر ٻڌي حضرت زڪرياعه هڪ باغ ۾ پهتو ۽ هڪ وڻ جي ٿُڙ ۾ وڃي پنهنجو بچاءُ ڪيائين. بادشاھہ جي ماڻهن ان وڻ کي چيري کيس بہ شھيد ڪري ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو