زين نوراني

زين نوراني

زين نوراني

زين نوراني (سياستدان): پاڪستان مسلم ليگ جي سياسي ڪارڪن زين نورانيءَ جو جنم 6 مئي 1926ع تي بمبئيءَ ۾ ٿيو. هن پنھنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ارڙهن سالن جي عمر ۾ 1944ع ڌاري بمبئيءَ مان ڪئي، جنهن بعد پاڻ بمبئيءَ ۾ مسلم ليگ جي سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. زين نوراني 1954ع کان 1950ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو ٻہ ڀيرا ميمبر رهيو 85- 1984ع تائين سنڌ حڪومت جي آبڪاري کاتي ۾ ٽيڪس جو وزير رهيو، 1985ع ڌاري وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي وفاقي ڪابينه ۾ خارجہ معاملن جو وزير ٿي رهيو. وزير خارجہ رهندي، هن پاڪستان ۽ افغانستان جي سياسي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، 1982ع ڌاري گڏيل قومن جي هڪ اجلاس ۾ هن پاڪستان جي نمائندگي بہ ڪئي، جنهن ۾ بهتر سياسي حڪمت عملي ۽ دور انديشيءَ جي ڪري کيس تمام گهڻي مڃتا ملي. سندس اهم سياسي ڪارنامن ۾ 1988ع ڌاري جنيوا معاهدي تي دستخط شمار ٿئي ٿو. هن 18 ڊسمبر 1992ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


لفظ زين نورانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.05.06  عيسوي

پاڪستان مسلم ليگ جي سياسي ڪارڪن زين نورانيءَ جو جنم 6 مئي 1926ع تي بمبئيءَ ۾ ٿيو.


1992.12.18  عيسوي

هن 18 ڊسمبر 1992ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حامد الانصاري غازي
عبدالعلي قلباڻي
سيد بدرالدين
پيرزادو زاهد حسين
امداد حسين (موسيقار)
جوڻيجو غياث الدين
دائود سيوستاني
پرڀداس ويرواڻي
امام بخاري
حال ﷲ ڪلهوڙو اول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون