زين العابدين ٺٽوي سيد

زين العابدين ٺٽوي، سيد: اديب ۽ فارسي شاعر سيد زين العابدين عرف مير لطف الله، ٺٽي جي بزرگ سيد علي شيرازيءَ جي خاندان مان هو. علم ۽ ادب ۾ ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ گهڻو مشھور هو. ٺٽي جا ماڻهو سندس علمي ادبي اهميت کي تسليم ڪندي گهڻي عزت ڪندا هئا. ٺٽي جي حاڪمن سان سندس دوستاڻا تعلقات هوندا هئا. هو پنھنجي دؤر ۾ ٺٽي جو وڏو عالم سمجهيو ويندو هو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان سندس عربي تصنيف ’حرز البشير‘ ۽ فارسيءَ ۾ شاعريءَ جو ڪتاب ’ديوان قانع‘ گهڻو مشھور آهن. پاڻ شاعريءَ ۾ ’قانع‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. هن 1719ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو