بيبي زينب رضي الله عنها جو روضو

بيبي زينب رضي الله عنها جو روضو

زينب رضي ﷲ عنها

زينب رضي عنها: بيبي زينبرضه، جناب سيدة فاطمة الزهريٰرضه ۽ حضرت علي عليہ السلام جي نياڻي هئي. ڪتاب ’اردو دائره معارف اسلاميہ‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته، بيبي زينبرضه جي ولادت 5 جمادي الاول 5 هجري/2 آڪٽوبر 626ع ۾ ٿي. بيبي صاحبہ حضرت علي عليہ السلام جي ڌيئرن مان سڀ کان وڏي نياڻي هئي. بيبي صاحبہ جو نانو جو آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي عليہ وسلم، پيءُ امير المومنين حضرت عليعه، والدہ بيبي فاطمہ الزهريٰرضه ۽ ڀائر حضرت امام حسن عليہ السلام ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام هئا. بيبي زينبرضهجي ولادت کانپوءِ رسولِ خدا حضرت محمد صلي عليہ وسلم سندس نالو ’زينب‘ رکيو. سندس پرورش والدين کانسواءِ ناني پڻ ڪئي. ڇھن سالن جي عمر ۾ پنھنجي ناني حضرت محمد صلي عليہ وسلم ۽ والدہ بيبي فاطمهرضه جي جدائيءَ جو غم مليس. والدہ سڳوريءَ جي رحلت کانپوءِ بيبي صاحبہ پنھنجي ماٽيلي ماءُ بيبي ام البنين جي پرورش ۾ رهي. حضرت امام حسينعه بيبي زينبرضه جي تمام گهڻي تعظيم ڪندو هو. جڏهن بيبي صاحبہ ايندي هئي تہ حضرت امام حسينعه اٿي بيهندو هو ۽ پنھنجي جڳھہ تي ويهاريندو هو. بيبي صاحبہ جي شادي پنھنجي سؤٽ حضرت جعفر طياررضه جي فرزند حضرت عبداللهرضه سان ٿي. عبدالله ابن جعفر طيار عرب جو مشھور سخي ۽ ڪريم هجڻ سان گڏوگڏ
امير المومنين حضرت علي عليہ السلام جو جان نثار هو. بيبي زينبرضه کي پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد هو. جن جا نالا هي آهن: عون اڪبر، عباس، ام ڪلثوم، جعفر اڪبر، علي ۽ محمد هئا. بيبي صاحبہ جي اولاد مان سندس ٻہ فرزند حضرت عون ۽ حضرت محمد ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام سان گڏ جهاد ڪندي شھيد ٿي ويا. ڪربلا جي واقعي کانپوءِ آل رسولصه کي قيد ڪري شام ۾ يزيد جي روبرو پيش ڪيو ويو، يزيد بيبي زينبرضه سميت سڀني آل رسولصه کي ٻن سالن تائين قيد ۾ رکيو، جتي حضرت امام زين العابدينعه کي بہ قيد ڪيو ويو هو. شام ملڪ ۾ قيد واري عرصي دوران حضرت امام حسين عليہ السلام جي چئن سالن جي ننڍڙي معصوم نياڻيءَ اسيريءَ جي حالت ۾ شھيد ٿي. بيبي زينبرضه، بيبي معصوم سڪينهرضه کي شام جي قيد خاني ۾ ئي دفن ڪرائي ڇڏيو.
بيبي زينبرضه حضرت عليعه جي وڏي نياڻي هئڻ سبب کيس ’عقليهء بني هاشم‘ چيو ويندو هو. ام ڪلثوم ۽ ام الحسن سندس ڪنيت ۽ صديقهء صغرا لقب هو. ڪربلا جي واقعي بعد سندس ڀائيٽي امام سجاد عليہ السلام کيس ’ام المصائب‘ جو خطاب ڏنو، ڇو تہ ايڏيون مصيبتون تاريخ ۾ ڪنهن خاتون ڪو نہ سَٺيون. بيبي صاحبہ جي عظمت اها هئي، جو حضرت امام زين العابدينعه فرمايو تہ ”انت بحمد عالمة غير معلمة و فهمة غير مفهمة (ترجمو: جو شڪر آهي جو توهان اها عالمه آهيو، جيڪا ڪنهن استاد جي محتاج نہ آهي ۽ ايترا ذهين آهيو جو ڪنهن سمجهائڻ واري جي ضرورت نہ آهي.)
حضرت امام حسين عليہ السلام سان سندن مديني کان مڪي ۽ مڪي کان ڪربلا تائين وارو سفر ڏاڍو تڪليف وارو هو. 10 محرم الحرام 61ھہ/10 آڪٽوبر 680ع تي حضرت امام حسين عليہ السلام جي شهادت کانپوءِ آل رسولصه جي يتيمن، بيواهن، ٻارن، عورتن ۽ مردن جي نگراني، ڪوفي ۽ شام ۾ سندس دين جي حمايت ۾ لاجواب خطبو، ابن زياد جي گستاخين جو جواب، شام جي بازار ۽ يزيد جي درٻار ۾ پنھنجي حقانيت ۽ واقعهءِ ڪربلا جو بيان، فصاحت و بلاغت وارا خطبا حضرت عليعه جي ياد ڏياريندا هئا. حضرت امام زين العابدينعه کي عبيد ابن زياد جي قاتلانه سازشن مان زندھہ بچائڻ بيبي صاحبہ جو ڪارنامو هو. يزيد جي قيد خاني (شام) مان آزاد ٿي سڄي قافلي سان گڏ پهرين ڪربلا ۾ حضرت امام حسينعه ۽ ٻين شهداءِ ڪربلا جي تربتن جي زيارت لاءِ آئي، ان کانپوءِ مديني اچي پهتي ۽ اتي واقعهءِ ڪربلا کي مؤثر انداز ۾ بيان ڪيائين. بيبي زينب رضہ ڪن روايتن مطابق 15 ذوالحج 63ھہ/15 آگسٽ 683ع تي رحلت ڪئي، پر شيخ جعفر نقدي ڪتاب ”زينب الڪبريٰ“ ۾ لکي ٿو ته، ’بيبي صاحبہ آچر ڏينهن 15 رجب المرجب 62ھہ/30 مارچ 682ع تي رحلت ڪئي، سندس روضو شام ۾ آهي. (حوالو: اردو دائره معارف اسلاميه، ص 568-570)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0626.10.02  عيسوي

بيبي زينبرضه، جناب سيدة فاطمة الزهريٰرضه ۽ حضرت علي عليه السلام جي نياڻي هئي. ڪتاب ’اردو دائره معارف اسلاميه‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته، بيبي زينبرضه جي ولادت 5 جمادي الاول 5 هجري/2 آڪٽوبر 626ع ۾ ٿي.


0680.10.10  عيسوي

حضرت امام حسين عليه السلام سان سندن مديني کان مڪي ۽ مڪي کان ڪربلا تائين وارو سفر ڏاڍو تڪليف وارو هو. 10 محرم الحرام 61هه/10 آڪٽوبر 680ع تي حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت کانپوءِ آل رسولصه جي يتيمن، بيواهن، ٻارن، عورتن ۽ مردن جي نگراني، ڪوفي ۽ شام ۾ سندس دين جي حمايت ۾ لاجواب خطبو.


0683.03.30  عيسوي

بيبي زينب رضه ڪن روايتن مطابق 15 ذوالحج 63هه/15 آگسٽ 683ع تي رحلت ڪئي، پر شيخ جعفر نقدي ڪتاب ”زينب الڪبريٰ“ ۾ لکي ٿو ته، ’بيبي صاحبه آچر ڏينهن 15 رجب المرجب 62هه/30 مارچ 682ع تي رحلت ڪئي، سندس روضو شام ۾ آهي. (حوالو: اردو دائره معارف اسلاميه، ص 568-570)



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صهيب رضہ بن سنان
سوده رضہ
عبدالله بن سھيل رضہ
خواجہ محڪم الدين سيراني
امام زين العابدين عليہ السلام
چشموي بزرگ
سيد عبدالله شاھہ غازي
حَسان بن ثابت
خالد بن وليد
رامانند
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون