زيد بن حارث رضہ: حضرت بن حارث رضہ'>زيد بن حارث رضہ پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جو آزاد ڪيل غلام ۽ جليل القدر اصحابي هو. سندس تعلق ڪلب قبيلي سان هو. اٺن سالن جي عمر ۾ سندس والدہ کيس ناناڻن ڏانهن وٺي وئي. جتي ڪجهہ ماڻهن حملو ڪري لٽ ڦر ڪئي ۽ ڪن ماڻهن کي ڪري پاڻ سان وٺي ويا، جن ۾ حضرت زيد بہ شامل هو. انهن طائف جي ڀر ۾ عڪاظ جي ميلي ۾ زيد کي اچي وڪيو. حضرت خديجهرضه جي ڀائٽي حڪيم بن حزام خريد ڪري پنھنجي پڦي خديجهرضه کي تحفو اچي ڏنو، جڏهن حضرت خديجهرضه جو پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن سان نڪاح ٿيو، تڏهن هن زيد کي پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي خدمت ۾ هديو ڪري پيش ڪيو، ان وقت زيد جي عمر پندرهن سال هئي. ٿوري وقت کانپوءِ زيد جي مائٽن کيس ڳولي اچي لڌو ۽ پاڻ ڪريمن کي عرض ڪيائون تہ جيتري چاهيو رقم وٺو پر زيد اسان کي موٽائي ڏيو. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم فرمايو تہ زيد جيڪڏهن اوهان سان هلڻ چاهي تہ مان رقم وٺڻ کانسواءِ ان کي ڇڏي ڏيندس، پر جيڪڏهن هو مون وٽ رهڻ چاهيندو تہ آءُ اهڙو شخص نہ آهيان جو ان کي هروڀرو ڪڍي ڇڏيان. ان کانپوءِ زيد کي گهرائي ان جي مرضي معلوم ڪئي وئي. زيد مائٽن سان وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ مان پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم کي ڇڏي ڪنهن وٽ بہ وڃڻ نٿو چاهيان. پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم انهي وقت ان کي آزاد ڪري ڇڏيو. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جڏهن نبوت جو اعلان ڪيو تہ حضرت خديجهرضه کان پوءِ ٻيو حضرت زيدرضھہو، جنهن جلد دست بعيت ٿي ايمان آندو. حضرت زيدرضه جو پهريون نڪاح حضرت زينبرضه سان ٿيو، پر ڪجهہ اڻبڻت سبب طلاق ٿي وئي. ان بعد ان ام ڪلثوم بنت عقبه سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس زيد ۽ رقيه پيدا ٿيا. ان کانپوءِ ان جو نڪاح ذره بنت ابي لھب سان ٿيو، پر ان انهن ٻنهي کي بہ طلاق ڏني ۽ پوءِ هند بنت عوام ۽ پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي آزاد ڪيل ٻانهيءَ ام ايمنرضه سان بہ شادي ڪيائين. ام ايمنرضه مان ان کي اسامهرضه پيدا ٿيو. حضرت زيد بھادر سپاهي هو. بدر کان وٺي موته تائين هو سڀني جنگين ۾ شريڪ ٿيو ۽ جنگ موته ۾ شهادت ماڻيائين.