زيب النساءَ

زيب النساءَ

زيب النساءَ2

زيب النساءَ: مشھور سنڌي لوڪ فنڪارہ زيب النساءِ نوابشاھہ جي غريب آباد محلي ۾ جنم ورتو. زيب النساءَ گائيڪيءَ جي بنيادي سکيا ننڍي هوندي کان پنھنجي ماءُ کان ورتي. گائيڪيءَ جي دنيا ۾ سندس ڳايل پهرين ڪافي ’اديون منهنجو پنھل وٺي ويا‘ کيس شھرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. اڳتي هلي ملڪ جي ناليوارن فنڪارن استاد محمد جمن، جيجي زرينا بلوچ، اُستاد محمد يوسف ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن سان ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ نہ فقط فن جو مظاهرو ڪيائين پر وڏي شھرت حاصل ڪيائين. سندس گيت آڊيو ڪيسٽن ۽ ريڊيو جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو