زوهيب آريسر

زوهيب آريسر: شاعر، اديب، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن زوهيب آريسر جو اصل نالو عبدالقادر ولد عبدالرحيم آريسر آهي. سندس جنم 04 جولاءِ 1972ع تي ڳوٺ ڄارڪي، ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو. سندس اصل ڳوٺ مولوي ثناءَ آريسر، تعلقو عمرڪوٽ آهي. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مولوي ثناءَ جي پرائمري اسڪول مان 1983ع مان، مئٽرڪ هاير سيڪنڊري اسڪول ڇور مان 1988ع ۾، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان 1990ع ۾، ايم. اي پوليٽيڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1994ع ۾ ۽ ايم. اي سنڌي 1998ع ۾ ڪئي. شاگرديءَ واري دور کان جي. ايم. سيد جي فڪر سان لاڳاپجي ويو ۽ ان ئي سرگرميءَ هيٺ ادب ڏانهن لاڙو ٿيس. 1988ع کان نظم توڙي نثر ۾ ‘زوهيب’ جي نالي سان لکڻ جو آغاز ڪيائين. زوهيب ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 2001ع ۾ ڇور ۾ ‘ڀٽائي ادبي فورم’ جو بنياد وڌو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت، شاخ نيو ڇور جو 1995ع کان ميمبر آهي. ‘بزم ادب صوفي فقير’ لاءِ 1994ع کان 2005ع تائين سينيئر نائب صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدن تي رهيو. سنڌ ڪلچر ايسوسيئيشن ضلعي عمرڪوٽ جو 1992ع کان 1998ع تائين لاڳيتو ٽي ڀيرا صدر چونڊيو ويو.
سندس شاعريءَ توڙي ادبي ۽ سياسي سماجي موضوعن تي تحريرون روزاني ڪاوش، ڪوشش، برسات، عوامي آواز، سنڌ، تعمير سنڌ اخبارن کان سواءِ ڪينجهر، سنڌ رنگ ڊائجسٽ، امرتا، ساڃاھہ، مهاڏو، سُرت (ڪراچي)، عبرت مئگزين ۽ ٻين ڪيترن سنڌي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هن نامور صوفي شاعر ايوب فقير آريسر جو ڪلام ‘ايـوب فـقـيـر جو رسالو’ جي نالي مرتب ڪيو، جيڪو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ طرفان 2018ع ۾ ڇپيو.
زوهيب آريسر جي شاعريءَ جو ڪتاب ‘تون، مان ۽ سنڌ’ ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي. پاڻ هن وقت ڳوٺ مولوي ثناءَ ۾ پرائمري استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ زوهيب آريسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو