زوار نقوي

زوار نقوي

زوار نقوي

زوار نقوي: مشھور ليکڪ زوار حسين نقويءَ جو تعلق جھانيان جي سادات گهراڻي سان آهي. هن 1962ع ۾ سيد ويڌل شاھہ جھانيان نقويءَ جي گهر ٽنڊو جھانيان حيدرآباد ۾ جنم ورتو. زوار نقويءَ پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ ٽنڊي جھانيان مان ئي حاصل ڪئي. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان 1977ع ۾ انٽر ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪيائين. سچل سرمست آرٽس ڪاليج جي شاگرد يونين جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ حيدرآباد ضلعي جي ڪاليج يونين مان چونڊجي آيلن جي انٽر ميڊيٽ ڪاليجز باڊي ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو جنهن جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. هن ’ٻارن جي محفل سنڌ‘ جو بنياد وڌو ۽ ٻارن لاءِ ڪتابي سلسلو بہ شروع ڪيو. زوار نقويءَ جا مضمون، ڪالم، ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن رسالن ۾ شايع ٿيا. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’زندگي او زندگي‘، شاعريءَ جو ڪتاب ’پل پل چراغ شام‘ ۽ ناوليٽ ’رات رني ڪوٽ ۾‘ شايع ٿي چڪا آهن. هن ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب ترتيب ڏنا جن ۾ روزانہ ’ڪاوش‘ حيدرآباد پاران شايع ٿيندڙ ’ڪهاڻي‘ ڪتابي سلسلي وڏي مقبوليت ماڻي. زوار نقوي نئين زندگي حيدرآباد جو ڪيتري عرصي لاءِ ايڊيٽر بہ رهي چڪو آهي. پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيڻ بعد ليڪچرار مقرر ٿيو. ان کانپوءِ اسسٽنٽ پروفيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن ۽ ڊي. او ايليمينٽري ڄامشورو، ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن ٿرپارڪر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص ريجن پڻ رهي چڪو آهي. زوار نقوي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جو ڪجهہ سال سيڪريٽري بہ رهيو.
زوار نقوي ريڊيو حيدرآباد تي پروگرام ڪرڻ کانسواءِ اسٽيج ناٽڪ بہ ڪري چڪو آهي. زوار نقوي روزانہ ’آفتاب‘، ’عبرت‘، ’سنڌو‘، ’مهراڻ‘ ۽ ’ڪاوش‘ اخبارن سان وڏو عرصو لاڳاپيل رهيو آهي. هن ’سنڌي ادبي فورم‘ قائم ڪري ڪيتريون ادبي تقريبون منعقد ڪرايون. زوار نقوي جھانيان درگاھہ، ٽنڊي جھانيان جو سجادہ نشين بہ آهي.


لفظ زوار نقويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو