زهر مهرو

زهر مهرو: زهر مهري کي عربيءَ ۾ حجر اسم، فارسيءَ ۾ ياد زهر معدني ۽ سنڌيءَ ۾ زهر مهرو چئبو آهي. هي سائي رنگ جي پھڻ جو قسم آهي. هي سڀني قسمن جي زهرن جي ترياق آهي. دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو. خفقان ۽ چريائيءَ لاءِ مفيد آهي. ان کي گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي پيارجي تہ الٽين، وبائي دستن، گهڻي اڃ ۽ وات جي خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. قوت باھہ کي پيدا ڪري ٿو.رئيس عضون ۽ روح لاءِ مقوي آهي.


لفظ زهر مهروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو