زندہ پير جي مزار
زندہ پير جي مزار: نوشڪيءَ کان 40 ميل اوڀر ۾ (بلوچستان) زندھہ پير نالي بزرگ جي مزار موجود آهي. هن بزرگ جو نالو سيد محمود آهي. هن پير لاءِ روايت آهي تہ جيڪو بہ قافلو هتان لنگهندو آهي، اهو نذرُ نياز ڏيندو آهي. سنڌ ۾ اُڏيري لال کي بہ ’زندہ پير‘ چوندا آهن.