
زندگي هڪ مرڪ
زندگي هڪ مرڪ (ڪتاب): هيءُ مشھور ڪهاڻيڪار غلام رسول ڪلهوڙي جي مزاحيہ ۽ طنزيہ ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو ليکڪ جي مزاحيہ ڪهاڻين جو ٻيو نمبر مجموعو آهي. جڏهن تہ سندس مزاحيہ ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’ويرون ۽ لهرون‘ 1969ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد ڇپايو هو. جڏهن تہ هيءُ ٻيو مجموعو ادارہ آواز ادب طرفان رسول بخش خمار نومبر 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو انتساب سنڌ جي ڏاهن اديبن محمد ابراهيم جويي، تنوير عباسي ۽ ظفر حسن شاھہ جي نالي ڪيل آهي. جن جي همت افزائيءَ ۽ اُتساھہ سبب کيس سنڌي ادب جي وسيع کيتر ۾ پير پائڻ جو موقعو مليو. ڪتاب جي ليکڪ ’ماڻهو ۽ مُرڪ‘ جي عنوان سان ٻہ اکر لکيا آهن، جنهن ۾ هن ڪتاب ۾ شامل چوڏهن مزاحيہ ڪهاڻين بابت لکيو آهي تہ هنن ڪهاڻين جو مقصد ڪنهن کي نصيحت يا فهمائش ڪرڻ نہ آهي. هن دؤر جو انسان پاڻ ئي عاقل، بالغ آهي. هن ڊيمي سائيز جي 117 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.