زندگي

زندگي (Life): زندگي مادي ۾ تبديليءَ جو مظهر آهي، جيڪا ڪيميائي تبديليءَ ۽ ارتقا جي عملن وسيلي ظاهر ٿي. وجود بعد حيات (زندگي) مختلف قسمن جي جاندارن ۾ ورهائجي وئي، انسان پڻ زندگيءَ (حيات) جي هڪڙي صورت آهي، زندگيءَ کي چُرپُر جي اصطلاح طور ورتو وڃي ٿو، جنهن سان ڀڃ ڊاهه وارو عمل (Metabolism)، واڌ ويجهه (Growth)، ٻاهرين ماحول کان حساسيت (Sensuality) ماحول سان مطابقت ۽ تناسل (پنهنجو نسل وڌائڻ) واريون خاصيتون هُجن. زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ پهرين زندگيءَ جي شروعات ۽ ڪائنات جي تخليق جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
ابتدا ۾ ڪائنات جي ڪنهن به مادي ۽ ان جي توانائي جي ڪا به ڄاڻ نه هئي، پوءِ سائنسدانن اندازو لڳايو ته 15 بلين سال اڳ ۾ هڪڙو زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن کي بگ بئنگ (Big Bang) چئجي ٿو. ان کانپوءِ ڌرتيءَ جو گول ٻين گرهن کان الڳ ٿي ٿڌو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ شمسي نظام جا ٻيا گرهه به هڪ سرشتي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ڌرتيءَ جڏهن ٻين گرهن کان الڳ ٿي هڪ شڪل اختيار ڪئي ته ڪيترن ورهين تائين ڌرتيءَ جي گولي تي هائڊروجن گئس جا تهه موجود هئا، جنهن کانپوءِ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي گئسن جو رد عمل شروع ٿيو، جنهنڪري ڪيترائي عنصر وجود ۾ آيا. ان دور ۾ زميني ماحول ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪاربان مونو آڪسائيڊ، نائٽروجن ۽ هائڊروجن تي مشتمل هو ۽ آڪسيجن کُليل ماحول ۾ نه هئي. ڌرتيءَ جو گرمي پد جڏهن گهٽيو ته اهي گئسون ڄمي ويون ۽ ڪڪرن جو روپ اختيار ڪيائون، جنهنڪري ڌرتيءَ جي گولي تي شديد بارشن جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن ڪري سمنڊ وجود ۾ آيا. اُن دؤر ۾ بارشن ۽ گجگوڙ/کنوڻ ۽ الٽرا وايوليٽ ريڊيئشن (Ultra Violet Rediation) جي ڪري گئسن جو پاڻ ۾ رد عمل شروع ٿيو جنهن سان هڪڙو سادو نامياتي ماليڪيول
(Simple Organic Molecule) وجود ۾ آيو، جيڪو برساتي ڦڙين وسيلي، سمنڊن ۽ مٽيءَ ۾ وڃي ڪريو ۽ ساڳي حالت ۾ سالن تائين موجود رهيو. جنهن مان زندگيءَ جي ڏسڻ ۾ نه ايندڙ مادن ’الجي‘ ۽ پروٽوزا (Protoza) سرجڻ شروع ڪيو يا وري انهن نامياتي ماليڪيولن ڪافي عرصي کانپوءِ امائينو ايسڊس (Amino Acids) ۽ پروٽين
(Protein) کي وجود ۾ آندو. جيڪي زندگيءَ جي شروعات جو ذريعو بڻيا.
ميٿين (Methane) امونيا (Ammonia) هائڊروجن (Hydrogen) ۽ پاڻيءَ (H2O) جي مُرڪبن مان بجليءَ جي شعاعن گذرڻ سان، امائينو ايسڊس (Amino Acids) سان ملي، کنڊ (Sugar) سڻڀ (Fats) ۽
ڊي. اين. اي (D.N.A) کي جنم ڏنو، جيڪي زندگيءَ جا بُنيادي ايڪا آهن. زندگيءَ جي شروعاتي حالت کُليل (آزاد) پروٽين جي دائري يا رائبو نيو ڪلئڪ ايسڊ (R.N.A) وانگر هئي، جنهن کانپوءِ اُن جي چوڌاري هڪڙو پردو وجود ۾ آيو جنهن سان سيل (Cell) يعني جيوگهرڙو ٺهيو. اُن دؤر ۾ زمين جي کُليل ماحول ۾ آڪسيجن موجود ڪانه هئي پر جيوگهرڙي (Cell) آڪسيجن کانسواءِ (Anaerobic) ساهه کنيو ۽ ٻين نامياتي مادن کي جذب ڪري توانائي حاصل ڪئي. گڏوگڏ جيو گهرڙو غير جنسي پيدائشي عمل ذريعي پنهنجو نسل به وڌائيندو رهيو.
اُهو جيوگهرڙو جيڪو زندگيءَ جو بُنيادي ايڪو هو/آهي ۽ هڪ جاندار پڻ آهي سو اڳتي هلي خود رُو (Autotrophic) جاندار بڻجي ويو، جنهن سج جي روشني مان پنهنجو کاڌو تيار ڪرڻ شروع ڪيو.
سج جي روشنيءَ مان کاڌو تيار ڪرڻ واري روشنائي ترڪيب
(Photosynthesis) واري عمل ۾ گهڻي انداز ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ٿيندي آهي ۽ آڪسيجن خارج ٿيندي آهي، جنهنڪري اُن عمل جاندارن لاءِ جياپي جا رستا کولي ڇڏيا. زندگيءَ جي ارتقائي عمل ۾ وڌيڪ تيزي تڏهن آئي جڏهن ڪجهه جاندارن/جيوگهرڙن، جنسي پيدائش جو سلسلو شروع ڪيو. لکين سالن کانپوءِ ريڙهيون پائيندڙ جانور، ڊائنوسار ۽ وڏا اُڏامندڙ پکي منظر عام تي آيا، اُهي جاندار زندگيءَ جي ارتقائي مرحلن ۽ حياتيات جي اصولن مان گذري عروج تي پهتا، اهو سلسلو لکين سال هليو، جنهن کانپوءِ نوان ٻوٽا ۽ کير پياريندڙ جانور نمودار ٿيا. هن ئي دؤر ۾ جيوگهرڙي هڪ نئين ارتقا ڪري ماڻهوءَ جي غير واضح شڪل اختيار ڪئي. لکن سالن کان وٺي حياتيءَ جي ارتقا يا جيوت جي اوسر ۾ جياپي جي جنگ کٽڻ جي صلاحيت (Survival Of Fittest) وارو اصول عمل ۾ رهيو. ان اصول جي آڌار تي هر اهڙو جاندار زندهه رهيو، جنهن حالتن ۽ ماحول آڌار پاڻ کي هيرائي ڇڏيو. حيات (زندگي) کي هڪ اهڙو عمل چئي سگهجي ٿو جيڪو عدم ترتيب (Disorder) مان ترتيب (Order) کي جنم ڏيندو آهي. ترتيب جو اهو عمل جيوگهرڙي (Cell) کان شروع ٿيندو آهي ڇو ته جيوگهرڙو زندگيءَ جو بُنيادي ايڪو آهي. ترتيب جي اُنهيءَ سلسلي ۾ کوڙ سارا جيوگهرڙا (Cells) ملي هڪ تاندورو (Tissue) ٺاهين ٿا ۽ پوءِ گهڻا تاندورا ملي هڪڙو عضوو (Organ) جوڙين ٿا ۽ مختلف عضوا پاڻ ۾ ملي هڪڙو جسم (Body) ٺاهين ٿا ۽ هڪ جسم ئي ڪنهن جاندار جي وجود جو سبب آهي.
جـانـدار ۾ ٿـيـنـدڙ ميٽابوليزم (Metabolism) ڀڃ ڊاهه وارو عمل غير جاندار مواد جي مُرڪبن سان جيوگهرڙي جا جُزا ٺاهيندو آهي ۽ نامياتي
(Organic) مادي جي ملڻ سان جيوگهرڙن جي عملن ۾ ضروري توانائي مُهيا ڪندو آهي، اهڙي مُرڪبي عمل جي شرح گڏجڻ واري عمل جي شرح کان وڌيڪ هوندي آهي، جنهن ڪري جيوگهرڙا هڪ مان ٻه ۽ ٻن مان چار ٿيندا آهن ۽ جاندارن جي جسامت ۾ اضافو يا واڌ ڪندا آهن. ماحول مان ملندڙ اشتعال تي رد عمل زندگي (حيات) جي هڪڙي ٻي صفت آهي، جيوگهرڙي جو جاندارن ۾ اهو رد عمل معمولي ۽ سادي حرڪت تي مبني آهي ۽ بناوتي پيچيدگي وڌڻ سان گڏوگڏ اهو رد عمل به پيچيده ٿيندو ويندو آهي. ماحول سان مطابقت اختيار ڪرڻ وارو عمل جاندارن جي خصلت يا عادت ۾ شامل آهي ۽ اهو ئي ارتقائي عمل جو بُنياد به آهي. هڪ جيوگهرڙو پنهنجي زندگيءَ جي هڪ خاص مرحلي تي ورهائجي ٻن حصن ۾ ٽٽي يعني ٻن جيوگهرڙن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. اهو عمل نسل وڌائڻ وارو عمل آهي. زندگي هڪ بي جان مادي (Matter) کان ئي شروعات ڪئي هئي. هاڻوڪين حالتن پٽاندر زندگي فقط پهرين کان موجود زندگيءَ مان وجود ۾ اچي سگهي ٿي. زندگي سڀني نامياتي جسمن جي مخصوص سرگرمين لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ گڏيل اصطلاح آهي جنهن ۾ قديم حياتياتي صورتن، ٻوٽن ۽ جانورن سميت سڀني ساهوارن جون سرگرميون شامل آهن.
حيات يا زندگيءَ جي ڪا مڪمل تعريف ڪرڻ مُشڪل آهي پر چئي سگهجي ٿو ته هڪ جسم يا وڌڻ ويجهڻ وارو عمل ايستائين زندهه تصور ڪيو وڃي ٿو، جيستائين اهو پيدائش (پيدا ڪرڻ) ۽ ڀڃ ڊاهه (ختم يا ٻئي هنڌ منتقل) وارا ٻئي عمل سر انجام ڏئي سگهندو هجي، اهي ٻئي عمل جيوگهرڙن (Cells) جي اندر ٿين ٿا. صرف وائرس ئي مٿين ڪيل تعريف کان الڳ آهي، وائرس صرف جزوي طور زندهه جسم آهي، وائرس ۾ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ته هوندي آهي پر توانائي کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت نه هوندي آهي. زندگيءَ جي حوالي سان هڪ مرڪزي سوال اهو به آهي ته ڪافي حد تائين ته اهو به چيو وڃي ٿو ته تاريخ جي ابتدا ۽ ٻاهرين ذريعن کان توانائي حاصل ڪري توليد (پيدائش) جي عمل کي هلائڻ وارا ڪجهه نظام وجود ۾ آيا هوندا. ٻيو اهو به چيو وڃي ٿو ته فطري انتخاب جو ڊارون وارو اصول، انهي عمل ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو، مطلب ته توانائيءَ مان ڪم وٺندڙ نامياتي ماليڪيولن کي هٿي ملي، اِهو خيال ڪنهن حد تائين معقول به آهي ڇو ته فطري انتخاب ذريعي ارتقائي عمل جي پئمائش پنهنجي ماليڪيولز يا جينز جي نقل تيار ڪرڻ لاءِ ڪنهن زندهه نظام جي صلاحيت سان ٿئي ٿي. جيوگهرڙي ۾ قسمين قسمين ٿيڻ وارين تبديلين کي فطري انتخاب جو نتيجو تصور ڪيو وڃي ٿو. زندگيءَ جي نمايان ۽ مرڪزي خاصيت نسل وڌائڻ آهي، جنهن ڪري ئي ان جو تسلسل قائم آهي پروٽوزئا جهڙوڪ جيوگهرڙي (هڪ سيل وارو) جاندار به زندگيءَ جي حوالي سان اهي افعال پيش ڪري ٿو، اُهي ئي عمل سر انجام ڏي ٿو، جيڪي پيچيده تاندورن ۽ عضوون سان ڀريل انسان سر انجام ڏي ٿو. وائرس ۽ بيڪٽريا جهڙن تمام ننڍڙن ۽ باريڪ جاندارن ۾ به زندگيءَ جا اوصاف اهڙيءَ طرح موجود آهن جهڙي طرح وهيل ۽ ريڊ ووڊ ٽري
(Red Wood Tree) جهڙن تمام وڏن جاندارن ۾ موجود آهن. زندگي يا حيات جي ماهيت کي سمجهڻ جي ڪوششن ۾ حياتي ڪيميا، حياتي طبعيات ۽ اُن سان ملندڙ جُلندڙ مضمونن جنم ورتو آهي.
زندگيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا بابت مختلف مذهبن ۾ مختلف خيال موجود آهن. قرآن شريف ۾ زندگيءَ جي ابتدا بابت آهي ته...
وَجَعَلنَا مِنَ المَآءِ کُلُ شَيءِ حَيّ اَفَلاَ يُؤمِنُونَ (سورة النبياءِ آيت 30)
ترجمو: ”۽ سڀ ڪنهن جيئري شيءِ کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيوسون ۽ پوءِ ڇو نه ايمان آڻيندا آهن.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو