زلف پيرزادو

زلف پيرزادو

زلف پيرزادو

زلف پيرزادو: صحافي، تجزئي نگار ۽ ليکڪ زلف پيرزادي جو اصل نالو امام بخش ولد عبدالرحيم پيرزادو آهي. هن 10 نومبر 1960ع تي، ضلعي لاڙڪاڻي جي مشھور ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ٻلھڙيجي ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. شاگرديءَ جي دور ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ٻہ ڀيرا جيل ويو. جيل مان نڪرڻ بعد ڪي ايم سي جي صحت واري شعبي ۾ نوڪري ڪئي، پر 1988ع ۾ لساني فساد دوران سندس گهر تي حملو ٿيو، جنھن ۾ سندس هڪ دوست شھيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. اُن کان پوءِ هو نوڪري ڇڏي صحافت سان جڙيو. صحافت جي شروعات روزاني ’پڪار‘ سکر ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي. اُن کان پوءِ هو مختلف اخبارن: سنڌ، هلچل، تعمير سنڌ ۽ الک سميت عوامي آواز ميڊيا گروپ ۾ ڊپٽي ايڊيٽر نيوز (عوامي آواز) رهيو. سياسي حوالي سان سنڌ نئشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن، ڊي ايس ايف ڪراچي ۽ سنڌ هاري ڪميٽي (ٻلھڙيجي) جي نظرياتي اڳواڻ طور پڻ ڪم ڪيو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ انقلابي گيتن کي جديد انداز ۾ ڳائڻ واري وائيسز گروپ جو بہ حصو بڻيو. ان کان علاوہ ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ۽ PFUJ جو ميمبر پڻ رهيو. سندس ڌي ورثا پيزادو پڻ صحافتي شعبي سان لاڳاپيل آهي. 28 جنوري 2024ع تي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين ٻلھڙيجي ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.11.10  عيسوي

صحافي، تجزئي نگار ۽ ليکڪ زلف پيرزادي جو اصل نالو امام بخش ولد عبدالرحيم پيرزادو آهي. هن 10 نومبر 1960ع تي، ضلعي لاڙڪاڻي جي مشھور ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ جنم ورتو.


2024.01.28  عيسوي

زلف پيرزادي 28 جنوري 2024ع تي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين ٻلھڙيجي ۾ ٿي



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور سومرو
سھيل سانگي
فقير منٺار مڱريو
اعظم ڀٽي
اختر بلوچ 2
جميل احمد ميمڻ
سيد سردار علي شاھہ ذاڪر
رضا آڪاش خاناڻي
طارق قريشي
اسلم خواجا
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون