
زرقون
زرقون (Zircon): شفاف قسم جو خوبصورت جواهر، جيڪو هيري سان گهڻي مشابهت رکي ٿو. زرقون دراصل فارسيءَ جي لفظ ’زرگن‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سونهري رنگ (Golden Colour). زرقون هيري جي نقل طور استعمال ٿئي ٿو. تراشجڻ وقت هن جي رنگ روپ ۾ ايتري تہ چمڪ اچي ٿي، جو هيري وانگر نظر اچي ٿو. ڪيميائي ماهيت جي اعتبار کان هيءُ زرقونيم جو سليڪيٽ هوندو آهي. زرقون ڪيترين ئي شڪلن ۾ ملن ٿا، جھڙوڪ گول، ٽڪنڊا، بيضوي وغيرہ. هيري جي مقابلي ۾ هيءُ نرم جواهر آهي، هن جي سختيءَ جو درجو
(Degrees of Hardness) 745 آهي جڏهن تہ ثقل اضافي
(Refractive Index) 442 کان 447 آهي، جيڪا هيري کان گهڻي گهٽ آهي. زرقون مختلف رنگن جا ٿين ٿا، پر شفاف، پيلا ۽ ڳاڙها زرقون ئي جواهرن طور استعمال ٿين ٿا. جواهرن جي ماهرن موجب رنگن جي لحاظ کان زرقون جا هيٺيان ٻہ قسم ٿين ٿا:
هئسنٿ يا جئسنٿ (Hayecinath or jasinth): هي ڳاڙهي
پيلي زعفراني يا ڀوري رنگ جا شفاف زرقون هوندا آهن، جن کي
گئوميد Guomedac سڏيو ويندو آهي.
جارگون (Gargon): هي شفاف يا نيري رنگ جا زرقون ٿيندا آهن. رنگين زرقونن کي گرم ڪرڻ سان سندن رنگ ڦٽي يا بلڪل ختم ٿي وڃن ٿا. جواهرات جي استعمال لاءِ سٺا زرقون، سريلنڪا، برما، ٿائيلنڊ، اسپين، ڪمبوڊيا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيرہ ۾ ملن ٿا. زرقون منڊين، ڀرت ۽ سنڌي ٽوپين ۾ بہ استعمال ڪيو وڃي ٿو.