
زرغار محله مسجد
زرغار محله مسجد: زرغار محله، ضلعي بدين ۾ گزري پٿر سان تعمير ٿيل مراڪش طرز تعمير جي هيءَ نئين مسجد مقامي سوناري محمد علي زرغار تعمير ڪرائي. هن مسجد جي تعمير ۾ مجموعي طور گزري پٿر جي استعمال سان نهايت ئي نفيس ۽ خوبصورت ڪم ڪيو ويو آهي. مسجد چورس ايراضيءَ تي مشتمل آهي. مهاڙ واري ديوار ۾ نوڪدار ونگ سان مکيہ لنگهہ آهي، جنهن ۾ لوهي ڄاري جو دروازو نصب آهي. در جي چؤڌاري خوبصورتيءَ لاءِ درجا بہ درجا چورس پينل ڏنل آهي ۽ مٿان ديوار تي اُڪريل انداز ۾ گنبذ نما تاج ۽ ٻہ ننڍا مينار ٺهيل آهن. مٿس معمولي ڇڄو ڏنل آهي، جنهن جي مٿان ننڍو اٺڪنڊو گنبذ ٺهيل آهي، گنبذ جي ڀرسان وچولي ڊيگهہ جو هڪ چورس مينار، جن جي وچ ۾ نوڪدار ونگ سان مستطيل شيشا نصب آهن. مينار مٿان درجابنديءَ سان چورس پليٽون ڏئي وري چوڪنڊي ۽ مستطيل شڪل ڏئي مٿان ننڍڙي گنبذڙي ڏني وئي آهي. وچولي گنبذ مٿان ڦاراؤن ليڪون ۽ نيل ٺهيل آهي. مکيہ دروازي جي ڀت جي هڪ طرف چار عدد مستطيل ڳڙکيون آهن، جن ۾ ڪاٺ ۽ شيشي جون دريون نصب آهن. پاسن کان چٽساليءَ وارا ٽائيل بہ مزين آهن. گنبذ واري ڇت مٿڀري، جڏهن تہ ٻي ڇت ڪجهہ قدر هيٺ آهي. هيٺين ڇت جي هڪ ڪنڊ تي چورس طرز جو ساڳيو، پر ننڍو مينار ٺهيل آهي. مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي ڏاڪا آهن. ٻاهرين ديوارن جي هيٺين حصي تي اڀريل سرن ۽ مٿئين حصي تي سرن وانگر ليڪا ڏنل آهن. هيءَ مسجد سادگي ۽ خوبصورتيءَ جي ڪري بدين ضلعي ۾ گهڻي مشھور آهي.