زرعي ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ٽنڊو ڄام: 1962ع ۾ سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام جي استادن ۽ شاگردن هيءَ ڊرئميٽڪ سوسائٽي ٺاهي، جنهن ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر عبدالغني پيرزادي جي سرپرستيءَ هيٺ هر سال ڊراما ۽ فنڪشن ڪرايا. شروعاتي دور ۾ هن سوسائٽيءَ رميش ڄاڃاڻيءَ جو ڊرامو ’انٽرويو‘ ۽ م. ع. ڏيپلائيءَ جو’شاهدي‘ ناٽڪ پيش ڪيا. ان کانپوءِ ڪاليج جي شاگرد محمد يوسف پنهور، جيڪو هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو مکيہ ليکڪ ۽ هدايتڪار بہ هو، ان جا لکيل ناٽڪ ’عمر مارئي‘، ’ڪاڪ محل‘، ’سسئي پنھون‘، ’واديءَ مهراڻ‘، ’هوشو‘، ’سنڌڙيءَ تان صدقي‘، ’ابوالحسن‘، ’گويهء اعظم‘، ’پرمتڙيو مهمان‘، ’اڃا ڪي آهين‘، ’ڪمرو نمبر 10‘ ، ’ڪوارٽر نمبر 10‘ ۽ ’بنگلو نمبر 10‘ سٺي انداز سان پيش ڪيا، جيڪي تمام گهڻو مقبول ٿيا. آخري ٽنهي ناٽڪن نمبر 10 جي سيريز ۾، ڪاليج جي واقعن تي اصلاحي طنز ۽ مزاح سان ڀرپور جائزو پيش ڪيو ويو هو. اسٽيج سيٽنگ، ملبوسات ۽ رائيٽنگ ڪنٽرول جو ذمو محمد يوسف پنهور ۽ سجاد ڀٽيءَ جو هو، هن سوسائٽيءَ جا مشھور اداڪار هئا: مشتاق چنگيزي، بدرالدين سومرو، نثار علي هڪڙو، علي اڪبر شاھہ، عبدالرحيم پنهور، قاسم رند، علي محمد يوسفاڻي، نور الدين عباسي، بخشل عباسي، محمد امين خاصخيلي، رهبر ڀٽي، محمد صديق ميمڻ،غلام اڪبر پنهور، غلام سرور پنهور، بشير احمد شاھہ، مير محمد پيرزادو، محمد خان لوهار، شفيق چنا، محمد حسن چنا، صدرالدين سومرو، محمد عمر چنڊ، سترامداس، مختار قريشي، فقير محمد جماڻي، اي. ايڇ ابڙو، سجاد ڀٽي ۽ محمد يوسف پنهور.